ڇا ايندڙ اليڪشن وارن بيلٽ پيپرن ۾ بيٽ جو نشان هوندو؟

عام چونڊن جي حوالي سان يقينن هي اهم فيصلو سامهون آيو آهي ته ملڪ ۾ 8 فيبروري تي جنرل اليڪشن ٿي رهي آهي، هن کان اڳ مختلف قياس آرايون هلي رهيون هيون جن ۾ چيو پئي ويو ته هي نگران حڪومت سال ڏيڍ کان اڳ ڪڏهن به واپس نه ويندي. جيتوڻيڪ 8 فيبروري تي اليڪشن ٿيڻ واري فيصلي باوجود ڪجھ ڌريون اڃان به غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي اهو چئي رهيون آهن ته اڃان به ممڪنه طور تي چونڊون ڪنهن وقت به ملتوي ٿي سگهن ٿيون، پر اوهان کي ياد هوندو ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان آئون اڳ به ڪيترائي ڀيرا اهو چئي چڪو آهيان ته ن ليگ توڙي سگهاريون ڌريون اهو چاهين ٿيون ته جيترو ٿي سگهي اوترو عام چونڊن واري تاريخ کي پوئتي ڌڪجي ڇاڪاڻ ته کين اڃان تائين ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان عمران خان جي کٽڻ جو خوف دل ۾ ويٺل آهي.
پر ساڳي ڳالھ دهرايان ٿو ته اهو تڏهن ئي ممڪن هجي ها جڏهن موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ موجود نه هجي ها.
ٿي سگهي ٿو ته قاضي فائز عيسي’ جي چيف جسٽس جي مقرري وقت سگهارين ڌرين ۽ سندس وچ ۾ ڪن خاص نقطن تي اتفاق به ٿيو هجي جنهن تحت هو هڪ ٻئي جي ڪن مخصوص مفادن جي ڇيڙچاڙ نه به ڪن پر وري به قاضي فائز عيسي’ پنهنجي ماضيء واري ارڏي ڪردار سبب ڪريڊبلٽي جوڙي آهي جنهن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هو ڪنهن حد تائين وري به ڪنهن جو اثر قبولڻ وارو ماڻهو ناهي، اهو ئي سبب آهي جو ن ليگ توڙي سگهارين ڌرين جي خواهش هجڻ باوجود هن اليڪشن ڪميشن کي سوڙهو ڪيو ته هوء اليڪشن جي حتمي تاريخ جو اعلان ڪري جنهن کان پوء صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ تي صحيح ڪئي جنهن جو دستاويز اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو.
ان کان اڳ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 90 ڏينهن اندر چونڊن واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي صدر سان مشاورت جو حڪم ڏنو هيو جنهن بعد سپريم ڪورٽ جي حڪم تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين اختيارين صدر سان ملاقات ڪئي ۽ 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. چيف جسٽس جي حڪم تي اٽارني جنرل گڏجاڻي جي منٽس تي صدر کان صحيح ڪرائڻ بعد اهڙو دستاويز به عدالت آڏو پيش ڪيو جنهن کان پوء باظابطه طور اعلان ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون خميس جي ڏينهن 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. ٻڌايو پيو وڃي ته اليڪشن ڪميشن صدر کي چونڊن لاءِ 28 جنوري، 4 فيبروري ۽ 11 فيبروري جون تاريخون ڏنيون هيون، اهي تاريخون موڪل وارو ڏينهن ڏسي ڏنيون ويون هيون ڇاڪاڻ ته 28 جنوري، 4 ۽ 11 فيبروري تي آچر هجي ها، ڳالهين جي پهرين دور ۾ صدر سان ملاقات دوران چونڊن جي تاريخ تي اتفاق نه ٿي سگهيو هيو. ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ 11 فيبروري تي عام چونڊن جي تاريخ ڏني هئي. ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته 29 جنوري تي تڪ بندين سميت سمورا انتظام مڪمل ٿي ويندا ۽ 8 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿينديون. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل طرفان تفصيلن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 3 کان 5 ڏينهن حتمي فهرستن ۾ لڳندا ۽ 5 ڊسمبر تي حتمي فهرستون مڪمل ٿي وينديون. صدر ۽ اليڪشن ڪميشن جي اتفاق کان پوء چيف جسٽس واضح طور چئي ڇڏيو آهي ته هاڻي حالتون ڪهڙيون به ڇونه هجن پر اليڪشن جي تاريخ ۾ ڪا به ڦير ڦار نه ٿيندي.
اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ بعد دلچسپ صورتحال اها آهي ته پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي جي ظاهر ڪيل رد عمل مان ته اها خبر پوي ٿي ته اهي صرف چونڊون چاهين ٿا پر ان حوالي سان ن ليگ جي خاموشي وري ڪجھ ٻيو ٻڌائي رهي آهي.
هر جهموري پارٽي ۽ سڄاڻ ماڻهو اهو سمجهي ٿو ٿه چونڊون نه ٿينديون ته نه پارليامينٽ هوندي نه قانون ٺهندا، ان ڪري وقت سر چونڊون ئي حقيقي جهموريت جي ضمانت آهن.
ياد رهي ته اسيمبليون 9 آگسٽ تي ٽٽيون هيون ۽ آئين موجب ٽن مهينن اندر اليڪشن لازمي ٿيڻي هئي پر نگران حڪومت جا وزير ان ناڪامي کي به پي ٽي آء جي ڳچيء ۾ وجهي رهيا آهن ۽ چون ٿا ته اليڪشن ڪرائڻ لاء صدر کي خط لکڻ کپي ها جيڪو هن وقت سر نه لکيو پر سپريم ڪورٽ ان حوالي سان واضح موقف اختيار ڪيو آهي ته جيڪا به آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي ان جا ذميوار حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ صدر هوندا ۽ آئين جي ڀڃڪڙي صدر ڪري يا اليڪشن ڪميشن، ان تي ارٽيڪل 6 لڳندو. اها ڳالھ به ڪنهن حد تائين درات آهي ته جنهن ڏينهن قومي اسيمبلي ٽٽي هئي ان ڏينهن صدر تاريخ ڏئي ها ته ڪير به اعتراض نه واري ها.
بحرحال هاڻي جڏهن چونڊن جي تاريخ جو حتمي ۽ فائنل اعلان ٿي چڪو آهي تڏهن يقينن ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي لاء پڻ هڪ چئلينج سامهون آهي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آء کي ظاهري طرح ته ديوار سان لڳايو ويو آهي پر ان ڳالھ کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته ماڻهن جي هڪ وڏي آبادي اڄ به عمران جي سپورٽر آهي، ان ڳالھ ۾ شايد ئي ڪو ماڻهو شڪ ڪري ته عمران خان اڄ به ماڻهن مقبول ليڊر آهي البته ن ليگ جي اها ڪوشش هئي ته اهڙي اليڪشن ٿئي جنهن جي بيلٽ پيپر ۾ بيٽ جو نشان ئي نه هجي.
ن ليگ جي اها خواهش پوري ٿيندي نظر نٿي اچي پر ان باوجود حالتون عمران جي حق ۾ به ناهن، پر پنجاب ۾ بيٽ ۽ شينهن وچ ۾ وڏو مقابلو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، پنجاب ۾ پ پ به پنهنجو ميدان خالي ناهي ڇڏيو، سنڌ ۾ ته پيپلز پارثي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مظبوط ٿيندي ٿي وڃي، تازو لاڙڪاڻي جي انڙ خاندان جا اهم ماڻهو به پ پ ۾ شامل ٿيا آهن جڏهن ته ويجهي مستقبل ۾ وڌيڪ سنڌ جي مختلف ضلعن مان اهم سياسي ڌرين جي پ پ ۾ شموليت جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. ان حساب سان هن وقت ن ليگ جي مد مقابل پارٽي پي ٽي آء نه پر پيپلز پارٽي ئي آهي جن وچ ۾ ڇڪتان واري صورتحال پڻ پيدا ٿيندي پئي وڃي.
ملڪ ۾ اليڪشن جي اعلان کان پوء ملڪي حالتون به اهميت رکن ٿيون جتي افغانين جي نيڪالي واري مهم پڻ هلندڙ آهي، هن مهم تحت پنجاب مان ته ڪنهن حد تائين افغانين جي نيڪالي واريون سرگرميون نظر اچن پيون پر افسوس سان چوڻو پيو پئي ته سنڌ ۾ افغانين کي ملڪ مان نڪري وڃڻ جي ڏنل ڊيڊلائين ختم ٿي وڃڻ باوجود عملي طرح ڪي به قدم کڄندي نظر نٿا اچن، ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس افغانين آڏو بيوس ۽ لاچار نظر اچي رهي آهي جڏهن ته جتي جتي به افغاني گهٽ تعداد ۽ ڪمزور پوزيشن ۾ آهن اتي به پوليس پاران ڪوبه تحرڪ نه وٺڻ واري صورتحال حيران ڪندڙ آهي، ڪراچي کان پوء ڄامشوري ضلعي ۽ ٺٽي ضلعي ۾ هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ افغاني رهن ٿا پر انهن جي نيڪالي لاء هيل تائين فقط اعلانن ۽ پمفليٽن کان اڳتي ڳالھ چري ناهي سگهي، جڏهن ته پنجاب ۾ اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو آپريشن جاري آهي، چمن تي ظاهري طرح هزارين غيرقانوني پرڏيهي ڏيهه واپسي لاءِ عارضي ڪيمپن ۾ ترسيل آهن ۽ افغانستان روانا به ڪيا پيا وڃن. بلوچستان مان سندن انخلا جاري آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته الٽيميٽم ڏيڻ کان پوءِ 1 لک 65 هزار کان وڌيڪ افغان شهري واپس موٽي ويا آهن. ڪراچي جي سپرهاءِ وي واري علائقي ۾ آپريشن ڪري گھر گھر تلاشي وٺڻ بعد فقط 200 کن غيرقانوني ترسيل پرڏيهي گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ايجنسي جو چوڻ آهي ته افغان شهرين جي واپسي جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا ۽ انهن جي حياتين کي خطرا به پيش اچي سگهن ٿا. افغانستان جي صورتحال تي 8 ملڪن ۽ يورپي يونين به گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته غير دستاويزي افغانين جي رجسٽريشن جو نظام تيار ڪيو وڃي ۽ تحفظ جي طلبگار افغانين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. آمريڪي پرڏيهي کاتي ان حوالي سان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ٻيا ملڪ افغان پناهگيرن لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪن. هوڏانهن افعانستان جي نائب وزيراعظم ملا عبدالسلام حنفي افغان پناهگيرن جي پاڪستان مان بي دخلي کي عالمي قانونن جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب افغانستان جي نائب وزيراعظم ملا عبدالسلام حنفي طورخم بارڊر جو دورو ڪيو جتي هن پاڪستان کان ايندڙ افغان پناهگيرن بابت صورتحال جو جائزو ورتو. ملا عبدالسلام حنفي چيو ته پاڪستان مان افغان پناهگيرن جي بي دخلي عالمي قانونن ۽ اصولن جي خلاف آهي. هن موجب موجوده افغان حڪومت پاڪستان کان آيل پناهگيرن جي چئلينجز کي حل ڪرڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي پر ان حوالي سان عام ماڻهن ۾ پاڪستان خلاف سخت نفرت جو اءهار ڪيو پيو وڃي، سندس چوڻ هو ته پناهگيرن جي زبردستي بي دخلي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.
هڪ اندازي موجب سنڌ ۾ ڪراچي سميت 80 لک کان مٿي افغاني رهندڙ آهن پر حيرتناڪ حد تائين ڪارواين ۾ انتظاميا پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ غيرقانوني پناهگيرن خلاف ٿيل آپريشن ۾ هيل تائين فقط ٻه سئو کن گرفتار ٿيا آهن جن مان 120 افغانين کي 4 بسن ۾ افغانستان لاءِ روانو ڪيو ويو. خميس واري ڏينهن پوليس سهراب ڳوٺ ۽ آسپاس وارن علائقن سرچ آپريشن ڪيو، شڪ جي بنياد تي ڪيترن ئي ماڻهن کي چيڪ ڪيو ويو، ايس ايس پي اوڀر موجب 50 شڪين کي حراست ۾ وٺي حاجي ڪيمپ ۾ قائم هولڊنگ سينٽر منتقل ڪيو ويو. اختيارين موجب هن وقت تائين هولڊنگ سينٽر ۾ 262 افغاني آندا ويا ، جن ۾ 201 مرد، 25 عورتون ۽ 36 ٻار شامل هئا پر جاچ پڙتال بعد 80 ماڻهن کي هولڊنگ سينٽر تي رکيو ويو. اختيارين موجب هولڊنگ سينٽر مان 120 افغانين کي 4 بسن ۾ سوار ڪري پوليس سيڪيورٽي۾ چمن بارڊر لاءِ روانو ڪيو ويو. هڪ طرف سنڌ پوليس اهو چوندي رهي آهي ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ اڪثريت افغاني پٺاڻن جي ملوث رهي آهي ته ٻئي طرف وري افغانين کي گلدستا ڏئي وڏي شان ۽ مان سان ملڪ مان ڪڍيو پيو وڃي. افغانين جي ڏيھ نيڪالي واري معاملي تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر پاران افغانين جي حمايت ۾ پٽيشن دائر ڪرڻ تي پڻ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي تي ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي جنهن تي پيپلز پارٽي قيادت کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي.
افغانين واري اشو سان گڏ عالمي حالتون پڻ امڪاني طور تي ايندڙ اليڪشن تي اثر انداز ٿي سگهن ٿيون پر ان حوالي سان پاڪستان جو ڪردار انتهائي بي حسي وارو بڻجي ويو آهي، هن وقت فلسطين جي 22 لک آبادي واري شهر غزه کي مڪمل طور تي مٽيء جي ڍير ۾ تبديل ڪري اجتماعي قبرستان بڻايو ويو آهي پر پاڪستان جا ان حوالي سان چپ سبيل نظر اچن ٿا، نه رڳو پاڪستان پر سموري عرب دنيا فقط مذمتي بيانن تائين محدود بڻيل آهي. مسلمانن جي خاموشي واري عالم ۾ هالي ووڊ جي اداڪارا انجيلينا جولي ته غزا ۾ اسرائيل جي فضائي بمباري کي ڦاٿل آبادي تي ڄاڻي واڻي بمباري ۽ قتل عام قرار ڏئي ٿر پر عرب دنيا ۽ مسلمان ملڪن جا چپ سبيل آهن. انجيلينا جولي سوشل ميڊيا تي اسرائيلي جارحيت جي تصوير شيئر ڪندي لکيو آهي ته هيءَ هڪ اهڙي بي وس آبادي تي ڄاڻي واڻي بمباري آهي، جنهن وٽ ڀڄڻ يا وڃڻ لاءِ به ڪا جاءِ ناهي. هن اسرائيلي جارحيت جي حوالي سان لکيو آهي ته غزا تقريبن ٻن ڏهاڪن کان هڪ کليل فضا ۾ قيد آهي ۽ تيزيءَ سان اجتماعي قبر بڻجندو پيو وڃي، مرندڙن ۾ 40 سيڪڙو معصوم ٻار آهن ۽ هتي سمورن خاندانن کي قتل ڪيو پيو وڃي. انجيلينا جولي عالمي اڳواڻن تي تنقيد ڪندي چيو ته دنيا ڏسي رهي آهي ۽ فلسطينين کي اجتماعي طور سزا ڏني وڃي ۽ انهن سان غير انساني ورتاءُ ڪيو پيو وڃي. انجلينا جوليء جو بيان هتي شيئر ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته فلسطين ۾ برپا ڪيل قيامت تي يهودي عام ماڻهو، ڪرسچنس ۽ سمورا غير مسلم ته وري به آواز اٿاري رهيا آهن پر مسلم امه ماٺ ۾ آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اسان جي مسلمان ڀائر فلسطينين مٿان بمباري ٿي رهي هجي ۽ ملڪ ۾ افغانين کي ڪڍڻ جي وڏي مهم هلندڙ هجي تڏهن ٽن مهينن کان پوء ٿيندڙ عام اليڪشن جي ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو سوال به پيدا ٿي سگهي ٿو پر ان کان به وڏو سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اليڪشن ٿئي به ٿي ته پوء انهن چونڊن ۾ سوڀارو ڪير ٿيندو؟
ڇا پي ٽي آء ۽ پ پ گڏجي ن ليگ سان حساب برابر ڪنديون يا اليڪشني بيلٽ پيپرن ۾ بيٽ جو نشان هوندوئي نه؟

ڇا ايندڙ اليڪشن وارن بيلٽ پيپرن ۾ بيٽ جو نشان هوندو؟” ایک تبصرہ

  1. I see You’re actually a just right webmaster. This site loading speed is amazing. It seems that you are doing any unique trick. In addition, the contents are masterwork. you’ve done a magnificent job on this subject! Similar here: bezpieczne zakupy and also here: Dobry sklep

اپنا تبصرہ بھیجیں