muhammad khan abru

فتوا فروشن کي چئي ڇڏ…

اڌ صديء جي شعوري پنڌ کان پوء وقت زندگيء جي ڪيترن ئي رازن تان پردا کڻي ڇڏيا آهن. دوستيء جي دم کان وٺي دشمنيء جي داءَ تائين ڪجھ ڏٺو اٿم ۽ سکيو اٿم.
زندگيء جي سيکاريل سبقن مان هڪ سبق اهو به سکيو آهي ته هر ماڻهوء جي فڪر ۽ فلسفي وانگر ان جي پنهنجي الڳ دنيا به هوندي آهي جتي هو ڪنهن لاء هيرو آهي ته ڪنهن لاء ولن هوندو آهي. جدوجهدن جي گسن تي هلندي اهو به سکيو اٿم ته ماڻهو هججي هيرو يا ولن، پر مهمان اداڪار نه هجي.
پاڻ تي ٿيل لفظي پٿراء کان پوء ڪجھ گهڙين لاء ويهي ويچاريان ٿو ته مون کي دنيا جي تاريخ جا اهي امر ڪردار ياد اچن ٿا جن کي اڄ اسين انتهائي احترام منجهان ياد ته ڪريون ٿا پر جڏھن انهن انسانن جي ان وقت واري زندگيء بابت ٻڌجي يا پڙهجي ٿو ته خبر پئي ٿي ته جيئري انهن سان ڇاڇا نه ڪيو ويو!
منهنجي شعوري تربيت سن جي ان سياسي استاد جي صحبت ۾ ٿي آهي جنهن مٿان سموري حياتي فتوائن ۽ ملامتن جو مينهن وسندو رهيو پر هن پوءِ به ڪڏهن ڪنهن سان ڪا شڪايت ته ڇا پر مٿس لڳل ڪنهن الزام جي رڳو وضاحت به نه ڪئي هئي.
سائين جي ايم سيد جي اوطاق تان ماني کائي ويندڙ به سن مان ٻاهر نڪري هن مٿان الزام هڻندا هئا پر هو وري به انهن کي مهمان بڻائڻ ۾ ڪا تڪليف محسوس نه ڪندو هو.
ڪجھ ڏينهن اڳ جڏهن هڪ اردو ڪالم ۾ مون پنهنجي راء ڏني ته بجاء مون سان اختلاف راء رکڻ جي، منهنجي مٿان اهي ماڻهو به الزامن جا پٿر وسائڻ لڳا جن سان منهنجو رشتو محبت، عزت ۽ احترام وارو رشتو رهيو آهي.
خدا مون کي همت ڏني آهي ته مان محبت جي ان سفر ۾ اڄ به روان دوان آهيان پر عمر جي هن حصي ۾ پنهنجن پيارن کي صرف اها نماڻي نصيحت ڪرڻ ٿو چاهيان ته پهرين پڙهبو آ، پوءِ پڇبو آ ۽ پوري پڪ به ڪبي آ تنهن کان پوءِ فتويٰ صادر ڪبي آ.
مون کي اهو نٿو سونهين ته مان الزام جو جواب الزام سان ڏيان.
منهنجو اهو وڙ ناهي ته مون تي تنقيد ڪرڻ وارن جو مان ڪچو چٺو پڌرو ڪيان.
منهنجي اهڙي تربيت ئي ناهي ته گند سان گند کي صاف ڪيان.
مون مٿان الزام مڙهيندڙ پنهنجو ڌنڌو جاري رکن.
منهنجو سفر سدائين سن واري ان استاد جي دعائن ۾ جاري رهيو آهي، جيڪو اهڙن موقعن تي اڪثر اهو شعر ٻڌائيندو هو
”نه دشمن ٿياسين ڪڏهن دشمنن جا
اڱڻ جيڪو آيو، کيڪاري ڇڏيوسين
وهيو واپريو ڇا؟
وساري ڇڏيون سين“
پنهنجن پاران پاڻ تي ٿيل پٿراء کان پوء مان تاريخ جي ڪنهن به وڏي ۽ امر انسان سان پنهنجي ڀيٽ ڪرڻ واري خفت ۾ مبتلا ناهيان نه ئي پياري دوست تصوير سنديلي جي پوسٽ پڙھڻ کان پوء پاڻ کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پاليسيءَ جو تسلسل سمجهان ٿو پر آئون تصوير سنديلي پاران لکيل ڀٽائيء جي بيت جي ان سٽ کي ضرور هيئنين سان هنڊائي هلندو رهيو آهيان ته
“اک اُلٽي ڌار, ونئہ اُبتو عام سين ”
مون زندگيء ۾ فقط دل جو چيو مڃيو آهي ۽ ٻئي ڪنهن جي پٺيان ناهيان لڳو. منهنجي دل ۾ سنڌ رت جيان ڊوڙي ٿي پر مان جذباتي عاشقن جي ان عمر ۾ ناهيان جو کين دل ڇيري ڏيکارڻ وارا ڊائلاگ هڻي سگهان. منهنجو پنهنجي وطن سان پيار ته ڪنهن جي ڏيکاء جو محتاج ناهي.
جيڪي ماڻهو مون کي زرداري جي ٽڪڙن تي پلجڻ جا طعنا ڏين ٿا انهن کي اهو ڪير سمجهائي ته زرداري جي صحبت ۾ رهندڙ ماڻهو علم ۽ ادب جي ڳالهين کي پاڳلن ۽ ديوانن جون ڳالهيون سمجهندا آهن، مان جيڪر رڳو مال ڪمائڻ جي پويان هجان ها ته پوء شايد مون کي ڪالم ۽ ڪتاب لکڻ جيترو وقت به نه هجي ها، پر اهو عشق الائي ڪهڙو هيو جنهن مون کي هي پنڌ ڪرايا آهن.
غيرمعمولي ماڻهو مهڻا ناهن ڏيندا ۽ اهي مٿن ٿيل ملامتن جي ميار به ناهن ڏيندا پر جيئن ته مان هڪ معمولي ماڻهو آهيان انڪري پاڻ مٿان ٿيل پٿراء تي اندر ۾ گهڻو ايذاء محسوس ڪري رهيو آهيان.
مون تي جن هٿن هلائون ڪيون آهن انهن جون آڱريون ان وقت ته جنبش ۾ نه آيون جڏھن مون کي ڊاڪٽرن سفر ڪرڻ کان منع ڪئي پر مان ٻوڏ سٽيل مسڪين ماڻهن جي حال آهر مدد لاء ٻه ٻه ڏينهن سفر هوندو هيس.
آئون نٽهڻ اس ۾ پلاسٽڪ جي پنيء تي ويهي انهن ميرن ڪپڙن وارن ٻارن سان گڏ ويهي رکي ماني فقط ان ڪري کائيندو هئس ته جيئن هو پاڻ کي ٻوڏ سٽيل نه پر منهنجو مهمان سمجهن.
مون ڪڏهن به اهو ضروري ناهي سمجهيو ته پنهنجي ديس جي ماڻهن سان انهن ذلالتن ۽ ملامتن جو ذڪر ڪريان جيڪي مون کي ٻوڏ سٽيل ڳوٺن ۾ ٻه سئو کان مٿي مفت ميڊيڪل ڪئمپون هڻڻ لاء گڏ ڪيل دوائون هٿ ڪرڻ لاء ڪراچيء جون اسپتالون خالي ڪرڻ جي نتيجي ۾ سھڻيون پيون هيون.
مون ماضيء ۾ ڌرتيء سان عشق جي بدلي ۾ جيل کاڌا ۽ پيرين پنڌ ڪيا ته اها منهنجي محبت ڪنهن کي جتائڻ لاء ڪونه هئي، مون ڪراچيء ۾ ڪجھ دوستن سان گڏجي شانتي نگر جي نالي سان سنڌين جي نئين بستي اڏي ان وقت ديس ڌڻين جي مالڪيء جو نعرو هنيو هيو جڏهن هيل مون مٿان سنگباري ڪندڙ جوڌن جو اڃان جنم به ڪونه ٿيو هيو.
مان جيڪڏهن وقت جي حڪمرانن جي جيءُ حضوري ڪرڻ وارن منجهان هجان ها ته منهنجي ڪالمن ۾ ڪڏهن به پيپلز پارٽي مٿان ڪا تنقيد ٿيل نظر نه اچي ها، مان پنهنجي نادان دوستن کي اهو ٻڌائي نٿو سگهان ته هن وقت به مون تي سڀ کان گهڻو چڙيل به اهي ماڻهو آهن جن بابت چيو وڃي ٿو ته مان انهن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاء لکان ٿو.
مون سنڌي ادبي سنگت کي هڪ ڪرڻ لاء وڏيراڻا جرڳا ڪونه ڪوٺايا نه ئي ادبي سنگت جي اڳواڻن جا سرڪاري وظيفا مقرر ڪرايا آهن.
تاج جويو هجي يا مشتاق ڦل هجي، هي اهڙا ارڏا ماڻهو آهن جيڪي سرڪار جي اثرن ۾ اچڻ وارا به ناهن. مان ته انهن کي رڳو هڪ ٻئي سان گڏ ويهارڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي، ٺهي ته هو پاڻ ۾ پاڻهي رهيا آهن.
هڪ اردو اڪالم کي بنياد بڻائي مون مٿان سوشل ميڊيا تي جيڪي ڪجھ لکيو ويو ان تي مان انهن مڙني مهربانن جو ٿورائتو آهيان جن مون سان بي پناھ نفرت جو اظهار ڪري ان ڳالھ جو احساس ڏياريو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي وطن جي معاملن ۾ ڪيترا سنجيده ۽ حساس آهن جو هو هڪ ليکڪ جي اڌ ڇپيل ڳالھ تي ايڏا ارها ٿي پيا آهن، حالانڪه اهي ساڳيا سنڌي سٻاجهڙا سينيٽ ۾ سنڌ صوبي جي سيٽن تي پنجاب ۽ ٻين صوبن مان سينيٽر چونڊرائڻ مهل الائي ڇو خاموش هوندا آهن، تڏھن انهن جي لکڻين جا موزوع ڪي ٻيا هوندا آهن. فاروق نائڪ، پلوشا، محمد زئي خان ۽ ٻيا سينيٽر ٿي رٽائر به ٿي ويا پر انهن بابت ڪنهن به چنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي ڪنهن زحمت نه ڪئي ته انهن کي جيڪي فنڊز مليا اهي انهن ڪٿي خرچ ڪيا؟
سنڌ جي عشق ۾ غلطان انهن ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته سنڌ جي ڪوٽا تي چونڊيل ڪهڙن سينٽرن جا ڪيترا فنڊز فاٽا، گلگت بلتستان ۾ خرچ ٿيا؟
سنڌ جي نوجوانن کي علم، ادب ۽ سائنس بدران چرس جي سوٽن تي انقلاب آڻڻ جا گس گهيڙ ڏسيندڙ نئين دور جا نقلي صوفي ڀلا اوهان کي فيس بڪ تي ڦوڪن کان سواء عملي طور به ڪٿي نظر آيا آهن ڇا؟
مون کي ته حيرت ان وقت ٿي جڏهن منهنجي شهر جو هڪ ڪاپي پيسٽ وارو دانشور جيڪو مقامي ايم اين اي جي نوڪرن جي بچيل سچيل مڌ جو ڍڪ ڀري مدهوشيء جي عالم ۾ سندس ايم اين جا اهڙا گڻ ڳائڻ لڳي ٿو جهڙا گڻ هن فادرس ڊي تي پنهنجي سڳي پيء جا به نه ڳاتا هوندا اهو به سنڌ سان عشق جي نالي تي مون جهڙي فقير مٿان فتوائون ڏيڻ لڳي ٿو.
مان مٿيون ڳالهيون ڪري ڪنهن به ريت اوهان کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش نٿو ڪريان جيتوڻيڪ هڪ سينيٽر جو تڪ سمورو پاڪستان هوندو آهي ۽ آئيني طور تي هو کيس مليل فنڊز ملڪ جي ڪهڙي به حصي ۾ خرچ ڪري سگهي ٿو. اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته سنڌ جا اڪثر سينيٽر ماضيء ۾ ڪميشن عيوض پنهنجا فنڊز سنڌ کان ٻاهر خرچ ڪندا رهيا آهن پر اهي ڪڏهن منظرعام تي نه آيا هوندا. مان اڄ به ان ڳالھ جو حامي آهيان پارٽيء جي مفاد ۾ ملڪ جي ڪنهن به حصي مان ڪي مخصوص فنڊز خرچ ٿين ٿا ته ان ۾ سنڌ سان غداريء جي ڪهڙي ڳالھ آهي؟ ٻي ڳالھ ته مون سنڌ مان چونڊيل پنجاب جي سينيٽر جا فنڊز مخصوص تڪ ۾ خرچ ڪرڻ لاء چيو نه ڪي پنجاب حڪومت تي ڏيڻ جو چيو، ساڳئي تناظر ۾ پنجاب جي سينيٽرن جا فنڊز پڻ سنڌ جي ڪن به مخصوص هنڌن تي خرچ ڪرڻ جون تجويزون ڏئي سگهجن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته سنڌ اڳ ئي غريب آهي ان ڪري اها تجويز غير منطقي آهي ته پوء پاڪستان جهڙي ڪنگلي ملڪ لاء دنيا ان وقت ڇو تاڙيون ٿي وڄائي جڏهن هو سريلنڪا جي ڊفالٽ ٿيڻ تي ان جي مدد جا اعلان ڪري ٿو يا ترڪيء م آيل زلزلي وقت انهن جي مدد ڪري ٿو.
بحرحال هر ڪو پنهنجي وکر جو هوڪو ڏيندو رهي ٿو، جنهن جو جيڪو وڙ آهي سو هو ظاهر ڪري ٿو.
مان مسلسل جدوجهدن واري رستي جو راهي آهيان، مان ان فقير جيان آهيان جنهن کي سندس مٿان ٿيندڙ باهوڙ ڪٿي نه ڪٿي ڄڻ ته مزو ڏيڻ لڳندي آهي!
مان هڪ پورهيت پيء جو پورهيت پٽ آهيان، عمر جي هن حصي ۾ نفعي ۽ نقصانن جي ڪٿ ڪرڻ کي فضول ٿو سمجهان، ان ڪري مون مٿان پٿرن جي ڪيل بارش ته پنهنجي جاء تي پر پنهنجي ڪيل پورهئي جي ٿيندڙ واکاڻ به مون کي شرمسار ڪري ڇڏيندي آهي.
مان وطن ۽ پنهنجي قوم سان محبت جو سرٽيفڪيٽ فتويٰ فروشن کان ڇو وٺان؟
مون لاءِ ته ٻوڏ ۾ لڙهي آيل منڇر جي مهاڻن جي هڪ ٻار جا اهي لفظ ئي ڪافي آهن، جنهن مون کي قميص کان جهلي چيو هو ”چاچا تنهنجي محبت سڄي زندگي ياد رهندي“

اپنا تبصرہ بھیجیں