هڪ لک رپيه ڏنڍ ڀري نه سگهڻ تي وڌيڪ ڇھ مهينا قيد ڪاٽڻ جي سزا وارو ڪالھ ٻڌايل فيصلو يقينن ڪجھ مهينا اڳ اچي ها ته ملڪ ۾ وڏو ڀونچال اچي وڃي ها پر ڪالهوڪي فيصلي بعد توڙي جو پي ٽي آء پاران عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف ملڪگير احتجاج جو سڏ به ڏنو ويو پر پوء به ملڪ ۾ ڇانيل ماٺار بدستور جاري آهي. شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ خلاف پرامن ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏيندي چيو ته ڪارڪن احتجاج دوران ڀڃ ڊاهه کان پاسو ڪن، اها ٻي ڳالھ آهي ته هو جيڪڏهن ڪارڪنن کي ڀڃ ڊاھ کان پاسو ڪرڻ جون هدايتون جاري نه به ڪري ها ته به ڪارڪنن پرامن ئي رهن ها ڇاڪاڻ ته اهو زمانو ويو هليو جڏهن پي ٽي آء قيادت عمران خان جي امڪاني گرفتاري تي ملڪ ۾ قيامت برپا ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏيندي هئي پر هاڻ فوري رد عمل ڏيکارڻ بدران پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ کانپوءِ مشاورت لاءِ پارٽيءَ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو جنهن ۾ اگر مگر چونڪه چناچه تي مشتمل فيصلا ڪيا ويا. عمران خان کان پوء پارٽي جي ٻئي وڏي ليڊر شاهه محمود قريشيء جو چوڻ آهي ته عوام ۾ عدالتي فيصلي تي بي چيني، ڏک ۽ ڪاوڙ پکڙيل آهي. ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جو پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف فيصلو تعصب تي ٻڌل آهي، پي ٽي آء موجب جج جي اهڙي فيصلي کي اعليٰ عدالت ۾ چئلينج پڻ ڪيو ويندو. ڪالهوڪو اهو فيصلو جنهن موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي جڏهن ته پوليس زمان پارڪ مان عمران خان کي گرفتار ڪري ورتو هيو. عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏيندي هڪ لک روپيا ڏنڊ به لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽڻو پوندو، جج همايون دلاور پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين تي الزام ثابت ٿي ويا آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين تي ڪوڙا اثاثا ظاهر ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيو آهي، جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي بي ايماني ثابت ٿي آهي جنهن کان پوء پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ جا وارنٽ پڻ جاري ڪيا ويا، اهڙن وارنٽ جاري ٿيڻ بعد عدالت آءِ جي کي گرفتاريءَ واري حڪم تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن بعد پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. ان کان اڳ جج همايون دلاور صبح 8 وڳي ٻڌڻي شروع ڪئي ته پهرين ته پي ٽي آءِ چيئرمين يا سندس ڪو به وڪيل پيش نه ٿيو، عدالت 9 وڳي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس وڪيل 9 وڳي ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي به پيش نه ٿيا ته وري عدالت 12 وڳي تائين مهلت ڏيڻ باوجود جوابدار ۽ سندس وڪيل پيش نه ٿيڻ تي ساڍي ٻارهين وڳي تائين فيصلو محفوظ ڪيو. شايد عمران خان کي اندازو ٿي ويو هيو ٿه اڄ کيس گرفتار ڪيو ويندو. جج نيٺ ساڍي ٻارهين وڳي ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل خواجا حارث پيش ٿيو ۽ ڳالهائڻ جي ڪوشش به ڪئي پر عدالت فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج جيئن ئي فيصلو ٻڌايو ته پنجاب پوليس جا وڏا اٽالا زمان پارڪ پهچي ويا ۽ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. عمران خان جي گرفتاري بعد سموري ملڪ ۾ ٻيو ڪو خاص ردعمل ته ڏسڻ ۾ ڪونه آيو البته ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه عمران خان جي گرفتاري تي اهم وڊيوز جاري ڪرڻ جي ڌمڪي ضرور ڏني. عمران خان جي اهڙي گرفتاري بعد مختلف قياس آرايون جاري آهن، ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته هاڻي مائنس عمران خان فارمولا تحت پي ٽي آء لاء راھ هموار ڪئي ويندي ته هو اليڪشن ۾ به حصو وٺي سگهي پر آئون سمجهان ٿو ته سگهارين ڌرين لاء اهو سڀ ڪجھ آسان ناهي ڇاڪاڻ ته توڙي جو عمران خان جي گرفتاري تي پارٽي ڪارڪنن توڙي قيادت جي حوصله شڪني ٿي آهي پر وري ان سان گڏ عام ماڻهن ۾ عمران خان لاء همدردي پڻ پيدا ٿي سگهي ٿي، آئون باربار چوندو ۽ لکندو رهيو آهيان ته عمران خان جي لاء عوام جي دلين ۾ پيدا ٿيل همدرديء جو سڀ کان وڏو سبب خود پي ڊي ايم سرڪار جا حڪمران آهن جن ملڪ ۾ مهانگائي جون سموريون زميواريون عمران خان جي مٿان وجهي عارضي طور ته پنهنجي اقتدار کي ڊيگھ ڏني پر اهي خود عوام کي ڪوبه رليف ڏئي نه سگهيا. ايتري قدر جو هاڻي جڏهن هن حڪومت جا ڏينهن وڃي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بچيا آهن باوجود ان جي ويندي ويندي به هو پيٽرول جا اگھ وڌائي رهيا آهن، اٽو هڪ سئو ستر رپيا ڪلو ٿي ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو حڪمران پاڻ به سمجهن ٿا ته اسان پاران عوام کي ڪوبه رليف نه ملڻ جي نتيجي ۾ عوام ۾ سندن لاء ڪا خاص حمايت يا همدردي جڙي نه سگهي آهي ان ڪري سڀني ڌرين وٽ وري اقتدار ۾ اچڻ جو هڪ ئي رستو آهي ته هو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ عمران خان کي پاسيرو ڪري پنهنجي لاء اسپيس ٺاهي وٺن. هن وقت عمران خان جي گرفتاري تي پي ڊي ايم قيادت يقينن سک جو ساھ کڻندي پر سندن آزمائشون اڃان ختم ناهن ٿيون ڇاڪاڻ ته سڀاڻي سومر جو ڏينهن آهي جڏهن عدالتون کلنديون ته اتي عمران خان جي گرفتاري خلاف اپيلون پڻ داخل ٿينديون ان بعد اهو ڏسڻو آهي ته عدالتون عمران خان کي ڪهڙو رليف ڏين ٿيون. نگران حڪومت کان پوء وقت سر اليڪشن ٿيڻ وارو سوال پڻ پنهنجي جاء تي اهميت اختيار ڪندو وڃي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي مرضي ۽ منشا موجب نگران سيٽ اپ کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سال ڏيڍ اڳتي ڇڪڻ جو ڪوبه فيصلو ٿئي ٿو ته ان لاء سڀ کان وڏي رڪاوٽ به عمران خان هيو ان کي بظاهر ته هٽايو ويو آهي پر پوء به موجوده حڪمران تڪڙ ۾ ڪوبه فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندا. اهو به ڏسڻو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪهڙو موڊ آهي ، ڇا اهي پي ٽي آء کي مائنس عمران خان جي ڪو اسپيس ڏيڻ چاهيندا يا هو اهو چيپٽر ئي ڪلوز ڪرڻ ٿا چاهين ڇاڪاڻ ته مائنس عمران واري پي ٽي آء جي قيادت ڪندڙ شاھ محمود قريشي ۽ ٻين ۾ ايتري اهليت هوندي جو اهي پارٽيء کي ايترو مٿي کڻي مظبوط ڪري هلائي سگهن جو هو ملڪ جي فيصلا سازيء تي اثر انداز ٿي سگهي. جيڪڏهن شاھ محمود قريشي اهو سڀ ڪجھ ڪري نٿو سگهي ته پوء اسٽيبلشمينٽ اهو جنجهٽ ڇو کڻندي؟
عمران خان سان جيڪو ڪجھ ٿيو آهي سو سڀ سندس عملن جو نتيجو آهي، انسان جيڪو فصل پوکيندو سو ئي لڻندو آهي، عمران خان اقتدار ملڻ کان پوء انا ۽ غرور جي ور چڙهي ويو ۽ طاقتڀجي نشي ۾ ايترو انڌو ٿي ويو جو کيس ملڪ جا ادارا به نظر نه آيا ۽ انهن تي حملا ڪرڻ لڳو، سندس ان عملن جو نتيجو اڄ سندس سامهون آهي جو هو خيرن سان گرفتار ٿي جيل جي هوا کائي رهيو آهي، ڪالھ جنهن جي سڏ تي لکين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا اڄ ان جي گرفتاريء تي هڪ شهر به بند نه ٿيو. ان ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته عمران خان جي گرفتاري سندس مڪافاتِ عمل آهي ان ڪري اقتدار ۾ اچڻ کان پوء عوام لاء آسانيون پيدا نه ڪندڙ حڪمرانن کي پڻ سوچڻ گهرجي ته عملن جو نتيجو سڀني لاء هوندو آهي اڪيلو عمران خان ان زمري ۾ نٿو اچي. عمران خان جي گرفتاري تي تجزيا ۽ تبصرا جاري آهن مان سمجهان ٿو هيء گرفتاري رڳو سياسي سمجهڻ نه گهرجي پر هي ڪيس اڳواٽ مٿس هلندڙ هيو البته ٿي سگهي ٿو ته سندس پريشر جي ڪري عدالتون فيصلو ڏيڻ کان لنوائينديون رهيون هجن، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري سياسي ان ڪري به ناهي جو سندس گرفتاري حڪومت جي حڪم تي نه پر عدالتي حڪم تي ٿي آهي، اهو به سچ آهي ته توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين لاڳيتو ڀڄندو رهيو، وارنٽ کڻي ويندڙن تي حملا ڪيا ويندا هئا پر هاڻي اهو چيو ويندو ته هي عدالتي فيصلو سياسي انتقام آهي. جيڪڏهن عدالتون اهڙي نموني ڪيس هلائڻ لڳيون ته ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي فارين فنڊنگ ۽ هڪ سئو ملين پائونڊز واري ڪيس ۾ به سزا ملي سگهي ٿي، جڏهن ته ٻيا التوا ۾ پيل ڪيس به کلي سگهن ٿا ان ڪري جيڪڏهن توشا خانه ڪيس ۾ وري به عدالت پاران کيس ڪا رعايت ڏني به وئي ته به عمران خان جون مصيبتون اتي ختم نه ٿي وينديون بلڪه “اڀي تو پارٽي شروع هوئي هي..” عمران خان جي گرفتاري بعد اٿيل سوالن جا جيسيتائين ڪي جواب سامهون اچن تيسيتائين منهنجي زاتي راء اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ مائنس عمران وارو فارمولو قبول ڪرڻ بدران پي ٽي آء جو باب مڪمل طور بند ڪرڻ جو رستو اختيار ڪندي جنهن لاء هنن وٽ هن وقت ماحول به سفا سازگار آهي.
