سنڌ جي هن سدوري پٽ سان منهنجي پهرين ملاقات سنڌ يوبيورسٽي جي پٿريلي پٽن تي ان وقت ٿي جڏهن ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي ورسي ملهائڻ بعد داخل ٿيل ڪيس سبب آئون روپوش ٿي اچي يونيورسٽيء ۾ لڪو هئس، ڀانيان ٿو ته اهو 1977 يا 78 جو زمانو هيو، ٻن سالن تائين ساڻس ملڻ جلڻ ۽ ڪچهريون ٿينديون رهيون، هي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ سان گڏ جيئي سنڌ تحريڪ ۾ ته سرگرم هيو پر گڏوگڏ يونيورسٽي ۾ ڪينٽين به هلائيندو هيو، اڪثر چانهن بسڪيٽن تي ساڻس ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون، بعد ۾ 1980 ڌاري آئون جڏهن جيل هليو ويس ته اتي هن کي به سنڌ سان عشق جي سزا طور ساڳئي جيل ۾ واڙيو ويو هئو، جيتوڻيڪ اسان جون بيرڪس جدا جدا هيون پر جيل ساڳيو هيو،
اهو ضياءالحق جي مارشل لا وارو ڪارو دور هيو، جيل ۾ ٽي مهينا رکڻ بعد مون سميت ڪجھ قيدين کي هڪ ڏينهن حيدرآباد جي ڇانوڻيء ۾ نيو ويو، انهن قيدين ۾ مون کان علاوه بشير شاهاڻي، ستار موريو ۽ جعفر سهتو شامل هئا، ڇانوڻيء ۾ اسان کي هڪ فوجي آفيسر سان الڳ الڳ ملاقات ڪرائي وئي جيڪو ان وقت شايد اسسٽنٽ يا ڊپٽي مارشلا لا ايڊمنسٽريٽر هيو. ان ملاقاتن جو سڄو قصو مان پنهنجي آتم ڪٿا جي ايندڙ ٻئي حصي ۾ لکي رهيو آهيان، مون کي صرف اها خبر آهي ته مون سا ڇا ڳالهايو ويو ۽ مون انهن سان ڇا ڳالهايو باقي ٽن دوستن سان ڇا ڳالهايو ويو ان جي مون کي ڪا خبر ڪانهي، البته مون سان بعد ۾ بشير شاهاڻيء جون جيڪي ڪچهريون ٿينديون رهيون ان جو به تفصيلي ذڪر مان پنهنجي ايندڙ آتم ڪٿا واري حصي ۾ ڪندس. جيل مان نڪرڻ بعد جعفر سهتو هالا جو هجڻ ڪري حيدرآباد مان سڌو ڳوٺ هليو ويو جڏهن ته مان، بشير شاهاڻي ۽ ستار موريو سڌو سائين جي ايم سيد وٽ سن هليا وياسين، جتي منجهند جي ماني کائڻ بعد سائين جي ايم سيد کي حال احوال ڏناسون، سائينء اسان ٽنهي کي پنج پنج سئو رپيا خرچي ڏئي روانو ڪيو جتان وري سيوهڻ پهتاسين جيڪو منهنجو اباڻو شهر هيو جڏهن ته رات ٿيڻ باوجود هو ٻئي لاڙڪاڻي ان ڪري ويا جو ٻئي ڏينهن عيد جو ڏينهن هيو.
بعد ۾ ستار لاڙڪاڻي ۾ ئي رهيو، پر سال کن کان پوء بشير شاهاڻي آمريڪا هليو ويو.
مون جيئن ته شاگردي وارو دور پورو ڪري ورتو هيو ان ڪري مون کي تحريڪ جي سنگت صلاح ۽ آفر ڏني ته مان محاذ جو حصو ٿيان ۽ ڪو عهدو وٺان، سيوهڻ ۾ رهڻ ڪري بعد ۾ مون تي ضلعي جو عهدو وٺڻ لاء به ذور ڀريو ويو پر مون سوچيو ته اڳواڻ به ٿي ڏٺوسين ان ڪري هاڻي وري ورڪر ٿي ڪم ڪجي، اهڙي طرح مان ٻه سال محاذ جو سرگرم ميمبر رهيس جنهن کان پوء ڪراچي هليو آيس، جتي مون کي پوسٽ آفيس ۾ ڪلارڪي جي نوڪري ملي، ان کان پوء 1984 ۾ آئون هڪ دفعو وري ڄامشورو موٽي آيس جو مون کي مهراڻ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ جي نوڪري ملي هئي پر ٻه سال ڄامشورو ۾ رهڻ کان پوء هڪ دفعو مون وري اچي ڪراچيء جا وڻ وسايا جو اتي اسٽيٽ بينڪ ۾ مون کي سٺي نوڪري ملي وئي، فوجي ڇانوڻيء واري ملاقات کان پوء مون لاء اهي آپشن موجود هئا ته آئون ڊي ايس پي، ايس ڊي ايم يا ٻي ڪابه سترهين گريڊ جي نوڪري وٺي پنهنجي لاء آسودي زندگيء جو انتخاب ڪري ٿي سگهيس پر مون ڇوسٽ آفيس ۾ ڪلرڪ ٿيڻ پسند ڪيو ۽ پوء پنهنجي محنت سان اسٽيٽ بينڪ جي آفيسريء تائين پهتس. اهڙي طرح مون ڪراچيء کي پنهنجو مسڪن بڻائي ورتو ته بشير شاهاڻيء وري آمريڪا ۾ وڃي خيما کوڙيا. ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا ۾ اڳ ۾ به ڪي گمنام سنڌي ماڻهو رهندا هجن پر اڄ ڪلھ جي آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي جيڪا کيپ آهي ان جي سڀ کان شروعاتي ماڻهن مان بشير شاهاڻي هڪ هيو جنهن جي سرير ۾ سنڌ سان ازلي عشق سبب هن ٻين سنڌين لاء نه فقط آمريڪا اچڻ جون راهون هموار ڪيون پر اتي انهن جي هر قسم جي مدد ڪئي، هو آمريڪا ايندڙ سنڌين جي مٿي تي هٿ رکڻ کان سواء انهن جي معاونت ڪرڻ سان گڏ مالي مدد به ڪندو هيو، انهن کي رهائش ڏيڻ سان گڏ پاڻ سندن خدمت ڪندو هيو، ان کان پوء مان سنڌ ۾ ۽ هو آمريڪا ۾ هجڻ ڪري اسان جا رابطا گهٽجي ويا، مان زاتي زندگيء جي خفن ۾ لڳي ويس پر بشير شاهاڻي وطن کان ڏور رهي به هڪ لمحي لاء به سنڌ سان سندس ڪمٽمينٽ کان غافل نه رهيو، هو هر هنڌ، هر گهڙي سنڌ جو ڪيس وڙهندو رهيو، ان ۾ سندس لاء ڪجھ آساني ان ڪري به ٿي جو آمريڪا ۾ اظهار جي آزادي مليل آهي، آمريڪا ۾ هر اها ڳالھ ڪري سگهجي ٿي جيڪا شايد هتي ڪرڻ سولي ڪانهي پر مون اهو به ڏٺو آهي ته قومي تحريڪ سان لاڳاپيل ڪيئي ماڻهو يورپ جي ملڪن يا آمريڪا ۾ وڃڻ بعد پنهنجي ذات تائين به محدود ٿي ويا ڇاڪاڻ ته آمريڪا توڙي يورپ جي ملڪن ۾ جياپي لاء هر وقت جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي جتي سڀ کان قيمتي شيء وقت هوندو آهي، ۽ ظاهر آهي ته سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاء، سنڌي ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاء ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ لاء پئسي سان گڏ وقت به درڪار هوندو آهي، ان باوجود بشير شاهاڻيء اهو سڀ ڪجھ ڪيو جيڪو هن جي تربيت ۾ شامل هيو، بشير شاهاڻي نه فقط سنڌ ۽ سائين جي ايم سيد جو هڪ سچو پچو عاشق هيو پر هو هڪ بي لوث ۽ اڻ ورچ قومي اڳواڻ ۽ ڪارڪن به هيو، بشير شاهاڻيء جي آمريڪا ۾ گهڻي سڃاڻپ هڪ روايتي مهمان نواز ۽ سنڌين جي ڀرجهلي واري انسان طور هئي، منهنجي ساڻس ٿيل ڪچهرين مان خبر پئي ته هو عبدالواحد آريسر جو گهاٽو يار رهڻ سان گڏ ان کان گهڻو متاثر پڻ هيو، آريسر سان سندس عشق ان حد تائين هيو ته تازو سنڌ جي هڪ آرٽسٽ نينگريء عبدالواحد آريسر جو پورٽريٽ ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکيو ته سنڌ کان ڏور ويٺل هن فقير منش ماڻهو سٺي رقم عيوض اهو پورٽريٽ خريد ڪري ورتو. مون کي دوستن ٻڌايو ته هو آمريڪا جهڙي گوناگون ملڪ ۾ رهڻ باوجود عبدالواحد آريسر جي خاندان جي سار لهندو رهندو هيو. هوجيئن آمريڪا آيو ته ٽيڪساس رياست جي شهر هيوسٽن اچي ترسيو، آخري وقت تائين هيوسٽن ڀرسان ڪلاڪ ڏيڍ جي پنڌ تي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ هيو، اڄ ڏسو ته آمريڪا ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي هيوسٽن ۾ رهن ٿا.
آئون به پهريون دفعو جڏهن آمريڪا ويو هئس ته هن منهنجو گرمجوشيء سان انتهائي پيار ۽ پاٻوھ مان استقبال ڪيو هيو، جيتوڻيڪ مان پنهنجي جگري دوست منصور سمون وٽ ترسيل هيس پر هو مون سان ملڻ آيو ۽ منهنجي دعوت ڪئي.
هن جي دعوتن جي خاص ڳالھ اها هوندي هئي ته هو سنڌ مان آيل مهمانن کي پنهنجي هٿن سان لذيذ پلو پچائي کارائيندو هيو، اهو پلو ايندو ته بنگلاديش مان آهي پر بشير شاهاڻيء جي هٿن جو تريل پلو کائڻ سان ماڻهو آڱريون چٽڻ تي مجبور ٿي پوندو هيو، سندس پلو المنظر ڄامشوري جي ياد تازي ڪري ڇڏيندو هيو. اهو سوال هڪ دفعو ملن ساڻس ڪيو به ته تون سنڌ مان ايندڙن کي پلو لازمي ڇو کارائيندو آهين جنهن تي هن جو اهو جواب هيو ته سنڌ مان ايندڙ ماڻهو جڏهن ديس کان ست سمنڊ پري به سنڌ جهڙو پلو کائيندا ته کين ملن وٽ ايئن لڳندو ڄڻ هو ڄامشوري ۾ ويٺا آهن، پنهنجائپ جي انهيء احساس ڏيارڻ کاءان کين پلو کارائيندو آهيان.
آمريڪا ۾ پهريون دفعو وڃڻ کان پوء اسان جو ٻيهر رابطو بحال ٿي ويو جنهن کان پوء هو ڪراچي اچي يا مان آمريڪا وڃان پر اسان جون ڪچهريون لازمي ٿينديون هيون. توڙي جو مان پيپلز پارٽي جي وزير سان گڏجي ڪم ڪري رهيو هئس ۽ هو آخري وقت تائين قومي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو پر اسان جي ڪچهرين ۾ هن ڪڏهن به اهڙو ڪو فرق نه رکيو ۽ مون سان دل جون اهي سڀ ڳالهيون ڪندو هيو جيڪي ڪوبه دوست فقط هڪ اعتماد واري ۽ دل جي ويجهي دوست سان ڪري سگۡهندو آهي. اهو هڪ الڳ قصو آهي ته ڪراچيء ۾ شانتي نگر جي اڏاوت ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پاران اسان سان ڪيل مدد جي نتيجي ۾ مان ڪيئن انهن سان ويجهو ٿيس پر اڄ به آئون پنهنجو پاڻ کي قومي تحريڪ جي سمورن ساٿين کي نه فقط پنهنجو ساٿي سمجهان ٿو پر مون ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ انهن سان ساڳيو رشتو جوڙي به رکيو آهي اهوئي سبب آهي ته سرڪار ۾ رهڻ باوجود قومي تحريڪ جا پراڻا ساٿي به ساڳي طرح مون کي عزت، احترام ۽ پيار محبت ڏين ٿا.
مهينو کن اڳ مون کي منهنجي دوست رسول بخش ٿيٻي ٻڌايو ته بشير شاهاڻي آمريڪا مان سنڌ اچي رهيو آهي پر واندڪائي هجڻ ڪري ان کان اڳ آئون خود وڃي آمريڪا نڪتس، منهنجي خبر پوندي ئي هن مون سان رابطو ڪيو، فون تي ٿيل حال احوال مان اندازو لڳايم ته هو سخت پريشان هيو، سندس پريشاني جو عالم ڏسي مون ٻئي ڏينهن سندس ڳوٺ اچڻ جو چيو جيڪو هيوسٽن کان ڪلاڪ ڏيڍ جي پنڌ تي آهي پر ان باوجود ٻئي ڏينهن تي هو پاڻ مون وٽ آيو، هن سان گڏ سندس پٽ آزاد به هيو جيڪو ڪئيناڊا ۾ رهي ٿو، سندس پٽ جي موجودگيء ۾ شايد هو مون سان دل جون سڀ ڳالهيون ڪري نه سگهيو پر ان باوجود هن ٻڌايو ته مان ايترو پريشان آهيان جو شايد جلد مري وڃان! مون کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، هن ٻڌايو ته سندس سموري پراپرٽي آسٽريليا ۾ رهندڙ سندس پٽ جي نالي تي هئي جيڪا وڪرو ڪرڻ سان سمورا پئسا پٽ جي اڪائونٽ ۾ هليا ويا آهن پر هاڻ هو مون کي پئسا نٿو ڏي جنهن ڪري سندس خرچ پکو به بند ٿي ويو آهي، گاڏيء جي قسط ڏيڻ به وس ۾ ناهي رهي، مون کيس چيو ته هو جيڪر ڪراچي اچي رهي ته مان سندس روزگار يا ڪاروبار ۽ رهائش جو بندوبست ڪندس پر هو گهڻو ڏکويل هيو، اندران ٽٽل هيو، اکين مان ڳوڙهن کي زوري روڪي رهيو هيو، هن کي شايد پئسن کان وڌيڪ پنهنجن رشتن جي غم ماري وڌو هيو، ڪئناڊا ۾ رهندڙ سندس پٽ جو چوڻ هيو ته هو به بابا کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ کيس ڪئناڊا وٺي وڃڻ چاهي ٿو پر بابا راضي نٿو ٿئي. مون محسوس ڪيو ته سندس پٽ جي موجودگيء ۾ هو مون سان گهڻيون ڳالهيون ڪري نه سگهيو ۽ اهڙي طرح ان اڌوري ملاقات کان پوء هو واپس هليو ويو. هفتي کان پوء 16 آڪٽوبر تي سندس موت جي خبر پئي ته پيرن هيٺان زمين نڪري وئي،
هن جي خواهش هئي ته سندس جسم سن جي مٽيء سان ملي پر ٻڌڻ ۾ آيو ته سندس گاڏيء کي باھ لڳي جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو، چيو هن جا ويجها دوست هتي آمريڪا ۾ سندس موت جي اصل ڪارڻن تي ڳالهائڻ کان لنوائين پيا، ڇاڪاڻ ته سندس موت جي اصل ڪارڻن جي خبر پوليس جي رپورٽ کان پوء ايندي جيڪا هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچڻي آهي، اهو به چيو پيو وڃي ته سندس گاڏيء جو ايڪسيڊيٽ ٿيو جنهن کان پوء گاڏي کاهيء ۾ ڪرڻ سبب ان لي باھ وڪوڙي وئي، بحرحال ٻڌڻ ۾ آيو ته باھ ۾ سندس سڃاڻپ لڳ ڀڳ ناممڪن بڻجي وئي جنهن کان پوء پوليس پنهنجي جاچ ڪري رهي آهي ۽ جلد اهو پتو پئجي ويندو ته باھ جو ڪارڻ ڪهڙو هيو پر ساڻس ٿيل آخري ۽ اڌوري ملاقات ۾ مون کي لڳو ته هن جي دل ۾ جيڪو درد هيو ۽ جيڪي ڏک هيا انهن هن کي ماري ته اڳ ئي ڇڏيو هيو، بس رڳو گاڏيء کي باھ لڳڻ جو بهانو باقي هيو!
