Muhammad Khan Abro

اٽي لپ لاء واجهائيندڙ ماڻهن جو نيٺ ڇا ٿيندو؟

هن ملڪ جا ماڻهو سريلنڪا جي قوم جهڙا ناهن جيڪي مهانگائيء خلاف اٿي پون ۽ وقت جي حڪمرانن جا تخت ۽ تاج جا ترا ڪڍي ڇڏين، هن ملڪ جا ماڻهو ته مهانگائيء جي چڪيء ۾ پيسجندڙ اها مخلوق آهي جنهن ڄڻ ته بک ۽ بدحاليء کي لکيي جو ليک سمجهي سڀ معاملا مقدر جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن نتيجي ۾ بجليء جا بل ڀرڻ عيوض عورتن پاران عصمتون لٽائڻ جهڙيون شرمناڪ خبرون اچڻ باوجود نگران حڪومت تيل جي اگهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن جا اثر سڌو سنئون زندگيء جي هر ڪار ونهوار ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي اگهن تي پوڻ وارا آهن، هيلوڪي ڪيل مهانگائي بعد ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول جي قيمت 300 رپين کان وڌي وئي، اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 305 رپيا ۽ ڊيزل جي 311 رپيا ٿي وئي. 15 ڏينهن اڳ به نگران حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي هئي، تڏهن پڻ پيٽرول 17 رپيا 50 پئسا ۽ ڊيزل 20 رپيا مهانگو ڪيو ويو هو، جڏهن ته وري پندرهن ڏينهن کان پوء ٽيهر پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو ٻڌايو پيو وڃي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچي ويو آهي. جڏهن ته ڊالر جي اڏام تي ڪڏهوڪو آسمان کي ڇهي چڪي آهي، حيرتناڪ حد تائين ڊالر جي وڌيل اگھ کي ڏسي سموري دنيا دنگ رهجي وئي آهي. جڏهن ته پنهنجي ئي ملڪ جي ناڻي واري وزارت پڻ ڊالر جي وڌيل اگهن کان پوء توانائي وارين شين جي قيمتن ۾ اڃان به وڌيڪ اضافي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ظاهر آهي ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ شين جي اگهن ۾ واڌ ئي مهانگائي جا وڏا سبب آهن ڇاڪاڻ ته افراط زر جي شرح ۾ گهٽتائي توڙي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي رپئي جي قدر ۾ استحڪام سان مشروط آهي جيڪو هر روز مستحڪم ٿيڻ يا اڳتي چرڻ بدران رورس گيئر ۾ ڊوڙي رهيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته مهانگائي جي شرح هن سال 50 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال 75 سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ ملڪي معيشت ۾ بتدريج خرابي جو امڪان آهي. حڪومت چوي ٿي ته معاشي بحران، قرض ۽ قدرتي آفتون ملڪي معيشت لاءِ وڏا خطرا آهن پر اسين چوندا رهيا آهيون ته هن ملڪ ۾ وسيلا موجود آهن پر حڪمرانن جون پاليسيون ئي تباهي ۽ بربادي جو ڪارڻ آهن پر افسوس ته اهو سڀ ڪجھ ڄاڻڻ باجود حڪومت پاران نيون ۽ عوام دوست پاليسيون جوڙڻ بدران وري به مالياتي خسارو گهٽائڻ لاءِ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ سبسڊي گهٽائڻ جا منصوبا جوڙيا ويا آهن. هڪ رپورٽ موجب 59 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو قرض، 3460 ارب رپين جي حڪومتي ضمانتون غير مستحڪم آهن، مالي سال 2022ع جي آخر تائين پاڪستان جو سرڪاري قرض جي ڊي پي جي 78.4 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، پرڏيهي قرض ان رقم جو 37 سيڪڙو هو، جيڪو ڪرنسي لاءِ خطرناڪ آهي. هن وقت پرڏيهي قرض مجموعي قرضن جو 26 سيڪڙو آهي، جڏهن ته 2022ع دوران پرڏيهي قرضن جي واپسي جو سراسري مدو 3.5 سال هو رپورٽ موجب معاشي ترقي ايندڙ سال 3.5 سيڪڙو ۽ 2025ع ۾ 5 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت جي هڪ ٻي رپورٽ موجب بحالي جي ڪمن تي 16.2 بلين ڊالر خرچ ڪيا ويا، ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي کوٽ مصنوعي آهي، منافع خورن، ذخيره اندوزن ۽ اسمگلرن پيدا ڪئي آهي. هي سمورا تفصيل لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اجايون سجايون ڳالهيون لکڻ بدران ماڻهن کي انگن اکرن ذريعي ٺوس حقيقتن کان آگاھ ڪجي ته ملڪ هن وقت ڪهڙي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي جڏهن ته حڪمران اڄ به ساڳئي هوڏ تي قائم آهن، نگران حڪومت اچڻ کانبپوء ڪابه اهڙي تبديلي نظر نه آئي آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ته هن ملڪ جا اصل يا نقل حڪمران هڪ پل لاء به ملڪي معشيت يا ملڪي عوام لاء ذرو به پريشان آهن، عوام جي اهنجن کان سندن لاتعلقي جو هڪڙوئي ڪارڻ سجهي ٿو ته کين خبر آهي ته وٽن اڇي ۽ ڪاري ناڻي جا انبار آهن ان ڪري مهانگائي ڀلي ڪيتري به وڌي وڃي پر ان ڳالھ جو مٿن ڪوبه اثر نه پوندو جڏهن ته مهانگائي سبب جيڪو به آزار ۽ مصيبتون اينديو سي سڀ هن ملڪ جي اڪثريتي آبادي يعني عام ماڻهن لاء اينديون. مهانگائي جي ان مصيبت واري عالم ۾ عام ماڻهوء جي سياست سان ڪهڙي دلچسپي باقي رهندي. شايد هن ملڪ جي نام نهاد اشرافيا به اهو ٿي چاهي ته عام ماڻهو بک ۽ بدحاليء جي باھ ۾ سڙندا رهن ته جيئن هو باقي مسئلن ۽ معاملن ڏي توجه ڏيڻ جي سگھ سارين ئي نه، ۽ ان ڪم ۾ هو گهڻي قدر ڪامياب ٿيندي به ڏسي سگهجن ٿا ڇاڪاڻ جو هن وقت جڏهن نگران سرڪار عام اليڪشنن ۾ ٽينڪنيڪل رنڊڪون وجهي چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا تڏهن عام ماڻهو سندن سياسي چالبازيون سمجهندي به مهانگائيء خلاف دانهون ڪندي نظر اچن ٿا، جيتوڻيڪ عام چونڊون وقت سر ڪرائڻ واري معاملي تي عام ماڻهن کي ته مهانگائيء وارن مسئلن ۾ الجهايو ويو آهي پر سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته، آئين چوي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون پر اليڪشن ڪميشن چوي ٿي ته تاريخ تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي، عدالت اليڪشن ڪميشن جي دليلن سان اتفاق نٿي ڪري، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جتي به آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي ته عدليه ايڪشن کڻندي ڇو ته آئين ڪنهن جي جاگير ناهي، ڪو به ادارو آئين کي اورانگهي نٿو سگهي، آئين تحت اليڪشن ڪميشن ٽن مهينن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موجب سيڪشن 57، 58 ۾ ترميم کانپوءِ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن جو آهي پر ٻه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل هڪ پيشي دوران سپريم جورٽ اليڪشن ڪميشن جي اهڙي دليل کي مڪمل رد ڪري ڇڏيو آهي. سپريم جورٽ موجب آئين اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ اڳتي وڌائڻ جو اختيار نٿو ڏئي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ فيصلو به ڏئي چڪي آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ اڳتي نٿي وڌائي سگهي، سپريم ڪورٽ جي اهڙي واضح موقف باوجود موجوده نگران سرڪار جي باڊي لينويج ٻڌائي ٿي ته هو ڪنهن ڊگهي عرصي لاء آيا آهن. مان اڳ به چئي چڪو آهيان ته پي ٽي آء جو سياسي باب بند ٿيڻ کان پوء هن وقت فقط پيپلز پارٽي ئي اها واحد پارٽي آهي جيڪا چوي ٿي ته چونڊون وقت سر ٿيڻ گهرجن جڏهن ته ن ليگ لڪ ڇپ ۾ ۽ سڌي اڻ سڌي طرح چونڊن ۾ دير جي حامي بڻيل آهي. ان حوالي سان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف سان ملاقات کي به غير اهم سمجهڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته ن ليگ وفاق ۾ ۽ پنجاب ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ جي ڪوششن سان گڏ سنڌ جي حوالي سان به ڪا سياسي حڪمت عملي جوڙڻ چاهي ٿي. سنڌ جي گورنر جي ترجمان موجب لنڊن ۾ ٿيل ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف ۽ سينيٽر اسحاق ڊار به موجود هئا، ان ملاقات ۾ بظاهر ته ملڪي سياسي صورتحال، عام چونڊن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي منهنجو خيال آهي ته ان ملاقات ۾ سنڌ اندر ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي مستقبل واري امڪاني اتحاد بابت صلاح مشورا ڪيا ويا هوندا. ياد رهي ته سنڌ ۾ آيل نگران حڪومت جي ڪابينا تي به پيپلز پارٽي خوش نظر نه پئي اچي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ اهو واحد صوبو آهي جيڪو پيپلز پارٽيء جو مظبوط مورچو بڻجي وفاق ۾ به ان لاء راھ هموار ڪندو رهيو آهي، هينئر به سنڌ ۾ پيپلز پارٽيء لاء ساڳي همدردي موجود آهي پر پنجن سالن تائين سنڌ جي اقتدار جي واڳ سنڀاليندڙ جيڪر اڃان به ڪي مثالي ڪم ڪري وڃن ها ته شايد سنڌ پيپلز پارٽيء لاء ماضيء کان به وڌيڪ مظبوط مورچو ثابت ٿئي ها پر افسوس جو ان حوالي سان ڪيتريون ئي ڪوتاهيون نظر آيون، اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڏينهن جڏهن سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير اباڻي ڳوٺ واپس وري رهيو هيو ته سندس لاء ٿيندڙ استقبال به ڪيترن ئي ڏينهن تائين تڪراري ۽ متضاد بڻيل هيو، هجڻ ته ايئن گهرجي ها ته اڳوڻي وزير اعلي’ جي استقبال لاء سڄو ضلعو آجيان تي نڪري اچي ها پر افسوس ته پنهنجي ئي پارٽيء جا پراڻا ورڪر به استقبال بدران هن خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں