Muhammad Khan Abro

پيپلز پارٽيء کي ڪراچيءَ جي ميئرشپ ڪيئن ملي؟

هر ڀيري وڏي اڪثريت سام کٽڻ باوجود سنڌ اندر پيپلز پارٽي تي ڪافي تنقيد ۽ الزام تراشي به ٿيندي رهي آهي پر ان جي باوجود پيپلز پارٽي جي متبادل طور آيل پارٽين ۽ سياسي اڳواڻن جي پرڪارن کي ڏسي سنڌ جي عوام وري به پيپلز پارٽيء کي ئي ڀلو سمجهيو آهي جنهن جي ثبوت طور سنڌ جي عوام هر ڀيري ووٽ جي صورت ۾ پيپلز پارٽي تي ئي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. پيپلزپارٽي مٿان الزام تراشين جا بي پناهه الزام هڻي اها ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته جئين سنڌ جو عوام اليڪشن ۾ ڪنهن ٻي ڌر کي ووٽ ڏئي پر سچ اهوئي آهي جيڪو اسان جي سامهون آهي. اليڪشن ۾ وڏا قومپرست ۽ انقلابي نظر ايندڙ اڳواڻ جڏهن تڪ جي سيٽ تان ڪياڙيء ڀر ڪرندا آهن ته اهي ساڳيان انقلابي اڳواڻ وري سنڌي ماڻهن جي جاهل هجڻ جي فتوي’ جاري ڪندا آهن. سنڌ ۾ اليڪشني سياست ڪندڙ جي ڊي اي، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي ايس يو پي ۽ ٻيڳن پارٽيون جيڪي ملڪي سياست ۾ اليڪشن ذريعي سنڌي عوام جا مسئلا اسيمبلين ۾ پهچي حل ڪرائڻ ۾ ايمان رکن ٿا تن جي تنقيد جي توپن جا رخ به هميشه پيپلز پارٽيء ڏانهن ئي هوندا آهن. پاقي جيڪي قوم پرست ملڪي سياست کي سنڌ جي عوام جي ڀلائي ۽ ڇوٽڪارو نٿا سمجهن انهن کي به اهو حق آهي ته هو ملڪي سطح تي سياست ڪندڙ پارٽين تي تنقيد ڪن ۽ دلچسپ ڳالھ اها آهي ته اهي ٻيا ڪي حق استعمال ڪن يا نه ڪن پر پيپلز پارٽيء سان سندن خدا ڪارڻ دشمنيء جي ڪاوڙ ۾ هو مٿس تنقيدن جو حق پوري ايمامداريء سان استعمال ڪندا رهيا آهن پر سچ وري به اهو آهي جيڪو پنهنجي سامهون آهي ته سنڌ جي عوام هر ڀيري اعتماد وري به پ پ تي ڪيو آهي.
۽ روزاني ڪاوش ۾ گذريل هفتي لکيل ڪالم جي ساڳئي تناظر ۾ ڪيل گفتگوء کي اڳتي وڌائيندي ساڳي ڳالھ ڪري رهيو آهيان ته پ پ تي ٿيندڙ تمام تر تنقيدن باوجود پيپلز پارٽيء سنڌين کان لڳ ڀڳ اوپري ٿي ويل ڪراچيء ۾ پ پ جي فتح جو جهنڊو کوڙي هڪ اهڙي تاريخ مرتب ڪئي آهي جيڪا اڌ صديء کان وٺي سنڌ جي ماڻهن جو فقط هڪ خواب ٿي سگهيو ٿو. ڪجھ ماڻهو چئي رهيا آهن ڪراچيء جو ميئر اردو ڳالهائيندڙ آهي اهڙن نادان ماڻهن کان وسري وڃي ٿو ته سنڌ کي نقصان اردو يا سنڌيء ناهي ڏنو پر ان پناهگير سوچ ڏنو آهي جنهن جي اڪثريت ردو ڳالهائيندڙن جي ضرور آهي پر ساڳئي وقت ۾ اهو به نه وسارڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم جي اشارن تي سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪندڙ ارباب رحيم ۽ ان جهڙا ڪجھ ٻيا ماڻهو ته نج سنڌي نسل جا هئا پر انهن جو ڪردار ڪهڙو هيو؟ ڪراچيء جي حوالي سان سطحي ۽ ڇسي تنقيد ڪرڻ وقت اهو قطعي وسارڻ نه گهرجي ته ڪراچيء جي تازي ٿيل اردو ڳالهائيندڙ ميئر جو ان پارٽيء سان تعلق آهي جنهن جي سموري قيادت نه فقط سنڌي آهي پر جهموريت پسند ان پارٽيء کي سنڌي ماڻهن ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو آهي. ان ڪري پ پ سنڌين وٽ جوابده پڻ آهي.
ڪراچي ۾ شرمناڪ شڪست کائڻ بعد رجعت پرست ۽ سنڌ سان اعلانيا نفرت جو اظهار ڪندڙ حافظ نعيم جهڙي تنگ نظر ماڻهوء به مجبور ٿي سنڌ جي عوام کان سندس چيل بيهوده لفظن جي معافي وٺي ڇڏي آهي.
ڪراچيء ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن جي رزلٽ ڏسبي ته تاريخي طور پ پ کي تمام وڏي مڃتا ملي آهي، باوجود ان جي ته تازين برساتن ۽ سيلاب کانپوءِ مخالف ڌرين جي ڏينهن رات ننڊ ڦٽل هئي انڪري نه ته سيلاب متاثرين جي کين ڪا تڪليف هئي پر اهڙي صورتحال ۾ هنن منفي پروپيگنڊا ڪري عوام کي ورغلائي پنهنجي ووٽ بئنڪ ٺاهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر هڪ هڪ دفعو وري به سنڌي عوام کين ناڪام ڪيو ۽ سموري سنڌ ۾ فقط ٽي ٽائون ڪاميٽيون جي ڊي اي، هڪ ٽائون ڪاميٽي ايس يو پي ۽ هڪ ٽائون ڪاميٽي آزاد اميدوار کٽي سگهيا، باقي سڀني پارٽين کي عوام عملي طور رد ڪري ڇڏيو. سنڌ جي مڪاني ادان جي اليڪشن ۾ سموري سنڌ جا بلدياتي ادارا سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي جي حوالي ڪري ڇڏيا جنهن جي ڪري اميد ڪري سگهجي ٿي ته پيپلزپارٽي ماضيءَ جي غلطين جو ازالو ڪندي ۽ عوام جي اعتماد تي پوري طرح لهندي. پيپلزپارٽي جي 1970 کان خواهش رهي آهي ته ڪهڙي به طرح ڪراچي جي عوام ۾ پنهنجي پارٽي جي جاء ٺاهجي، اهو به اهڙين حالتن ۾ جنهن ۾ ڪراچي ۾ مذهبي ۽ نسلي سياست پنهنجي نفرتن جو ٻج ڪراچيء جي عوام ۾ اهڙي طرح وڌو ويو آهي جنهن ۾ هي روشنين وارو شهر تاريخ جي اونداهي ترين شهر ۾ شامل ٿيڻ لڳو، پهرين مذهبي جماعت اسلامي جنهن بنگال ۾ الشمس البدر جهڙيون تنظيمون ٺاهي ملڪ جا ٽڪرا ڪيا پوءِ ڪراچيءَ کي مذهب جي نالي تي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ان کانپوءِ الطاف حسين ايم ڪيو ايم جو بنياد وجهي سنڌين، پنجابين ۽ پٺاڻن سان وير وڌو ۽ پناهگير عوام کي حڪم ڏنائين ته ٽي وي ۽ فرج وڪڻي هٿيار خريد ڪيو ۽ انهن هٿيارن ذريعي سنڌي عوام جي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيڪا خونريزي ڪئي وئي ان جا تاريڪ قصا ڪنهن کان به لڪل ناهن جنهن تي عنقريب منهنجو تفصيلي ڪتاب به اچي رهيو آهي جنهن ۾ سندن ڪيل سنڌ واسين سان ظلم جا داستان شامل ڪيل آهن. تازي ٿيل بلدياتي اليڪشن دوران ڪراچي ۾ ٽوٽل 25 ٽائون ميونسپل ڪاميٽيز جي اليڪشن ٿي جنهن ۾ پ پ 13، جماعت اسلامي 9 ۽ ن ليگ 3 ٽائون ميونسپل ڪاميٽيز تي ڪامياب ٿيا پر پي ٽي آئي جماعت اسلامي جي حمايت جو غير مشروط حمايت جو اعلان ڪيو ته حافظ نعيم جيڪو جماعت ڪراچي جو امير آهي سو بوکلائجي ڄڻ ته چريو ٿي پيو ۽ پ پ مخالفت کان به هڪبقدم اڳتي وڌي سنڌي عوا۾ جو دشمن ٿي پيو ۽ ايم ڪيو ايم کان وڌيڪ نفرت انگيز تقريرون ڪرڻ لڳو، ايتري قدر جو ڪراچي کي سنڌ جي وڏيرن جو قبضو ۽ سنڌ جي اوطاق جهڙن لفظن سان مخاطب ڪري نفرت انگیز ڳالهيون ڪري ايم ڪيو ايم کي به پوئتي ڇڏي ويو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جماعت اسلامي ايم ڪيو ايم جي بي ٽيم آهي يا نه؟ ايم ڪيو ايم اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ پنهنجي جاء تي جماعت اسلامي جي حمايت ڪري اندروني طرح جماعت جي مدد ڪري کين ئي کٽايو ۽ پنهجي غليظ زبان انهن جي منهن ۾ وجهي سنڌين خلاف نفرت انگيز بيان ڏياريا جيڪو عمل سياست ۾ قابل مذمت آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن پيپلزپارٽي پنهنجا پير ڪراچي ۾ پختا ڪرڻ لاء هٿ پير هنيا ته سنڌين جو قتل عام شروع ٿي ويو. اهو ضياء الحق جو زمانو هو جنهن پنهنجي مدد لاءِ ايم ڪيو ايم کي تيار ڪيو ۽ الطاف جي ذريعي ڪراچي ۾ بدامني پيدا ڪئي. بعد ۾ پناهگير جنرل پرویز مشرف جو ايم ڪيو ايم تي مڪمل هٿ رهيو ۽ هر وقت پ پ کي سرڪاري طرح ڪچلڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي ته جئين پ پ ڪراچي ۾ پنهنجو اثر عوام ۾ قائم نه ڪري سگهي. نتيجو اهو نڪتو ته ڪراچي جو عوام مذهبي ۽ لساني گروهن جي ور چڙهي ويو ۽ ان جي اشاري تي پ پ جي مقبول ترين رهنمائن کي سرعام قتل ڪيو ويو جن جي ڪري ڪراچي جو عوام پ پ کي پسند ڪرڻ لڳو، انهن ۾ شهيد نجيب احمد، شهيد عثمان غني، شهيد منور سهروردي ۽ شهيد عبدالله مراد شامل آهن. ڪراچي جي ان حوالي سان اها به بدقسمتي رهي آهي جو ڪراچي جي عوام 1970 کان وٺي ڪڏهن به پنهنجي مرضيءَ ۽ آزادي سان ووٽ ڏيڻ جو حق ملي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪو اهڙو موقعو کين ميسر ٿيو. اوهان اندازو ڪيو ته سال 1970 ۾ پ پ به ڪراچي جي مقبول ترين پارٽي هئي ان وقت ڪراچيءَ ۾ صوبائي اسيمبلي جون ڪل 15 سيٽون هونديون هنيون جن مان 7 سيٽن تي پ پ ڪامياب ٿي ۽ ان وقت به جماعت کي ڪراچي ۾ صوبائي جي صرف هڪ سيٽ ملي هئي باقي 7 سيٽون جميعت الماء اسلام ۽ آزاد اميدوارن وٽ رهيون. 2018 ۾ جيڪي اليڪشنون ٿيون ان ۾ به جماعت اسلامي کي صرف هڪ سيٽ ملي اها به خيرات ۾، ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته جماعت اسلامي ڪراچي جي ڪڏهن به مقبول پارٽي ڪونه رهي آهي ۽ جيڪڏهن جماعت کي ڪراچي ۾ ڪڏهن ڪي سيٽون مليون به آهن ته اهي به آمرانه دور ۾، ليڪن جڏهن به جهموري دور ۾ اليڪشنون ٿيون آهن ته جماعت صرف هڪ سيٽ کنئي يا وري اندورني طور ايم ڪيو ايم سان ڳٺ جوڙ ڪري انهن جي بائيڪاٽ جي صورت ۾ انهن کي ڪجهه سيٽون ضرور مليون آهن ليڪن آئون انهن جي ڪاميابي کي تعصب پرست ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي ئي سمجهندو آهيان ڇاڪاڻ ته سنڌين لاءِ ڪراچيءَ ۾ پناهگيرن جو رويو ساڳيو ئي رهيو آهي پوءِ اها جماعت هجي ايم ڪيو ايم لندن هجي، ايم ڪيو ايم بهادرآباد هجي، ايم ڪيو ايم حقيقي هجي، ايم ڪيو ايم فاروق ستار هجي يا وري پي اين پي ڇو نه هجي پر اهي سڀ وري گڏيا آهن ۽ هنن سنڌين خلاف هڪڙي جماعت کي وري پنهنجي استحصال لاءِ الڳ رکيو ۽ سنڀاليو پيا اچن، اوهان اندازو ڪيو جڏهن ايم ڪيو ايم اليڪشن ۾ حصو وٺي ٿي ته ڪراچيء ۾ جماعت جا چپ سبيل هجن ٿا ۽ جڏهن ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪري ۽ جماعت اليڪشن ۾ کٽي ٿي ته وري ساڳي طرح ايم ڪيو ايم خاموش هوندي آهي. اهو ان ڪري جو انهن سڀني جي سوچ جو مرڪز صرف سنڌ دشمني آهي پر ان جي برعڪس اسانجا سنڌي سياستدان وري پ پ دشمني ۾ اهو به وساري ٿا ويهن ته انهن مانگر مڇن کي منهن به صرف پ پ ٿي ڏئي سگهي ٿي ۽ ان ايئن ڪري به ڏيکاريو آهي، نه ته ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جي حمايت سان جيڪي حڪومتون آيون انهن سنڌين هوندي سنڌين جو جيڪو نقصان ڪيو اهو به ڪنهن کان ڳجهو آهي ڇا؟
هيئنر به جي ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ نه ڪري ها ته جماعت کي هڪ به سيٽ ڪونه ملي ها جڏهن ته پ پ ڪراچي ۾ هن بلدياتي اليڪشن کان اڳ ۾ ئي ڪنٽونمينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي کي شڪست ڏئي چڪي هئي، ان کان اڳ ۾ پ پ ڪراچي ۾ ايم اين اي جي سيٽ تي عبدالقادر مندوخيل جي ڪاميابي حاصل ڪري اهو ٻڌائي چڪي هئي ته پ پ سعيد غنيءڀجي سرواڻيء ۾ ڪراچي جي عوام ۾ پنهنجا جهنڊا کوڙ چڪي آهي. سعيد غني جيئن گذريل ٻن سالن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري محنت ڪئي ۽ هر تقريب ۽ هر تقرير ۾ اهو اعلان ڪندو رهيو ته ڪراچي جي عوام جو هن وقت سمورو توجهه پ پ طرف ٿي رهيو آهي ۽ ڪراچي جي سڀني کان وڏي پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽي ئي آهي جيڪا وڏي پارٽي طور اڀري رهي آهي. سعيد غني جون اهڙيون سوين تقريرون رڪارڊ جو حصو آهن جنهن ۾ هو اها دعوي’ ڪندو رهندو آهي ته ڪراچي ۾ پ پ سڀني کان وڏي پارٽي آهي جنهن ڪراچي جي ميئر جي سيٽ کٽي پنهنجي اها دعوي’ سچ به ثابت ڪري ڏيکاري آهي.
سعيد غني جو پنهنجو حلقه انتخاب هڪ طرح سان مني پاڪستان آهي، سندس تڪ ۾ سنڌي ووٽرن جو تعداد صرف 10 کان 12 سيڪڙو آهي باقي هزاري وارا پٺاڻ، پنجابي، ڪشميري پناهگيرن تي مشتمل ۽ ڪرسچنس جو وڏو تعداد پڻ هن علائقي ۾ رهائش پزير آهي جتان هي 2007 ۾ ايم پي اي چونڊيو ان کان اڳ ۾ ان ئي حلقي مان پ پ اميدوار صرف 2000 ووٽ کڻي سگهيو هئو، جڏهن سعيد غني کي 26000 ووٽ مليا ته ڪراچي جي ان حلقي مان کٽڻ کان پوءِ سعيد غني صاحب سمجهي ورتو ته جيڪڏهن ڪنهن به حلقي مان جي اميدوار سٺو بيهاريو ويو ته اليڪشن کٽڻ ڪو مشڪل ڪم ڪونه آهي ڇاڪاڻ ته سندس حلقي ۾ هر طبقعي ۽ قوم جو ماڻهو رهي ٿو انڪري اهو تاثر غلط آهي ته پ پ ڪراچي ۾ صرف سنڌي علائقن تائين محدود آهي، سعيد غني ڪنٽونمينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ جن اميدوارن جي سفارش ڪئي انهن مان 90 سيڪڙو اميدوارن اليڪشن کٽي ورتي، چئيرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو کي پڪ هئي ته سعيد غني ڪراچي ڄائو آهي ۽ گذريل 50 سالن کان سرگرم عمل ۽ سچو ڪارڪن آهي، پارٽي پاليسي کان هڪ قدم به نه اڳتي نه پوئتي هٽندو نه ئي پنهنجي ذات جي مسئلي يا اختلاف کي پارٽي ۾ کڻندو آهي. 2013 جي بلدياتي اليڪشن ۾ سعيد غني پنهنجي پارٽي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪئي ۽ پارٽي کي هيٺئين سطح تائين منظم ڪري سندس پاڙون عوام ۾ وڌيون جنهن جي نتيجي ۾ عام اليڪشن ۾ به ڪراچي ۾ پ پ سٺي پوزيشن ۾ اچي وئي. پ پ ڪراچي ڊويزن جو صدر سعيد غني هر ٽي وي ٽاڪ شو ۾ اهو باور ڪرائيندو رهيو ته ڪراچي جو ميئر جيالو ٿي چڪو آهي، ليڪن اهڙي ڪاميابي کانپوءِ به جماعت جو ذهر آلود ليڊر حافظ نعيم اليڪشن ۾ ته شڪست کاڌي ليڪن هن جي رويئي جي ڪري جماعت کان سنڌ جو ماڻهو هاڻي اهڙي طرح نفرت ڪري رهيو آهي جهڙي طرح ماضي ۾ ايم ڪيو ايم سان ڪندو هو. منهنجي خيال ۾ جي پارٽي وٽ سعيد غني جهڙا ڪجھ ٻيا ورڪر به هجن جيڪي سخت محنت ۽ جفا ڪشي سان ڪم ڪن ۽ سنڌ ۾ سنڌي عوام جي مينڊيٽ جو مان رکن، ايمانداري سان ڪم ڪن ۽ سنڌ جي مثالي ترقي تي توجهه ڏين ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪري سنڌ ۾ صحت تعليم زراعت ۽ روڊن تي وڌيڪ توجهه ڏين ته ڪوبه سبب ناهي ته سنڌ نه فقط امن امان وارو خوشحال خطو بڻجي ويندو پر گڏوگڏ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد راڻيء جو غريب ماڻهن لاء اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو خواب به پورو ٿي ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں