muhammad khan abru

نگران حڪومت جا نوي ڏينهن ۽ نوان سوال..

هڪ يا ٻه دفعا نه پر ڪيئي ڀيرا ان ڳالھ کي اڳ ۾ به دهرائيندو رهيو آهيان ته ملڪ جون حالتون توڙي سياسي عدم استحڪام کان علاوه ملڪ جي اصل ڌڻين جي سوچ به ڪجھ ان طرح جي لڳي رهي آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون ڪنهن به ريت مقرر وقت تي ٿي نه سگهنديون، منهنجي انهن ڳالهين کي وڌيڪ تقويت تڏهن ملي جڏهن وفاق ۾ نگران حڪومت جڙڻ شرط خود اليڪشن ڪميشن ئي اهڙو اعلان يا اظهار ڪيو آهي جنهن مان ثابت ٿي ويو ته ملڪ ۾ ڪنهن به ريت مقرر وقت تي اليڪشن ٿي نه سگهندي، اسٽيبلشمينٽ جي ان پراڻي پلاننگ کي عمل ۾ آڻڻ لاء اليڪشن ڪميشن ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن تحت نئين سر تڪبنديون ڪرڻ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، شيڊول مطابق تڪبندين جي حتمي لسٽ 14 ڊسمبر 2023ع تي جاري ٿيندي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اليڪشن ڪڏهن ٿيندي؟ اليڪشن ڪميشن جي ٻه ڏينهن اڳ ٿيل اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن تازو ٿيل ڊجيٽل آدمشماري 2023ع جي سرڪاري طور جاري ڪيل انگن اکرن تحت نئين سر تڪبنديون ڪرڻ جو باظابطه فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن تڪبندين ڪرڻ جو باظابطه طور تي نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو، جنهن مطابق 17 آگسٽ کان ملڪ اندر انتظامي يونٽس جون بائونڊريون منجمند تصور ٿينديون، هر صوبي ۽ اسلام آباد لاءِ تڪبندي ڪرڻ لاءِ ڪاميٽيون 21 آگسٽ 2023ع تي قائم ٿينديون، اليڪشن ڪميشن جي اعلاميي مطابق 22 آگسٽ 2023ع کان 31 آگسٽ 2023ع تائين تڪ بندين لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويندا، جن ۾ صوبائي حڪومتن کان ضلعي، تعلقن جا نقشا ۽ آدمشماري جون ضلعي وار رپورٽون ، سينسز سرڪلر بلاڪس جا نقشا حاصل ڪيا ويندا جنهن بعد پهرين سيپٽمبر کان 4 سيپٽمبر تائين تڪبندين لاءِ جوڙيل ڪاميٽين جي ٽريننگ ٿيندي ان کان پوء وري 5 سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن جي ضلعي وار ڪوٽا طئي ٿيندي تنهن کان پوء وڃي 8 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر تائين ابتدائي تڪبندين جي لسٽ شايع ٿيندي ان کان پوء تڪبندين تي اعتراض به جمع ڪرائي سگهبا، اعتراضن کي اڪلايو به ويندو ۽ ائين 14 ڊسمبر تي تڪبندين جي حتمي لسٽ جاري ٿيندي. چيو پيو وڃي ته تڪبندين جي حتمي لسٽ کان پوءِ ئي 90 ڏينهن اندر ملڪ اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو شيڊول جاري ٿي سگهندو، جنهن سان قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٽٽڻ کان پوءِ 90 ڏينهن اندر چونڊون نه ٿي سگهڻ وارو مامرو واضح ٿي ويو آهي. اهو ته معاملر کي اينگهائڻ جو پهريون حربو جڏهن ته تڪبندين کان پوء وتي اليڪشن ڪميشن ووٽر لسٽن جي تياري شروع ڪندي، نه رڳو اهو پر ٿوروبتصور ڪريو ته ان دوران ڪوبه “ملڪ جو گهڻگهرو” جيڪر تڪبندين خلاف ڪوبه اعتراض واري وڃي عدالت ۾ پهتو ته ان صورت ۾ عدالتن اندر فيصلو ٻڌائيندي ٻڌائيندي ڪيترو وڌيڪ وقت لڳي سگهو ٿو چوڻ وقت کان اڳ جو آهي پر اهو سڀ ڪجھ نه ٿئي ۽ اليڪشن ڪميشن پاران تڪبندين جي رڳو شيڊول کي ڏسجي ته به آئون سمجهان ٿو هاڻي چونڊون مارچ جي پهرين هفتي يا فيبروري جي آخري هفتي کان اڳ ٿي سگهڻ جو ڪو به امڪان ناهي. 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽُٽڻ بعد آئيني طور تي، 9 ڊسمبر کان اڳ 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ٿيڻ گهرجن ها، پر نئين آدمشماري تحت تڪ بنديون ڪرڻ جو عذر ڄاڻائي 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻ وارو امڪان ختم ڪيو ويو آهي ٻين لفظن ۾ ته نگران حڪومت به ٽن مهينن بدران سال ڏيڍ تائين هلي سگهي ٿي. نگران حڪومت ۾ شامل ماڻهن لاء اها ڳالھ يقينن هڪ وڏي خوش خبري ٿي سگهي ٿي پر ملڪ جي باقي سمورن ماڻهن لاء ساڳئي وقت اها ڳالھ تشويشناڪ پڻ آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي نگران ڪابينا ۾ 16 وفاقي وزير، 3 صلاحڪار شامل آهن، جڏهن ته نگران وزيراعظم 6 خصوصي معاون به مقرر ڪري ڇڏيا آهن. اسان واري دوست مدد علي سنڌيء کان وٺي مرتضي’ سولنگيء جي اوچتي وفاقي وزير ٿيڻ تي ڪافي ماڻهو حيران ضرور ٿيا آهن ور اسان سميت ڪافي ماڻهن کي ان ڳالھ جي خوشي به ٿي آهي ته مدد علي سنڌيء جهڙي هڪ جاکوڙي ڪردار کي ملڪ جي اهم وزارتن جا قلمدان ڏنا ويا آهن، هتي وزارتون ماڻيندڙ وزيرن تي لکڻ بدران ان ڳالھ کي اهم سمجهان ٿو ته آئين کي پٺيرو رکي نگران حڪومت جو مدو وڌائڻ سان ڪنهن کي نفعو يا ڪنهن کي نقصان ٿي سگهي ٿو؟
توهان کي ياد هوندو ته پنجاب اسيمبلي 14 جنوري 2023ع تي ٽٽي هئي، ان حساب سان جيڪر آئين کي ڏسجي ته پنجاب ۾ 90 ڏينهن اندر هن وقت تائين اليڪشن ٿي به چڪي هجي ها ڇاڪاڻ ته پنجاب اسيمبلي کي 13 اپريل تي 90 ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن. اهو ئي نه پر خيبر پختونخوا جي صوبائي اسيمبلي به 18 جنوري تي ٽوڙي وئي هئي، جنهن کي پڻ 90 ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن. ساڳي طرح هاڻي جڏهن ملڪ جي قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي به ٽٽيون آهن ته هڪدم مٿان اليڪشن ڪميشن جو تڪ بندين وارو شيڊول اچي ويو آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته نگران حڪومت جا اهي نوي ڏينهن ڪڏهن پورا ٿيندا؟ آئون سمجهان ٿو ته نگران حڪومت جي مدي کي وڌائڻ جو پهرين ته شايد پي ٽي آء کي وڏو نقصان ٿئي ها پر هاڻي شايد انهن تي اليڪشن ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو ايڏو ڪو خاص فرق نه پوندو ڇو ته پي ٽي آء کي اهڙي مظبوط طريقي سان سوگهو ڪيو ويو آهي جو هاڻ هنن وٽ فقط پنهنجي جان ڇڏائڻ وارو ئي پهريون آپشن بچيو آهي، رهي ڳالھ ن ليگ جي ته انهن ڏيڍ سال حڪومت ڪري ماڻهن کي مهانگائي ۾ ماري ماري سندن دل مان نواز شريف لاء پيدا ٿيل همدردي ۽ محبت کي به دفن کڻي نه ڪيو هجي پر گهٽائي ضرور ڇڏيو آهي. پي ڊي ايم جي باقي ننڍين وڏين جماعتن کان هٽي ڪري اليڪشن ۾ دير ٿيڻ جو سڀ کان وڏو نقصان پيپلز پارٽيء جو ئي ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته پي ٽي آء ديوار سان لڳڻ بعد ن ليگ جا حال به پورا سورا ٿي ويا جنهن کان پوء پيپلز پارٽي ئي هڪ دفعو ٻيهر ماڻهن جي اميد بڻجي چڪي آهي ان ڪري پ پ کي هن ڀيري هڪ دفعو ٻيهر اليڪشن ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي طور اڀري اچڻ جي اميد آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان پيپلزپارٽيء اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن ۾ دير واري بيان جي سخت مخالفت ڪندي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ تي غور شروع ڪري ڏنو آهي. پيپلزپارٽي پاران واظح طور احتجاج ڪندي چيو ويو آهي ته آئين ۾ تڪبندين جو ڪوبه ذڪر ناهي، تڪبندين کي ڇڏيو، چونڊون ڪرايو. ظاهر آهي ته چونڊون اليڪشن ڪميشن کي ڪرائڻيون آهن، اليڪشن ڪميشن کي تڪبنديون ڪرائڻيون به هيون ته اهي پهرين ڪرائي وٺي ها يا وري هينئر به تڪ بنديون مهيني ٻن ۾ به مڪمل ٿي سگهن ٿيون پر هتي ڳالھ سڄي اڳواٽ پلاننگ جي آهي، يعني ان حساب سان اهو به چئي سگهجي ٿو ته اڳواٽ پلاننگ ذريعي پي ٽي آء کي پهرين سفا ڇڙواڳ ڇڏي وري سندس ڳچيء ۾ هٿ سان نوڙ وڌو ويو، ساڳي طرح ن ليگ کي به ان ڪري سال ڏيڍ جي حڪومت ڏني وئي ته جيئن هو خراب حڪمراني سبب رهيل سهيل ساک به عوام مان وڃائي ويهن. ساڳي طرح ڊجيٽل آدمشماريء جي آڌار تي نيون تڪبديون ڪري اليڪشن واري مدي کي وڌائڻ واري عمل پٺيان به ساڳي سوچ ۽ ساڳي پلاننگ شامل نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته جيڪر اڳواٽ اهڙي پلاننگ نه هجي ها ته پوء اوچتو اعلانيل نگران وزيراعظم توڙي وزيرن جا نالا به مٿو ڦيرائڻ واري حيرت تي مبني هرگز نه هجن ها.

اپنا تبصرہ بھیجیں