muhammad khan abru

شايد مقتول پاڻ ڪريو، خنجر جي ڌار تي…

سال ڏيڍ اڳ سڪرنڊ جي ئي ڳوٺ نواب ولي محمد ۾ قتل ٿيل بي گناھ ڳوٺاڻن کان وٺي ايم آرڊي تحريڪ ۾ ڳوٺ پنهل چانڊيو ۾ شهيد ٿيل بي گناھ ڳوٺاڻن جي تاريخ ڏسبي ته سموري سنڌ پر خاص طور تي سڪرنڊ جي سرزمين هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ شهيدن جي رت سان لال ٿيندي رهي آهي، ڪجھ ڏينهن اڳ به ساڳي سرزمين تي رت جي راند رچائي وئي جنهن ۾ چار بيگناھ ڳوٺاڻا گولين جو کاڄ بڻايا ويا. شهيد ٿي ويل ڳوٺاڻن ۾ ٽي سڳا ڀائر هئا جن مان ٻن ڀائرن جي مٿيئن مهيني ۾ شادي رٿيل هئي، اهو ئي نه پر ڳڀرو پٽن جي لاشن کي ڏسي صدمي ۾ هليو ويل سندن پيرسن پيء به لاڏاڻو ڪري ويو.
واقعي جي گهرائيء ۾ وڃجي ته هي بظاهر نظر ايندڙ چار قتل ناهن پر شهيد ٿي ويل چئني ڳوٺاڻن سان سلهاڙيل ڪيئي خاندان آهن جن جا سهارا کسيا ويا آهن، شهيد ٿي ويل ٽن پٽن جي ماء کي به پاڻ جيئرن ماڻهن ۾ ڪيئن ٿا تسليم ڪري سگهون؟ ۽ شهيد ٿي ويل نوجوانن جي اوسيئڙي ۾ ويٺل سندن ونيون پڻ وقت کان اڳ ئي بيواھ بڻجي ويون.
واقعي بابت شروعات ۾ سرڪار پاران ٻڌايو ويو ته خفيا ادارن کي اطلاع مليو هيو ته ڳوٺ ۾ خودڪش بمبار لڪل آهي جنهن جي ڳولها ۾ ڇاپا هنيا ويا ۽ مقابلي ۾ ماڻهو مارجي ويا، شروعاتي طور چئن رينجرز اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جون پڻ خبرون ميڊيا تي آيون پر تا حال انهن زخمين کي ڪنهن به اسپتال ۾ ظاهر نه ڪيو ويو. عام طور تي ايئن ٿيندو آهي ته ڪنهن به پوليس مقابلي ۾ ماريل ماڻهن جا لاش پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺندي آهي پر ان جي برعڪس هن مقابلي بعد مقابلو ڪندڙ ڌريون چورن وانگر موقعي تا غائب ٿي ويون ۽ ڳوٺاڻا چنگچي رڪشائڻ ۾ لاش کڻي اسپتال پهتا، ڦاٽل ڪپڙا ۽ گوڏ ٻڌل لاش ڏسي ئي اندازو لڳي رهيو هيو ته هي ڪي دهشتگرد نه پر عام هاري ناري هئا جن کي قتل ڪيو ويو. انتهائي افسوس جي ڳالھ اها آهي ته نگران حڪومت جي صوبائي گهرو کاتي واري اهم وزير بنا ڪجھ سوچڻ سمجهڻ جي گهر ويٺي اهڙو بيان جاري ڪري ڇڏيو جنهن مان لڳو پئي ته هي ڪي عام ڳوٺاڻا نه پر ڪي دهشتگرد هئا.
جنهن شام ڳوٺ ماڙي جلباڻي جي ڳوٺاڻن کي قتل ڪيو ويو اها رات 12 ربيع اول جي ڀلاري رات هئي ۽ ٻئي ڏهاڙي تي سڄو عالم اسلام عيد جي ڏهاڙي وانگر خوشيون ملهائي رهيو هيو پر افسوس ته سنڌ ۾ ان ڏينهن ڄڻ ته قيامت برپا ٿيل هئي، روڊن تي پيل لاش ڏسي سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل هئي، هن واقعي کان پوء سمورا قومپرست پڻ احتجاج ڪندي نظر آيا ۽ خاص طور تي ايس يو پي جو سيد زين شاھ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڌرڻي جي قيادت ڪري رهيو هيو، هڪڙي حوالي سان سندس بهتر قدم هيو جو بظاهر هن بروقت سنڌي ماڻهن جي وارثي ڪئي پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته بحريا جي گيٽ واري احتجاج کان وٺي نواب ولي محمد ۾ ڪيل احتجاج وانگر هن ڀيري به سيد زين شاھ اصل حقيقتون ڄاڻڻ باوجود اصل ڏوهارين تي ڳالهائڻ بدران سندس تنقيد جو محور پيپلز پارٽي نظر آئي. سيد زين شاھ اڃان ڌرڻي واري هنڌ پهتو ئي ڪونه هيو ته هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ واقعي جي سموري ذميواري پ پ تي وجهي ڇڏي، حالانڪه پ پ جي هن وقت ته حڪومت به ڪانهي پر سيد زين شاھ کي پ پ سان ورثي ۾ مليل دشمني سبب هن سڀ الزام پ پ مٿان مڙهي ڇڏيا. جيئن ته دور هاڻ بدلجڻ کان پوء ماڻهن ۾ شعور به اچي رهيو آهي ان ڪري سوشل ميڊيا تي سڄاڻ ماڻهن سيد زين شاھ خلاف سخت تنقيد شروع ڪري ڇڏي. توڙي جو پيپلز پارٽي جي چيئرمين به فوري طور تي واقعي جي مذمت ڪندي شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو هيو پر سيد زين شاھ مٿس ٿيل سخت تنقيد باوجود اصل ڏوهارين جو نالو زبان تي آئيندي لهرائي رهيو هيو. ان دوران سوشل ميڊيا تي انيڪ ماڻهو کيس ياد ڏياري رهيا هئا ته هو ۽ سندس قيادت ڪهڙي ريت بحريا واري احتجاج بعد سموري تحريڪ تان هٿ کڻي گم ٿي وئي هئي، ماڻهن کين اهو به ياد ڏياريو ته نواب ولي محمد واري ڌرڻي ختم ڪرڻ مهل هن جيڪي شرط رکيا هئا انهن مان هڪ به پورو نه ٿيڻ باوجود هو ڪيئن ان معاملي تان ڪناره ڪش ٿي ويا، ساڳي طرح ماڙي جلباڻي واري واقعي بابت به ماڻهو کيس ياد ڏياريندا رهيا ته پ پ بدران ملوث ادارن جو نالو ڇو نٿو کنيو وڃي، تمام گهڻي تنقيد بعد نيٺ هن ڊڄي ڊڄي چيو ته پوليس کان سواء اگر ڪنهن ٻئي اداري کان ڪا غلطي ٿي آهي ته ان کان به پڇاڻو ڪيو وڃي. اوهان کي ياد هوندو ته ڪشمور ۾ هندو برادري جو مغوين جي آزادي لاء لڳل ڌرڻو چئن ڏينهن تائين جاري رهيو ۽ سموري سنڌ ساڻن گڏجي پئي پر پوء اسان جا قوم پرست اڳواڻ بجاء جو پنهنجي پنهنجن علائقن ۾ روڊ بند ڪري هندن جي احتجاج کي مظبوط ڪن ها هي سڀ ڪشمور وڃي پهتا ۽ پرائي احتجاج ۾ وڃي بالم ٿي ويهي رهيا، بعد ۾ هڪ پر امن احتجاجي ڌرڻي ۾ جڏهن ملڪ خلاف نعريبازي ٿي ته ڪاروباري ۽ امن پسند هندو ويچارا ڊڄي ويا ۽ انهن شرافت سان احتجاج ختم ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهي، ماڙي جلباڻي واقعي بعد به ايئن ئي ٿيو، هڪ طرف چيو ويو ته هي عام ڳوٺاڻا آهن ته ٻئي طرف وري لاشن کي ڳاڙهن جهنڊن ۾ ويڙهي کين سياسي ڪارڪن هجڻ جو تاثر ڏنو ويو. سوشل ميڊيا تي تصويرون به موجود آهن ته ڌرڻي ۾ محدود ماڻهن جو تعداد نظر اچي رهيو هيو جنهن جو سبب اهو هيو ته ان کي مخصوص پارٽين پاران ڄڻ ته يرغمال بڻايو ويو هيو جنهن کان پوء هڪ طرف پيپلز پارٽيء کي گاريون ڏنيون پئي ويون ته ٻئي طرف وري کين ڌرڻي ۾ نه اچڻ جون ميارون به ڏنيون پئي ويون. اهڙي صورتحال ۾ سڄاڻ ڌرين اڳواٽ ئي اڳڪٿيون ڪري مايوسيء جو اظهار ڪري ڇڏيو هيو ته هن ڌرڻي جو ڪوبه نتيجو ناهي نڪرڻو ۽ پوء ٿيو به ايئن ئي هڪ اهڙي ايف آء آر ڪاٽي وئي جيڪا ڌرڻي کان سواء خود بخود به ڪٽجي وڃي ها ڇو ته ان ايف آء آر ۾ نه ته ڪنهن قاتل جونالو آهي نه ئي ڪو نشان، ان ايف آء آر ۾ نه ڪو شاهد آهي نه ڪو ٻيو. بس نامعلوم ماڻهو هئا جيڪي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ قيامت برپا ڪري ويا. جنهن وقت ڌرڻو ختم ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا ان وقت اتي موجود ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته اَحتجاج ختم ڪرڻ جو سبب رُڳو ايف آءِ آر ئي ناھي پر وڏو مسئلو اُھو بہ آهي تہ شھيدن جون ونيون، مائرون، ڀينرون ۽ ٻارڙا انھن جو انتظار ڪري رَھيا آهن، گھرن ۾ روڄ آهي، سخت گرميءَ سبب لاش بہ متاثر ٿي رھيا آهن، اهوبتاثر ڏنو ويو ته وارثن پاران لاش دفنائڻ لاء اڳواڻن مٿان وڏو دٻاء آهي. بحرحال جڏهن ايف آء آر اڳيان آئي ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ سڀ اڳڪٿيون سچيون ثابت ٿيندي نظر آيون. يعني عام ماڻهو ۽ نوجوان رڙيون ڪندا رهيا ته انصاف ٿئي انصاف ٿئي ۽ اسان جا قومپرست اڳواڻ بوڇڻ ڇنڊي ڌرڻي وارا شاميانا ڊاهي اچي گهر پهتا. ٿورو تصور ڪريو اتي جيڪر قتلن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪو پيپلز پارٽي سان سلهاڙيل اڳوڻو وزير، ڪو ايم اين اي يا اڳواڻ ملوث هجي ها ته پوء هنن ساڳين قومپرست يارن جو رد عمل ڇا هجي ها؟ ڇا پوء کين لاشن جي ڌپ ڪرڻ جو عذر ڪندي ڏسون ۽ ٻڌون ها؟ نه هرگز نه. پوء آخري حد تائين احتجاج ٿئي ها، مان اهو نٿو چوان ته خدانخواهسته اگر ڪنهن به واقعي ۾ پيپلز پارٽي جو يا ڪير به ٻيو ڪو اڳواڻ ملوث هجي ته ان خلاف احتجاج نه ٿيڻ گهرجي، بلڪل ٿيڻ گهرجي پر احتجاجن جو اهو ساڳيو رويو ان وقت بدلجي وڃي ٿو جڏهن سامهون واري ڌر جو اشارو اتفاق سان انهن ڏانهن وڃي ٿو جن جو نالو کڻندي به هنن کي هڪ سئو دفعا سوچڻو پوي ٿو. هي سڀ ڪجھ لکڻ ۽ ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان کي سوچڻ گهرجي ته سنڌ جو موجوده سنڌي قومپرست اڳواڻ ڪهڙي سوچ جو مالڪ آهي ۽ آخر سنڌي قوم مٿن اعٿبار ڇو نٿي ڪري؟
نه رڳو سيد زين شاھ پر اهي اڳواڻ جيڪي گهر ويٺي فيس بوڪ تي لائيو اچي ڀڀڪيون هڻي رهيا هئا انهن جو ڪهڙو عملي ڪم بچيو آهي؟ فيس بوڪ تي ته اڄ ڪلھ گهڻا ئي ليڊر ويٺا آهن جيڪي گهر ويٺي انقلاب آڻي رهيا آهن. نواب ولي محمد جو ڌرڻو هجي يا ڪشمور وارو ڌرڻو هجي، سڀني احتجاجن ۾ هميشه سنڌ جو نوجوان پاڻ مرادو روڊن تي نڪتو آهي ڪنهن به قومپرست ڌر انهن کي روڊن تي نڪرڻ جو سڏ ناهي ڏنو. ان جي برعڪس خود عوامي پريشر ۾ اچي قومپرست اڳواڻ پنهنجي عزت بچائڻ لاء عام ماڻهن جي انهن احتجاجن ۾ شامل ٿيندا آهن ڇاڪاڻ جو اها سندن مجبوري ٿي ويندي آهي.
سڪرنڊ واري تازي سانحي کان پوء به مجموعي طور تي سنڌي ماڻهن ۾ مايوسي پکڙي آهي پر اها مايوسي عوام جي طرفان ساٿ نه ڏيڻ جي حوالي سان ناهي البته خود اڳواڻن طرفان عوام کي ٿي آهي. ڪو دور هوندو هيو جو جي ايم سيد جهڙا رهبر موجود هوندا هيا ۽ ان جي سٿ جا ساٿي به جدوجهدن ۾ هوندا هيا پر کين شڪايت هوندي هئي ته عام ماڻهو سندن ساٿ نٿا ڏين پر هن وقت تاريخ جو ابتو ڦيٿو ڦري رهيو آهي، هاڻي سنڌ ۾ ڪابه ناانصافي ٿئي ٿي ته عام ماڻهو پاڻ مرادو روڊن تي نڪري اچن ٿا پر اڳواڻ گهرن ۽ ٻرن ۾ لڪي وڃن ٿا، جيڪي ليڊر ماڻهن جي ٿيندڙ احتجاجن ۾ مفت ۾ شامل ٿي ليڊر پائي ڏيکارين ٿا اهي هلڪي ڦلڪي آسري تي يا دڙڪي دهمان تي ڌرڻي مان ٽوال ڇنڊي اٿي هليا وڃن ٿا. ڳوٺ ماڙي جلباڻي جي مظلوم ڳوٺاڻن جي خون سان به ڪهڙو انصاف ٿيو؟
ڪيس ته داخل ٿي ويو پر قتل ثابت ڪيئن ٿيندا ؟ جاچ ڪميٽي به ٺهي وئي پر جاچ ڪهڙي ٿيندي؟ جاچ ڪميٽي چوندي فريادين کي چوندا رھياسين ته جوابدارن جا نالا ڏيو پر فريادي اهڙو ڪوبه نالو ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا، ڊائيرين ۾ هٿرادو ڳالهيون هونديون ، پنهنجا شاهد ۽ پنهنجا مشير هوندا، ڪيس ۾ جوابدار نہ ھجڻ ڪري ڪيس اي ڪلاس ۾ نيڪال ٿي ويندو يا فريادي ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي خود ئي ڪيس تان هٿ کڻي ويندا، ٿورو سوچيو فريادي ڪورٽن جا چڪر ڪهڙن ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ لاء ڪاٽيندا؟
ڪنهن وڪيل دوست موجب هن ايف آء آر تحت ڪيس ۾ ڪنھن جوابدار کي سزا تہ ڇا پر حاضريء لاء سڏ بہ ڪون ٿيندو. ان ڪري ڌرڻي جي ڪاميابيء جي نتيجي ۾ ڪاٽيل ايف آء آر مان ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ شهيد ٿيل ڳوٺاڻن جو ڪوبه قاتل ڪونهي، اردو جي هڪ شعر جي هن سٽ وانگر ته،
شايد مقتول خود آکر گرا تھا خنجر کی نوک پر….

اپنا تبصرہ بھیجیں