Muhammad Khan Abro

نئين بجيٽ ۽ پراڻا مسئلا

جيتوڻيڪ گهڻن ماڻهن لاء اخبار جي فرنٽ پيج تي ڇپيل هيء خبر غير اهم يا مزاحيا لڳي هوندي ته ملڪ ۾ گڏهه وڌي ويا آهن ۽ هڪ سال دوران هڪ لک کان وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، پر آئون ان ڳالھ کي مذاق سمجهڻ بدران سوچي رهيو آهيان ته ملڪ جي آباديء جو وڏو حصو اڳ ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيو آهي پر هي ڪهڙو طبقو آهي جيڪو موٽر سائيڪلن، چنگچي رڪشائڻ کي ڇڏي گڏه گاڏا هلائڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال دوران ملڪ ۾ گڏهن جو انگ وڌي 58 لکن تائين پهچي ويو آهي. مالي سال 23-2022 جي جاري ڪيل سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ سال دوران گڏهن جي انگ ۾ 1 لک واڌ ٿي، جنهن کان پوءِ گڏهن جو گڏيل انگ 58 لک ٿي ويو. ٻهراڙيء ۾ به گڏھ جو استعمال گهڻن ڪمن لاء ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ گڏه گاڏا ڇڪڻ کان وٺي وزن ڍوئڻ تائين گڏهن جو استعمال ٿئي ٿو پر سوال اهو آهي ته دنيا هر وک ترقيء ڏانهن کڻي رهي آهي پر اسان جا قدم وري پٺئين دور ڏانهن ڇو وڃي رهيا آهن!
خير اهي ته ٿيا اصلي گڏه پر ملڪ جي ٻين “گڏهن” جو ذڪر ڪبو ته ڳالھ پري نڪري ويندي ان ڪري پاڻ اچون ٿا وفاقي حڪومٿ پاران پيش ڪيل نئين سال جي بجيٽ ڏانهن.
ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار مالي سال 24-2023ع لاءِ جيڪا بجيٽ پيش ڪئي آهي ان بابت ناڻي واري وفاقي وزير دعويٰ ڪئي آهي ته بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. حقيقت ۾ ناڻي واري وزير خود اعتراف ڪيو ته ٻين شين کي ته ڇڏيو پر يوناني دوائن ۽ سيڪنڊ هينڊ ڪپڙن تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي. پيش ڪيل بجيٽ ۾ وفاق جي ڪل آمدني جو ڪاٿو هڪ پدم 44 کرب 60رپيا لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ 7 هزار 500 ارب رپين جو خسارو ڏيکاريو ويو آهي. اهو خسارو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ رڪارڊ پڻ آهي. بجيٽ ۾ ايف بي آر جي اوڳاڙين جو هدف 92 کرب رپيا، نان ٽيڪس آمدني 29 کرب 63 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. بجيٽ ۾ جاري خرچن لاءِ هڪ پدم 33 کرب 20 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ترقياتي خرچن لاءِ 1140 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ پهرين گريڊ کان 16 گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو ايڊهاڪ الائونس اضافو ڪيو ويو جڏهن ته 17هين گريڊ کان وڌيڪ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو. پينشن ۾ به ساڍا 17 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.
هن بجيٽ ۾ سڀ کان چڱي ڳالھ اها ٿي آهي ته مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار رپيا ماهورا ڪئي وئي آهي جنهن سان مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڙي هڪ هزار رپين کان وڌي ويندي. ياد رهي ته پورهيي کاتي سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني جڏهن مزدور جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار مقرر ڪئي هئي تڏهن سپريم ڪورٽ مل مالڪن جي مطالبي تي اها پگهار گهٽائڻ جو فيصلو ڏنو هئو جنهن کان پوء به سنڌ سرڪار پنهنجي ڳالھ تي نه فقط بيٺي رهي پر وفاقي حڪومت کان به مطالبا ڪندي رهي ته مزدورن جي پگهار پنجويھ هزارن کان گهٽ ڪرڻ بدران پنجاھ هزار رپيا مقرر ڪئي وڃي. آئون سمجهان ٿو اهڙي مطالبي رکڻ بعد مزدور جي ڪيس سگهھ ورتي ۽ وفاقي حڪومت به ڪجھ نه ڪجھ پگهار ۾ اضافو ڪري مزدورن جي پگهارن جي حقيقي اجرت واري انگ طرف راھ هموار ڪئي آهي.
هن بجيٽ بابت ڇرڪائيندڙ خبر اها آهي ته وزيراعظم شهباز شريف انڪشاف سان گڏ اعتراف ڪيو آهي ته ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي سمورن شرطن جي مطابق ٺاهي آهي. يعني هيء بجيٽ پاڪستان نه پر خود آء ايم ايف ٺاهي آهي جنهن جو ڪوبه اهڙو مطالبو ناهي جيڪو هن بجيٽ ۾ منظور نه ڪيو ويو هجي.
ملڪ جي وزيراعظم جي اهڙي انڪشاف بعد آساني سان سمجهي سگهجي ٿو ته هيء بجيٽ عوام دوست آهي يا عوام دشمن؟ ٻين لفظن ۾ ته جيڪا بجيٽ آء ايم ايف ٺاهي هجي ان ۾ عوام لاء ڪهڙو رليف هوندو ڇاڪاڻ ته آء ايم ايف ڪو عوامي ادارو ناهي بلڪه آء ايم ايف ته دنيا جهان جي غريب ملڪن جي غريب ماڻهن جو رت چوسي دولت گڏ ڪندڙ هڪ نامي گرامي ادارو آهي. وزيراعظم صاحب ڪابينا کي خطاب ۾ چيو ته عالمي مالياتي اداري جا سمورا شرط پورا ڪيا ويا آهن اميد آهي ته هاڻ هن مهيني قرض جو معاهدو ٿي ويندو. پاڪستان جو عوام بجيٽ تقرير ۾ رڳو ٻن چئن شين بابت دلچسپي رکندو آهي، هڪ پگهار ۽ پينشن ۾ اضافو ۽ ٻيو ڪجھ بنيادي شين جي اگهن ۾ لاٿ لاء ٽيڪسن جي ڇوٽ. پر ڏٺو وڃي ته بجيٽ انگن اکرن جي اهڙي راند آهي جنهن کي سمجهڻ کان سواء معاملي کي ڪڏهن به گهرائيء سان سمجهي نه سگهبو. ان ڪري ايندڙ سال لاء پيش ڪيل بجيٽ جي انگن اکرن کي سمجهڻ انتهائي ضروري آهي.
پي ڊي ايم جي حڪومت جي پيش ڪيل هن بجيٽ مان ته ايئن ٿو لڳي ته حڪومت 90 سيڪڙو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ڇاڪاڻ ته خود ناڻي کاتي جي وزير جي ڊي پي گروٿ 6 سيڪڙو جي مقابلي ۾ رڳو 0.2 سيڪڙو ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي، سڄي دنيا اندر ڪنهن به ملڪ جي ترقيء جو تخمينو لڳائڻ لاء ان جي جي ڊي پي جو گرٿ ريٽ ڏسي سمجهي وڃبو آهي ته هي ملڪ ڪيڏانهن پيو وڃي.
بحرحال بجيٽ ۾ عام چونڊن لاءِ 42 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن مان گهٽ ۾ گهٽ اهو لڳي ٿو ته حڪومت عام ڇونڊون ڪرائڻ جي موڊ ۾ ضرور آهن پر ملڪي حالتون نٿيون ٻڌائين ته عام چونڊون ڪي وقت سر ٿي سگهن ٿيون. بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ ناڻي وزير اسحاق ڊار رٿابندي جي وزير احسن اقبال، ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ ٻين جي ڪيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيل ڳالهيون انتهائي اهميت جون حامل آهن جن ۾ چيو ويو ته ختم ٿيندڙ مالي سال 2022-23ع جي اقتصادي ڪارڪردگي تي ٻڌل قومي اقتصادي سروي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2022-23ع دوران اقتصادي ترقي جي هدف 6.1 سيڪڙو جي مقابلي ۾ اقتصادي ترقي 0.29 سيڪڙو رهي، زرعي شعبي جي ترقي 1.55 سيڪڙو رهي، گذريل سال زرعي شعبي جي ترقي 4.27 سيڪڙو هئي، صنعتي شعبي جي ترقي ڪاٽُو 2.94 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل سال 6.83 سيڪڙو هئي، خدمتن جي شعبي جي ترقي 0.86 سيڪڙو رهي، پاڪستان ۾ في ڪس آمدني ۾ به گهٽتائي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته في ڪس آمدني 1568 ڊالر رهي، گذريل سال في ڪس آمدني 1765 ڊالر هئي، جولاءِ کان اپريل دوران ناڻي رسد جي آمد ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، مجموعي طور تي 22.7 ارب ڊالر پرڏيهه مان پاڪستانين موڪليا، گذريل سال ان عرصي ۾ 26.1 ارب ڊالر اماڻيا ويا هئا، ختم ٿيندڙ مالي سال جي 11 مهينن دوران امپورٽ ۾ 29.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جنهن کان پوءِ امپورٽ گهٽجي 51.2 ارب ڊالر تي پهتي، گذريل سال 11 مهينن دوران امپورٽ 72.3 ارب ڊالر هئي، ختم ٿيندڙ مالي سال دوران ايڪسپورٽ ۾ 12.1 سيڪڙو گهٽتائي ٿيڻ کان پوءِ ايڪسپورٽ 25.4 ارب ڊالر تي پهتي، گذريل سال پاڪستاني شين جي ايڪسپورٽ 28.9 ارب ڊالر هئي، ختم ٿيندڙ مالي سال دوران مهانگائي جي شرح کي گهٽ ڪري 11.5 سيڪڙو تي آڻڻ جو هدف رکيو ويو هو، پر مهانگائي وڌي 29.2 سيڪڙو تي پهتي، ختم ٿيندڙ مالي سال جي 10 مهينن دوران مالياتي خسارو جي ڊي پي جي 4.6 سيڪڙو رهيو، گذريل سال ان عرصي ۾ مالياتي خسارو 4.9 سيڪڙو هو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 76 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جولاءِ کان مئي 2023ع تائين ايف بي آر ٽيڪس وصولين ۾ 16.1 سيڪڙو اضافو ٿيو، مجموعي طور تي 6210 ارب جون ٽيڪس وصوليون ٿيون، جولاءِ کان مئي تائين تجارتي خسارو 40.4 سيڪڙو گهٽتائي سان 25.8 ارب ڊالر تي پهتو، سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري 23.2 سيڪڙو گهٽتائي کان پوءِ هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر رهي، مينوفيڪچرنگ شعبي جي ترقي 3.91 سيڪڙو رهي، گذريل سال ان شعبي جي ترقي 10.86 سيڪڙو هئي، تعميراتي شعبي جي ترقي ڪاٽُو 5.53 سيڪڙو رهي، بجلي، گيس، پاڻي جي فراهمي سميت صنعتن جي ذيلي شعبن جي ترقي 6 سيڪڙو رهي، هول سيل ۽ رٽيل تجارت جي ترقي منفي 4.46 سيڪڙو رهي، مجموعي سرمائيڪاري ۾ 10.2 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته گذريل سال مجموعي سرمائيڪار ۾ 29.1 سيڪڙو اضافو ٿيو هو.
حڪومت سمجهي ٿي ته اڄ جي حالتن ۽ آءِ ايم ايف جي ڊرامي سبب ڊالر هٿرادو مهانگو ٿيو آهي پر حڪومت اهو نٿي ٻڌائي ته آء ايم ايف وٽ ملڪ کي گروي رکندڙ ڪير آهن. در اصل سمورا مسئلا رپئي جي قدر گھٽجڻ سان ٿين ٿا، رپيو ڪري ٿو ته مهانگائي وڌي ويندي آهي، برآمداد نٿي وڌي. حڪومت جي خواهش آهي ته ماڻهو ڊالرن ۽ سون ۾ پيسا محفوظ نه رکن پر حڪومت عوام کي رپئي جو قدر گهٽجڻ کان روڪڻ لاء ڪابه گارنٽي نٿي ڏئي. جڏهن کان هي ملڪ وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان هر دور وانگر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن وقت به ملڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، پاڪستان گذريل ساڍن چئن سالن ۾ دنيا جي 24هين معيشت مان 47هين معيشت تي اچي ويو آهي.
حڪومت اعلانيا طور مڃي ٿي ته آءِ ايم ايف جي جائزي تحت گهربل سمورا قدم ۽ مطالبا اڳواٽ ئي پورا ڪري ڇڏيا آهن، ان ڪري ملڪ جي ڊفالٽ ڪرڻ جو ڪو خطرو ناهي. حڪومت دعوي’ ڪري ٿي ته اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ماهوار گردشي قرض ۾ 330 ارب جو اضافو ٿيو، اسان جي دور ۾ اهو اضافو 129 ارب جو هو، اڳوڻي حڪومت گردشي قرض جي رقم وڌائي 2467 ارب تائين پهچائي، اڳُوڻي حڪومت ۾ 25 هزار ارب کان قرض وڌائي49 هزار ارب تائين پهچايو ويو، پاليسي ريٽ ۾ اضافي سان به قرضن ۾ 7 هزار ارب جو اضافو ٿيو، آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدا ٽوڙي ملڪي معيشت ۾ آخري ڪوڪو هنيو ويو، اهوئي نه پر گذريل سال آيل ٻوڏ ۾ به پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، بلوم برگ جي رپورٽ مطابق به پاڪستان ۾ ڊالر جي حقيقي قدر 244 رپيا هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ ڊالر 40 کان 45 رپيا مصنوعي طور تي وڌايو ويو آهي.
ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بجيٽ تقرير ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار پاران ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو ڪل تخمينو 14500 ارب لڳايو ويو. ايف بي آر کي ٽيڪس وصولين جو هدف 9200 ارب جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو جو هدف 2800 ارب رکڻ جي تجويز ڏني وئي. ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ قرضن ۽ وياج جي ادائگي لاءِ 7300 ارب، مختلف مد ۾ سبسڊيز لاءِ 1300 ارب، ترقياتي بجيٽ لاءِ 1150 ارب، دفاع لاءِ 1800 ارب، چونڊيل نمائندن جي اسڪيمن لاءِ 90 ارب، بجيٽ ۾ وزيراعظم جي اسڪيمن لاءِ 80 ارب رکڻ سان گڏ مختلف وزارتن جي جاري خرچن لاءِ 650 ارب، پينشن لاءِ 700 ارب رکڻ جا اعلان ڪيا ويا. بجيٽ ۾ صوبن کي 5244 ارب منتقل ڪرڻ جي اعلان سان گڏ بجيٽ خسارو هزار ارب کان وڌيڪ هجڻ جو پڻ چيو ويو. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 6.4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته عالمي مالياتي ادارو آءِ ايم ايف حڪومت جي خواهش موجب ايندڙ مالي سال دوران ٽيڪس وصولين جو هدف9800 ارب رپين کان گهٽائي 9200 ارب رپيا رکڻ تي راضي ٿي ويو آهي تڏهن ئي حڪومت پاران به ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولين جو هدف 9200 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اجائي تنقيد کان بچڻ لاء سالياني بجيٽ ۾ 1600 اربن جا ٽيڪس هدف رکيا ويندا، پر 510 اربن جا ٽيڪس وري مني بجيٽ ۾ اڳواٽ ئي لڳي چڪا آهن جڏهن ته وري ٻيون مني بجيٽون آڻي اصل هدف پورا ڪيا ويندا. ماهرن جو چوڻ آهي ته 200 کان 500 ارب رپين جا نوان ٽيڪس فنانس بل ذريعي لڳندا، مجموعي طور تي ايف بي آر ٽيڪس وصولين ۾ هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ مالي سال 1900 ارب واڌو گڏ ڪندو تڏهن وڃي آء ايم ايف وٽ پاڪستان جي ضمانت ٿيندي. نان فائلرز لاءِ ميوچل فنڊز ۽ ريئل انويسٽمينٽ ٽرسٽ تي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس جو فيصلو ڪيو ويو اهي، بجيٽ ۾ درآمدي لگزري شين تي ود هولڊنگ ٽيڪس به وڌايو ويو آهي، پراپرٽي سيڪٽر ۾ نان فائلرز لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس ٻيڻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فنانس بل موجب نان فائلرز لاءِ پرائز بانڊز جي خريد ۽ وڪرو ڪندڙن تي ود هولڊنگ ٽيڪس وڌايو ويندو، اهڙي طرح بجيٽ کان پوء وري ٻي مني بجيٽ ذريعي اصل هدف پورا ڪيا ويندا، جنهن لاء چيو پيو وڃي ته پراپرٽي سيڪٽر ۾ پلاٽ جي خريد ۽ وڪري تي ود هولڊنگ ٽيڪس نان فائلرز لاءِ ٻيڻو هوندو، بجيٽ ۾ نان فائلرز جي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح فائلرز جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اهڙي طرح بجيٽ اندر لڪل بجيٽ جو اڃان ڪجھ ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو جنهن کان پوء ملڪ ۾ مهانگائي جو هڪڙو بم نه ڪرندو پر مسلسل بمباري ٿيڻ جو امڪان آهي. اهڙي صورتحال کان بچڻ لاء في الحال ته فقط دعا ئي گهري سگهجي ٿي ڇاڪاڻ ته ملڪي سياست جو حال اسان جي سامهون آهي، ملڪي سياسي ميدان تي مختصر نظر ڊوڙائجي ته پي ٽي آء پنهنجي منظقي انجام تي پهچڻ بعد پي
ٽي آءِ جي باغي اڳواڻ ۽ صنعتڪار جهانگير ترين پنهنجي نئين پارٽي استحڪام پاڪستان پارٽي جي نالي سان ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. جهانگير ترين عمران خان کي ڏوراپا ڏنا آهن ته اسان پي ٽي آءِ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪئي، سرڪاري عمارتن تي حملي لاءِ اهو سڀ ڪجهه نه ڪيو هو. هن دعوي’ ڪئي آهي ته اسان جي پارٽي ۾ مستقبل ۾ ٻيا ماڻهو به شامل ٿيندا. انهن ۾ ووٽ بينڪ رکندڙ ماڻهو به شامل آهن، اسان ايندڙ ڏينهن ۾ پنهنجي پارٽي جو پروگرام ڏينداسين ۽ چونڊن ۾ به حصو وٺنداسين.
آئون سمجهان ٿو هن کان اڳ جن سگهارن هٿن آء جي آء، ايم ڪيو ايم، ق ليگ، نواز ليگ، پي ٽي آء ۽ ٻيون اهڙيون پارٽيون هٿن سان ٺاهيون اهي جهانگير ترين کي اقتدار بهبڏياري سگهن ٿا پر سوال اهو آهي ته بجيٽ جي منظر نگاري ۾ ظاهر ٿيندڙ معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ کي اهڙو مستحڪم پاڪستان ڪير ٺاهيندو جنهن ۾ پارليامينٽ، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه هڪ پيج تي هجن، اهڙو ملڪ ڪير ٺاهيندو جنهن ۾ بجيٽ آء ايم ايف جي شرطن تي نه پر ملڪي عوام جي ضرورتن کي ڏسي ٺاهي وڃي.
اهڙو ملڪ ڪير ٺاهيندو جنهن ۾ گڏهن جو تعداد وڌڻ بدران انساني ترقيء جا موقعا وڌن، اهڙو ملڪ ڪير ٺاهيندو جنهن ۾ ماني سان گڏ ماڻهن کي امن به ميسر ٿي ملندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں