Muhammad Khan Abro

آدم شماري جا امڪاني نتيجا ڪير قبوليندو؟ محمد خان ابڙو

جيئن ته ادمشماري جي نتيجن جي آڌار تي فيوچر پلاننگ، اين ايف سي ايوارڊ ۽ تڪ بندين جو تعين ڪيو ويندو آهي ان ڪري تمام تر اعتراضن ۽ خدشن باوجود سنڌ هلندڙ ڊجيٽل آدم شماري ۾ حصو وٺي رهي آهي، تازو ئي سنڌ جا ھڪ ڪروڙ ماڻھو سيلاب ۽ برسات جي ڪري مختلف جڳھين تي منتقل ٿي ويا هئا جيڪي اڃان سوڌو مڪمل طور واپس اصل ماڳن تي منٿقل ٿي ناهن سگهيا، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا جن مان ڪيترائي گهراڻا هن وقت به دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن جن جي بحالي ئي هن وقت تائين سڀ کان اهم مسئلو آهي، اهڙي جنگي صورتحال ۾ اول ته سينسز جو اشو اٿارڻ ئي سمجھ کان ٻاهر آهي، تنهن هوندي به تمام تر مسئلن ۽ مونجهارن جي باوجود پھرين مارچ کان شروع ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌي قوم پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ آدمشماري لاءِ سرڪاري سطح تي جاگرتا لاء فنڊ به مقرر ڪيا ويا آهن پر انتظاميا ان حوالي سان ڪوبه جوڳو ڪردار ادا نه ڪري سگهي آھي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته آدم شماري جي حوالي سان وڏي پئماني تي جاڳرتا مهم هلائڻ گهرجي ها گڏوگڏ آدم شماري ڪندڙ عملي جي به ڀرپور تربيت ڪجي ها پر ٿيو ڪجھ به ڪونه. اهو ئي نه پر ان حوالي سان ٽيڪنيڪل پاسن کان هٽي ڪري اصل اعتراضن ۽ خدشن بابت به ڪو تحرڪ نه ورتو ويو. سنڌ جي اعتراضن کي نظر اندار ڪرڻ تي هن وقت پيپلز پارٽي جا وفاق سان کلي طرح اختلاف سامهون اچي ويا آهن ۽ خوشيء جي ڳالھ اها آهي آصف علي زرداري توڙي بلاول ڀٽو جي صورت ۾ پيپلز پارٽي قيادت پاران واضح اشارا ڏنا وي آهن ته جيڪڏهن ڊجيٽل آدم شماري بابت سنڌ جي اعتراضن ۽ خدشن کي ختم نه ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي وفاق ۾ پي ڊي ايم کان الڳ به ٿي سگهي ٿي. سنڌ جو ماڻهو پنهنجي وطن سان محبت جي اظهار طور هر دور ۾ آدم شماري واري اشو تي تحريڪون هلائيندو رهيو آهي، هن وقت به هڪ طرف ايس يو پي طرفان سکر کان ڪراچي لاء نڪتل پيادل مارچ ڪراچي طرف روان دوان آهي ته ٻئي طرف ايس ٽي پي پاران پڻ ڪراچي جي پريس ڪلب آڏو ويھن ڏينهن جي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي جي ان قدم کي ساراهيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته ايس يو پي جي هلندڙ پيادل مارچ ذريعي اڳ ۾ ئي ڊجيٽل آدم شماري خلاف هڪ راء جڙي چڪي آهي، وري ايس ٽي پي جي احتجاج ان راء کي ويتر مظبوط ڪري ڇڏيو آهي. ايس ٽي پي تازو ۡحيدرآباد ۾ هڪ وڏو مادر وطن جو جلسو پڻ ڪيو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيل ماڻهن جو تعداد ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ايس ٽي پي به سنڌ جي وڏين قوم پرست پارٽين منجهان هڪ پارٽي آهي جيڪا پڻ ڊجيٽل آدم شماري خلاف ميدان عمل ۾ آهي جڏهن ته سيد زين شاھ جي سرواڻيء ۾ نڪتل پيادل مارچ سنڌ ۾ هڪ نئين هلچل پيدا ڪري ڇڏي آهي. روشن ٻرڙي، جڳديش آهوجه، امير حسن پنهور سميت هن پيادل مارچ جي اڳواڻن توڙي سمورن پانڌيئڙن کي جس ڏيڻ گهرجي جن جا پير پٿون ٿيڻ کان پوء به سندن قدم رڪيا ناهن. هن مارچ ذريعي سنڌ ۾ تحرڪ سان گڏو گڏ جدوجهدن تان کڄي ويل ويساھ واپس ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته پيادل مارچ جي سرواڻ سيد زين شاھ جي حالت خراب ٿيڻ باوجود سندن سفر جاري آهي. سوشل ميڊيا تي سيد زين شاھ جي شروع ۾ هليل پيرن جي تصويرن تي پهرين ته تنقيدون ۽ ٺٺوليون به ڪيون ويون پر پوء آهستي آهستي ماڻهن کي احساس ٿيڻ لڳو ته هو واقعي به پنهجي مقصد سان سچو آهي. هن وقت به سيد زين شاھ خراب حالت سبب اسپتال جي آء سي يو ۾ داخل آهي جتي مون خود وڃي سندس حالت اکين سان ڏٺي آهي جيڪا جيتوڻيڪ خطري واري ته ناهي پر اطمنان جوڳي به ناهي. مون جڏهن سندس حالت پنهنجي اکين سان ڏٺي ته مون کي خود احساس ٿيو ته سندس زندگي ويندي ويندي بچي آهي. ان ڪري کيس شاباس ڏيندي اها ڳالھ چئي سگهجي ٿي ته آدم شماري وارو مسئلو يقينن ڪو ايڏو عام رواجي ناهي بلڪه سنڌ جي جياپي جو مسئلو آهي. توڙي جو سيد زين شاھ جي پيادل مارچ ۾ جيڪي مسئلا اٿاريا ويا آهن انهن ۾ پ پ جي سنڌ حڪومت جي خراب حڪمراني ۽ ٻيا ٻرندڙ مسئلا به شامل آهن جن تي اختلاف رکندي بحث ڪري سگهجي ٿو جنهن جو آئون حق به محفوظ رکان ٿو پر سندس سچائيء سان ڪيل پنڌ واري پورهيي کي نظر انداز به نٿو ڪري سگهجي. آئون سنڌ حڪومت جي ڪوششن جو به گواھ آهيان جيڪا چاهي ٿي ته صاف ۽ شفاف طريقي سان ڊيجٽيل آدم شماري جو عمل ٿئي ۽ ڪنهن جماعت يا گروپ کي ان تي ڪوبه اعتراض نه هجي، ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي قرارداد پڻ منظور ڪئي آهي ته ڊيجيٽل آدم شماري شفاف طريقي سان ٿئي ۽ سنڌ جا اعتراض ختم ڪيا وڃن. اوهاب کي ياد هوندو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه به ڊيجيٽل آدم شماري تي واضح موقف ڏئي چڪا آهن پر هاڻي ته سندن موقف اڃان به واضح ٿي ويو آهي ۽ پيپلز پارٽي قيادت اهو به چوڻ لڳي آهي ته سنڌ صوبي جي عوام کي گهٽ ڳڻيو پيو وڃي جيڪو ڪنهن به ريت قبول ناهي ۽ جيڪڏهن اعتراض ختم نه ڪيا ويا ته هو ادم شماري کي رد ڪري ڇڏيندا. پيپلز پارٽي تي هڪ سئو هڪ تنقيد پنهنجي جاء تي پر آدم شماري واري اشو تي سندس موقف انتهائي ساراھ جوڳو آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران آدمشماري تي تحفظات ظاهر ڪندي باظابطه طور تي چيو ويو آهي ته حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن جي بحالي سميت آدم شماري بابت جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا، اهي اڃا تائين پورا ناهن ٿيا، اهي واعدا وفا نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان لاءِ وفاقي وزارتون رکڻ ڏکيو بڻجي ويندو، اسان کي اميد آهي ته وزيراعظم پاران اسان جي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو، بلاول ڀٽو موجب ته اسان 2018 واري اليڪشن کان اڳ ۾ ئي چيو هو ته اسان 2017ع واري آدمشماري کي ان شرط تي قبول ڪريون ٿا ته 5 کان 10 سيڪڙو چارجز تي ٻيهر آدمشماري ڪرائي ويندي، اسان کي بار بار چيو ويو ته آدمشماري درست طريقي سان ڪرائي ويندي پر اليڪشن ويجھو ايندي ئي نئين ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي پئي وڃي، هن چيو ته اسان آدمشماري جي حمايت ڪريون ٿا پر سنڌ جي عوام ۽ اسان کي ڊجيٽل آدمشماري تي اعتراض آهن، هتي جيڪو طريقڪار اختيار ڪيو ويو آهي، انهي جي حمايت نٿا ڪري سگهون، وفاق اعتراضن جو ازالو نه ڪيو ته پ پ وفاق جو ساٿ نه ڏيندي، هن جو اهو به چوڻ هيو ته سنڌ جي وڏي وزير شماريات کاتي کي پنهنجا اعتراض اماڻيا آهن ته پيپلز پارٽي کي ڊجيٽل سينسز قبول ناهي، آئون وفاق سان ڳالهائيندس، ڊجيٽل آدمشماري ۾ بي ضابطگيون ٿيون ته نه مڃينداسين. ياد رهي ته پيپلز پارٽي قيادت اڳ به وفاق سان شڪايت ڪندي رهي آهي ته صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت حق نه ٿا ملن، گڏوگڏ ٻين اشوز تي به آواز کڄندو رهي ٿو پر بدقسمتي سان موجوده حڪومت طرفان مايوسي پلئه پئجي رهي آهي. ٻئي طرف سنڌ دشمن قوتون به ميدان تي لٿل آهن، ڪجھ ڏينهن اڳ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري حيدرآباد جو هڪ چڪر لڳايو جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو ته مڃيو ته سنڌ ۾ بدامني جو وڏو سبب غير قانوني طور رهندڙ افغاني آهن پر پوء به سندس اصل ارادن کان هرڪوئي آگاھ آهي. گورنر موجب ته شماريات کاتي جو ڪمشنر وٽس گورنر هائوس ۾ ملاقات لاءِ آيو هو جنهن سان هن جي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. ان دوران کانئس پهريون سوال اهو ڪيو ته آدمشماري ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڇو ناهي ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ان معاملي تي سوال اٿاري چڪيون آهن. پر شماريات کاتي جو جواب ٻڌائڻ کان سواء ئي گورنر چيو ته ڊجيٽل آدمشماري کي جاري رهڻ ڏنو وڃي. يعني وفاق سڀ سمجهي ٿو ته سنڌ جي عوام جا ڪهڙا اعتراض آهن پر ان جي باوجود انهن اعتراضن ۽ خدشن کي دور ڪرڻ بدران هو پنهنجي ضد تي بيٺل آهن. ماضيء ۾ به وفاق ساڳي پريڪٽس ڪندو رهيو آهي مثال طور سنڌ اسيمبلي ڪيترائي ڀيرا واضح نموني ڪالا باغ ڊيم خلاف قراردادون پاس ڪيون آهن پر ان جي باوجود وفاق مختلف هيلا بهانا بڻائي ڪالا باغ ڊيم واري مئل اشو کي جيارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. ڊجيٽل آدم شماري واري اشو تي به سنڌ واضح نموني پنهنجا اعتراض واري چڪي آهي پر وفاق هر ڀيري وانگر ڪن لاٽار ڪري رهيو آهي. تازو ٿيل سنڌ اسيمبلاجلاس ۾ پيپلز پارٽي پاران ڊجيٽل آدمشماري تي شديد خدشا ظاهر ڪيا ويا ۽ بغير سڃاڻپ ڪارڊ وسيلي ٿيندڙ ناقص آدمشماري خلاف پيش ڪيل ٺهراءُ ايوان ۾ اڪثريت سان منظور ڪيو ويو جڏهن ته مخالف ڌر ٺهراءُ خلاف هنگامو ڪندي ٺهراءُ جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، اجلاس ۾ پ پ ميمبرن جو چوڻ هيو ته سنڌ ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ سبب هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ ڳوٺن جو نالو نشان مٽجي ويو آهي ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي خدشا آهن ته آدمشماري ڪئين ٿي سگهندي، ٺهراءُ وسيلي چيو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري شفاف نه ٿي ته ان کي قبول نه ڪيو ويندو. اهڙي طرح پيپلز پارٽي پاران نه فقط قيادت پاران لفظي بيانن تائين هن عمل جي مخالفت ڪئي وئي پر عملي طرح به ملڪ جي اهم سگهاري فورم سنڌ اسيمبليء جي فلور تان پڻ باظابطه طور قرارداد پاس ڪري سنڌ جا خدشا رڪارڊ ڪيا ويا جيڪا ڳالھ يقينن تعريف جوڳي آهي. هن وقت ايس يو پي جو صدر ۽ پيادل مارچ جي سرواڻي ڪندڙ سيد زين شاهه جيتوڻيڪ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي پر پوء به سندن تاريخي پيادل لانگ مارچ ڪراچيء طرف روان دوان آهي ته ٻئي طرف ايس ٽي وي جي سربراه ڊاڪٽر قادرمگسي جي سرواڻيء ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو به مسلسل احتجاجي ڪئمپ تي احتجاج ڪيو پيو وڃي، اياز پليجي واري قومي عوامي تحريڪ پڻ سموري سنڌ ۾ ڊجيٽل آدم شماري خلاف احتجاج ڪري چڪي آهي جڏهن ته سنڌ جو سمورو شعور سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڊجيٽل آدم شماري خلاف پنهنجي حصي جو احتجاج ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي سڀ کان اعلي’ اعوان ۾ پڻ پيپلز پارٽي پاران قرارداد ذريعي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي اهڙي صورتحال ۾ به وفاق پاران ڪوبه خاطر خواھ قدم کڻي سنڌ جا خدشا ختم ڪرڻ بدران روايت هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي جنهن کان پوء اهڙي صورتحال ۾ ٿيندڙ آدم شماري جا ايندڙ امڪاني نتيجا يقينن نه فقط متنازعه هوندا پر ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن جي قبول ڪرڻ جهڙا ڪونه هوندا.

اپنا تبصرہ بھیجیں