muhammad khan abru

نوان سياسي اتحاد ۽ سنڌ جو آئيندو

تمام تر تڪيلفن کي منهن ڏئي هر دور ۾ پاڻ ملهائيندڙ ۽ پاڻ مڃائيندڙ آصف علي زرداري مفاهمتي پاليسي واري سياست تي نه فقط عبور رکي ٿو پر ان حوالي سان کيس مخالف مڃتا به ڏين ٿا، سندس انهيء ساڳي خصلت ۽ خاصيت کي سنڌ جا ماڻهو وري منفي انداز ۾ پيش ڪن ٿا ۽ تنقيد ڪن ٿا، مثال طور پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت ۾ پنجاب جي چوهدري صاحبان سان هٿ ملائڻ يا وري ماضيء ۾ ايم ڪيو ايم سان اتحاد وارن عملن تي تمام گهڻي تنقيد ٿيندي رهي آهي، پر اسان جي تنقيدن ۽ تبصرن وقت حقيقتن جي اکين تي پٽيون ٻڌل هونديون آهن ۽ اسان جي هڪ طرفي تنقيد مان لڳندو ايئن آهي ته ڄڻ اسان نقاد گهٽ هجون پر پيپلز پارٽي سان ازلي دشمني رکندڙ ڪي سندس دائمي دشمن هجون. پر آصف علي زرداري توڙي ان جي مفاهمتي سياست جا حامي ان موقف جا رهيا آهن ته ملڪ کي اڳتي ڌڪڻ لاء هر وقت هر ماڻهوء لاء سياست جا سڀ در کليل هجڻ گهرجن، يعني ملڪي مفاد ۾ سياسي اڳواڻن جون دليون ڪشاديون هجڻ گهرجن. پر آصف زرداري جا مخالف ۽ خاص طور تي سنڌ جا ڪجھ اهي قوم پرست جن سالن جا سال سنڌ ۾ سياست ته ڪئي آهي پر اهي عوام ۾ يعني سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ اڃان سوڌو ڪابه جاء ٺاهي سگهڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهيا آهن اهي پيپلز پارٽي جي ان مفاهمتي عمل تي ڇتي تنقيد ڪندا رهيا آهن، پر سندن ان تنقيد جي پٺيان لڪل پ پ سان سندن بغض ان وقت کليي نموني نڪري نروار ٿيڻ لڳي ٿو جڏهن مفاهمت جي اهڙي ساڳي سياست ڪندڙ اينٽي پ پ جي عملن ۽ اتحادن تي اهي يا ته مڪمل طور تي خاموش ٿي ويندا آهن يا وري ان جو حصو ٿي ويندا آهن. تازو ئي نواز– شجاعت ۾ 15 سالن جا ويڇا ختم ٿيڻ بعد سندن ملاقات ٿي آهي ۽ سندن وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ٿيو آهي، اخباري ۽ ميڊيائي خبرن موجب چوڌري شجاعت 10 قومي ۽ 22 صوبائي سيٽون گھريون آهن جن تي سندن ملاقاتون ۽ فيصلا اڃان ٿيڻا آهن. اوهان ڏسو ته نواز ليگ ۽ ق ليگ اڳواڻن جي پاڻ ۾ جيڪا مخالفت رهي آهي سا ذري گهٽ دشمني جهڙي رهي آهي، پر وقت سان گڏ اهي به پاڻ ۾ گڏجي رهيا آهن. ق ليگ ته پ پ جي فقط مخالف هئي، پر ن ليگ کي ٻه اڌ ڪرڻ واري ق ليگ جو چوهدري شجاعت ۽ نواز شريف وقت جي ضرورت موجب اڄ گڏجي رهيا آهن. آئون هتي سندن گڏجڻ جي حمايت ۽ مخالفت نٿو ڪريان ۽ اهو بحث الڳ ٿو سمجهان پر چوڻ اهو ٿو چاهيان ته اهڙو عمل اگر پ پ ڪري ٿي ته ان تي سخت اعتراض ۽ تنقيد ٿيڻ لڳي ٿي پر ساڳيو ڪم اگر ڪو ٻيو ڪري ته ان تاڙيون وڄائڻ لڳن ٿا. اوهان کي ياد هوندو ته نواز شريف آخري ڀيرو 2009 ۾ چوڌري شجاعت جي ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ وٽس ويو هو. نواز شريف ڪجھ ڏينهن اڳ تقريبن 15 سالن کانپوءِ چوڌري شجاعت سان ملڻ سندس رهائشگاهه پهتو، جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ ايندڙ چونڊن بابت مشاورت ڪئي وئي، ان دوران پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف چوڌري شجاعت کي سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي دعوت ڏني، ظاهري طرح ايئن هيو پر اندروني طور ڪافي معاملا طئه ٿي چڪا هئا پر ميڊيا ۾ ملاقات کي بسظابڀه سياسي اندازو ڏيڻ لاء ميان نواز شريف جي دعوت تي چوڌري شجاعت حسين مطالبو ڪيو ته جن سيٽن تان اسان جا ماڻهو کٽي آيا هئا، نه رڳو اهي ڏنيون وڃن پر گجرات، سيالڪوٽ، منڊي بهاوالدين ۽ حافظ آباد ۾ به سيٽون ڏنيون وڃن. خبرن موجب ن ليگ ۽ ق ليگ وچ ۾ پنجاب اسيمبلي جي ٽن ۽ قومي اسيمبلي جي ٻن سيٽن تي مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي. في الحال اهو طئه ٿيو آهي ته جتي جتي هڪ ٻئي جي پوزيشن مظبوط هوندي اتي اتي هڪ ٻئي جي سامهڳن اميدوار نه بيهاري فقط پ پ ۽ پي ٽي آء کي منهن ڏنو ويندو بعد ۾ پاڻ ۾ حڪومتي حصو پتي طئه ڪيو ويندو، تازي جيڪا ملاقات ٿي آهي ان ۾ نواز شريف اپريل 2022ع ۾ عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ۽ پوءِ پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي به مسلم ليگ ق جي قيادت جا ٿورا مڃيا جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن ماضي جي خوشگوار يادن کي به تازو ڪيو. ملاقات جي اندروني ڪهاڻي موجب مسلم ليگ ق پنجاب مان ڀرپور حصو گھريو آهي، جنهن ۾ 10 کان وڌيڪ قومي ۽ 22 صوبائي سيٽون شامل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته چوڌري شجاعت حسين ميان صاحب کي چيو ته مسلم ليگ ن کي اسان کي وڌيڪ موقعو ڏيڻ گھرجي، اسين گڏجي پنجاب ۾ پي ٽي آءِ، پيپلزپارٽي ۽ آءِ پي پي جو مقابلو ڪري سگھون ٿا. مسلم ليگ جو ووٽ ن يا قاف جي چڪر ۾ ضايع نه ٿيڻ گھرجي، گڏجي هلڻ سان برڪت ٿيندي. چوڌري شجاعت کيس اهي ڏوراپا به ڏنا ته پي ڊي ايم حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي اسان جي خاندان ۾ ڏڦيڙ پيو پر اسان کي پنهنجي سياسي ۽ خانداني فيصلن تي افسوس نه آهي، چيو پيو وڃي ته مسلم ليگ ن ۽ ق ليگ جي گڏيل ڪاميٽي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جوڙي ويندي، جيڪا سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي سمورن معاملن تي ٻنهي پارٽين جي اعليٰ قيادت کي تجويزون پيش ڪندي. اهو ئي نه پر نگران حڪومت جڙڻ وقت ئي ن ليگ سڀ کان پهرين ان ايم ڪيو ايم سان هٿ ملايو جيڪا ماضيء ۾ سندس سڀ کان وڌيڪ مخالف به رهي آهي، ايم ڪيو ايم جيڪا سنڌ جي ورهاست جي حامي آهي ان سان هٿ ملائڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن وفاق ۾ ن ليگ جي حڪومت هجي ۽ سنڌ ۾ پ پ جي هجي تڏهن به ايم ڪيو ايم کي ڪنهن طرح سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري سگهجي، حالانڪه پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي مختلف طريقن سان ڪجھ عرصي کان اقتدار کان ٻاهر ڪري سندس چيلھ چٻي ڪري ڇڏي هئي جنهن کان پوء پهريون ڀيرو ڪراچي مان پي ٽي آء ،پ پ ۽ ٻيون جماعتون به سيٽون کٽڻ لڳيون هيون پر ان سموري معاملن کان پوء حيراني جي ڳالھ اها آهي ته سنڌ ۾ سالن کان پ پ تي تنقيدن جا تير وسائيندڙ اسان جا بي حال قوم پرست هن وقت به پ پ کي پنهنجو دشمن سمجهن ٿا ۽ ايم ڪيو ايم سان هٿ ملائيندڙ ۽ ق ليگ سان اتحاد ڪندڙ ن ليگ جي حمايتي جي ڊي اي سان ته گڏ ويٺا آهن پر پ پ سان سندن دشمني گهٽجندي نظر نٿي اچي. ٿورو غور ڪريو ته سيوهڻ ۾ جلسا ڪندڙ سيد زين شاھ ۽ ڪنگري هائوس تي وڃي ملاقاتون ڪندڙ اياز لطيف پليجي واري جي ڊي اي ۾ هن وقت ڪير ڪير سنڌ جا سڄڻ ويٺا آهن؟ هڪ طرف قوم پرست سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪندڙن کي پنهنجو دشمن ٿا سمجهن ته ٻئي طرف ڪالا باغ ڊيم جي سڀ کان وڏي حامي لياقت جتوئي کي ڀاڪر پائڻ وارا به ساڳيا قومپرست ڀائر ئي آهن. اهو ئي نه ور سندن اڳواڻ اهو ارباب رحيم به رهيو آهي جنهن مشرف دڳر ۾ سنڌ کي ايم ڪيو ايم جي پيرن ۾ رکي ڇڏيو هيو. خير پاڻ وارن قوم پرستن جي اهڙن پرڪارن جي ڪري ئي عوام کين هر ڀيري ڪجھ همدري کان سواء ووٽ وغيره ڏيڻ کان معذرت خواھ ئي رهيو آهي، جنهن ڪري ئي هنن ويچارن به عوام مان آسرا لاهي ڪنگري هائوس، ٻيٽي جتوئي جي اوطاقن ۽ هالن واري ڀائو بشير ميمڻ جا وڃي پاسا ورتا آهن پر سوال اهو آهي ته جن ماڻهن کي سڄي ساري سنڌي قوم سڃاڻي ٿي ڇا انهن کي اهي سينئر ۽ تجريبيڪار سياستدان نه سڃاڻندا هوندا؟ بلڪل سڃاڻندا هوندا پر هر پارٽي ۽ سياسي ڌر کي ووٽن سان گڏ اهڙا ماڻهو به گهربل هوندا آهن جيڪي ڪاڪڙا ڦاڙي سندن لاء نعرا هڻڻ سان گڏ سندن لاء دانشوراڻا دليل به گهڙي سگهن. باقي جيڪڏهن پاڻ مجموعي حوالي سان سنڌ جي سورن جي ڳالھ ورجايون ته اهي سور گهٽجڻ بدران ويتر وڌندي نظر اچي رهيا آهن، وفاقي حڪومت هر دور ۾ سنڌ کي فتح ٿيل علائقو سمجهي پنهنجيون پاليسيون وضح ڪندي ٿي رهي، تازو وفاقي حڪومت پاران تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منصوبي جي منظوري جون تياريون ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منظوري نيشنل اڪنامڪس ڪائونسل ايڪنڪ جي ايجنڊا ۾ به شامل ڪئي وئي آهي ۽ ايڪنڪ جو اجلاس 11 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي، خبرن موجب نگران وفاقي حڪومت، سنڌ صوبي جي اعتراضن کي رد ڪندي اڳوڻي پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 منصوبي جي منظوري وارو مامرو لاڳاپيل فورم يعني سي سي آءِ ڏانھن اماڻڻ واري فيصلي کي به نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منظوري نيشنل اڪنامڪس ڪائونسل ايڪنڪ جي اجلاس مان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، ياد رھي ته پي ڊي ايم جي حڪومت دوران سنڌ حڪومت جي اعتراضن کان پوءِ گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منصوبي کي لاڳاپيل فورم يعني سي سي آءِ کي اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو. پنجاب حڪومت پاران گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 منصوبي تحت چوبارا برانچ ڪئنال تعمير ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آھي. جيڪو لئه، ڀڪر، خوشاب ضلعن ڏانھن گذرندو، اهڙي ريت سنڌ جو بچيل سچيل پاڻي به چورائڻ لاء مڪمل رتا ڀندي ڪئي وئي آهي هاڻي اهو دور پري ناهي جو اسين سنڌ جا سياسي ۽ معاشي حق گهرڻ بدران رڳو پيئڻ لاء پاڻي گهرنداسين ۽ جيئڻ واري جنگ ۾ مهو هونداسين. اهو سڀ ڪجھ رڳو ان ڪري آهي جو هن ملڪ ۾ انصاف جي نالي واري ڪابه شيء ڪانهي، ملڪ جي آئين ۾ ڀلي ته ڪي اوڻايون هجن پر ان ۾ قومن جا حق غضب ڪرڻ وارو ڪوبه نقطو شامل ناهي پر هتي آئين ۽ قانون کي پائمال ڪرڻ جي ريت پراڻي آهي، قومن کي ته ڇڏيو پر هن ملڪ ۾ فردن جا طئه ٿيل حق به کين نٿا ملن نتيجي ۾ عام ماڻهو انصاف جي اوسيئڙي ۾ ڌڪا کائي کائي مري وڃي ٿو. ٿورو اندازو لڳايو ته جنهن ملڪ ۾ ملڪ جو وزير اعظم اڻ ڪيل گناھ جي ڏوھ ۾ ڦاهي تي چڙهي ويندو هجي ۽ عدالتن جا سزا يافتا ڏوهاري وڏي طم طراق سان آزاد ٿي ٻاهرين ملڪن ۾ هليا وڃن اتي هڪ عام ماڻهوء کي ڪهڙو انصاف ملندو. انصاف کان عاري اهڙي ملڪ ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کي عدالتي قتل قرار ڏيڻ بابت صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ڪندي، چيو پيو وڃي ته ريفرنس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿيندي، ياد رهي ته 2 اپريل 2011 تي پيپلز پارٽي جي حڪومت اُن وقت جي صدر آصف زرداري ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بابت ريفرنس داخل ڪرايو هو، اُن وقت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پنهنجي سربراهي ۾ 11 رڪني لارجر بينچ جوڙي، جنهن 3 جنوري 2012 کان 12 نومبر 2012 تائين ڪيس جون 6 ٻڌڻيون به ڪيون پر ڪو فيصلو نه ڪري سگهي، هاڻ تقريبن 11 سال جي ڊگهي عرصي کانپوءِ ريفرنس ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ 1979ع ۾ هڪ فيصلو ڏنو هو جنهن تحت محمد احمد خان قصوري قتل ڪيس ۾ ذوالفقار ڀٽو کي 5 جولاءِ 1979ع تي ڦاهي ڏني وئي هئي، ان وقت ضياءَ الحق جي حڪومت هئي، لاهور هاءِ ڪورٽ ڦاهي جو فيصلو ڏنو هو جنهن کي سپريم ڪورٽ به برقرار رکيو هو. نه رڳو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پر مير مرٿضي’ ڀٽو قتل ڪيس به اٿلايو ويو آهي ۽ ان کان علاوه شهيد بينظير ڀٽو جو ڪيس پڻ فائلن ۾ بند پيل آهي، اهي ۽ ان جهڙا ٻيا انيڪ ڪيس جن جو ڪڏهن به ڪو فيصلو اچي نه سگهيو آهي.
هاڻي جڏهن سال سوا لاء سپريم ڪورٽ جو هڪ ايماندار جج چيف جسٽس بڻيو آهي تڏهن اهڙا ڪيس ٻيهر کلڻ ته لڳا آهن پر سوال اهو آهي ته انهن ڪيس جا فيصلا ڪير ڪندو؟ ۽ جيڪر تاريخ ۾ اهڙو ڪو انوکو فيصلو اچي به ويو ته ان تي عمل ڪير ڪرائيندو؟

13 تبصرے “نوان سياسي اتحاد ۽ سنڌ جو آئيندو

  1. I would claim that a true assistance is involved in producing excellent posts. It’s my first time visiting your website, and I’m amazed at how much research you did to produce such a fantastic article. Fantastic work!

  2. I was recommended this website by my cousin. I am not sure whether this post is written by him as nobody else know such detailed about my difficulty. You are wonderful! Thanks!

  3. It seems like you’re repeating a set of comments that you might have come across on various websites or social media platforms. These comments typically include praise for the content, requests for improvement, and expressions of gratitude. Is there anything specific you’d like to discuss or inquire about regarding these comments? Feel free to let me know how I can assist you further!

  4. Thank you for reaching out! If you have any specific questions or topics in mind, please feel free to share them, and I’ll do my best to assist you. Whether you’re curious about a particular technology, scientific concept, literary work, or anything else, I’m here to provide information, advice, or engage in a discussion. Don’t hesitate to let me know how I can help you further!

  5. I genuinely enjoyed the work you’ve put in here. The outline is refined, your written content stylish, yet you appear to have obtained some apprehension regarding what you wish to deliver thereafter. Assuredly, I will return more frequently, akin to I have almost constantly, provided you maintain this climb.

  6. What a fantastic resource! The articles are meticulously crafted, offering a perfect balance of depth and accessibility. I always walk away having gained new understanding. My sincere appreciation to the team behind this outstanding website.

  7. https://maps.google.hn/url?q=https%3A%2F%2Fbatmanapollo.ru%2F%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9%2F https://maps.google.hr/url?q=https%3A%2F%2Fbatmanapollo.ru%2F%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9%2F https://maps.google.ht/url?q=https://batmanapollo.ru/%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9/ https://maps.google.hu/url?q=https%3A%2F%2Fbatmanapollo.ru%2F%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9%2F https://maps.google.iq/url?q=https://batmanapollo.ru/%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9/ https://maps.google.is/url?q=https://batmanapollo.ru/%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9/ https://maps.google.it/url?q=https%3A%2F%2Fbatmanapollo.ru%2F%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9%2F https://maps.google.jo/url?q=https://batmanapollo.ru/%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9/ https://maps.google.ki/url?sa=i&url=https://batmanapollo.ru/%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9/ https://maps.google.kz/url?q=https%3A%2F%2Fbatmanapollo.ru%2F%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9%2F https://maps.google.la/url?q=https://batmanapollo.ru/%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9/ https://maps.google.li/url?q=https://batmanapollo.ru/%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9/ https://maps.google.lt/url?q=j&source=web&rct=j&url=https://batmanapollo.ru/%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9/

    https://maps.google.lv/url?sa=t&url=https://batmanapollo.ru/%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9/ https://maps.google.mg/url?sa=t&url=https%3A%2F%2Fbatmanapollo.ru%2F%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9%2F https://maps.google.mk/url?sa=t&source=web&rct=j&url=https://batmanapollo.ru/%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9/ https://maps.google.ml/url?q=https://batmanapollo.ru/%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9/ https://maps.google.mu/url?q=https://batmanapollo.ru/%D1%81%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%BE%D0%BA-%D0%B7%D0%B0%D0%BF%D0%B8%D1%81%D0%B5%D0%B9-%D0%BE%D0%B1%D0%BD%D0%BE%D0%B2%D0%BB%D1%8F%D0%B5%D0%BC%D1%8B%D0%B9/

    https://images.google.ru/url?q=https%3A%2F%2Fbatmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ https://moderopt.ru/bitrix/redirect.php?goto=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ http://beacon.necotracks.jp/nt0038/log_lpo_click.php?url=https%3A%2F%2Fbatmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ https://www.dairyculture.ru/bitrix/redirect.php?goto=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ http://alt1.toolbarqueries.google.com.mt/url?q=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/

    https://xn--80aaaa6aqdsf6a6c.xn--p1ai/bitrix/redirect.php?event1=click_to_call&event2=&event3=&goto=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ http://cse.google.co.ls/url?sa=t&url=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ http://tehnostandart.com/bitrix/redirect.php?goto=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ http://www.rtkk.ru/bitrix/rk.php?goto=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ http://kabklad.ru/bitrix/redirect.php?goto=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/

    http://hosted.mo1send.com/6ESU?domain=batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ https://www.google.at/url?q=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ http://davidpawson.org/resources/resource/416?return_url=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ https://vdbuh.ru:443/bitrix/redirect.php?event1=click_to_call&event2=&event3=&goto=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ http://www.dsl.sk/article_forum.php?action=reply&forum=255549&url=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/

    https://www.onesky.ca/?URL=batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ http://www.howtotrainyourdragon.gr/notice.php?url=https%3A%2F%2Fbatmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ https://electrocolombia.net/modificar-registro-de-la-empresa?nid=5390&element=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ http://atheismcorner.com/?redirect=https%3A%2F%2Fbatmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ https://shop.viewsonic.ru/bitrix/redirect.php?goto=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/

    https://altranatura.ru/bitrix/redirect.php?goto=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ https://www.elite-moscow.ru/bitrix/redirect.php?event1=click_to_call&event2=&event3=&goto=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ https://profil-okno.ru/bitrix/rk.php?goto=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ https://isonex.ru/bitrix/rk.php?goto=https://batmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/ http://fr.knubic.com/redirect_to?url=http%3A%2F%2Fbatmanapollo.ru/%d0%b2%d0%b7%d0%b0%d0%b8%d0%bc%d0%be%d0%b4%d0%b5%d0%b9%d1%81%d1%82%d0%b2%d0%b8%d0%b5/

اپنا تبصرہ بھیجیں