Muhammad Khan Abro

سب ڪچھ وڃائي پوء هوش ۾ آيا…

ٻه ڏينهن اڳ راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻن اڳواڻن پاران پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي سان ٿيل ڳجهي ملاقات جي اطلاعن کان پوء مائنس عمران خان فارمولا واريون گردش ڪندڙ قياس آرايون اڃان به وڌيڪ مظبوط ٿي ويون آهن، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪندڙن ۾ فواد چوڌري، عامر ڪياني، عمران اسماعيل ۽ مولوي محمود شامل هئا، حڪومتي حلقن جي ويجهن ذريعن مان کڙڪ پئي آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻن اڳواڻن شاهه محمود قريشي کي به پارٽي ڇڏڻ تي راضي ڪري ورتو آهي. پر اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائڻ مهل فواد چوڌري جو موقف خفيه اطلاعن جي بلڪل برعڪس هئو پر هن مڃيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻن اڳواڻن سان تفصيلي گفتگو ٿي آهي ۽ ان حوالي سان علي زيدي، پرويز خٽڪ، اسد عمر، اسد قيصر، فرخ حبيب ۽ عاطف خان سان رابطو ڪيو آهي ۽ شاهه محمود قريشي سان به ڳالهيون ٿيون آهن. جيتوڻيڪ پي ٽي آء کي خير آباد چوندڙن جي قطار ڊگهي ٿيندي وڃي پر قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر فواد چوڌري سان رابطن جي اطلاعن کي رد ڪيو آهي. هڪ طرف پي ٽي آء ۾ ڀاڄ پيل آهي ته ٻئي طرف وري جوڙ توڙ جو ماهر سمجهيو ويندڙ تجريبيڪار سياسي کلاڙي آصف زرداري پڻ لاهور ۾ لٿل آهي جتي وٽس ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيندڙن جي رش وڌي وئي آهي، پنجاب جي ڪيترين ئي شخصيتن زرداري صاحب سان ملي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي، لاهور پهتل آصف زرداري سان ڏکڻ پنجاب جي سياسي اڳواڻن جي به اهم ملاقات ٿي آهي، آصف زرداري پاران پ پ ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن جي آجيان ڪئي وئي آهي جڏهن ته آصف زرداري پاران چوڌري شجاعت سوڌو ٻين سياسي شخصيتن سان به ملاقاتن جو امڪان آهي. ٻئي طرف توڙي جو پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان صدر عارف علويءَ سان ناراضگيءَ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي پر عمران خان ۽ علويء جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف به بوتل ۾ لڪل جن وانگر ٻاهر نڪري آيا آهن، چوندا آهن ٿه محبوب جي انڪار پٺيان به اقرار لڪل هوندو آهي ان ڪري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان عمران خان جون جيڪي ڳالهيون ٿيون يا هروڀرو جي ٿيل وضاحتن مان به پتو پوي ٿو ته اندروني طور ڪو وڏو گهوٽالو آهي، عمران خان جو چوڻ هيو ته اها ڳالهه درست ناهي ته منهنجو عارف علويءَ سان رابطو ناهي، صدر عارف علوي ڪنهن سمري تي صحيح نه به ڪري ته اهو قانون بڻجي ويندو، ان ڪري هو حڪومتي سمرين تي اگر صحيحون ڪري ٿو ته ڀلي ڪري. عمران خان ظاهري طرح ته اڄ به ساڳي ڳالھ تي بيٺل نظر اچي ٿو پر اڳئين عمران خان ۽ هاڻوڪي عمران خان ۾ واضح فرق اهو آهي ته اڳيون عمران خان حڪومتي ڌرين جي اپيلن باوجود ڳالهين کان انڪار ڪندو هيو ۽ هاڻوڪو عمران خان ڳالهين لاء الٿجائون ڪندي نظر اچي پيو پر هاڻي شايد پاڻي نڪ کان مٿي ٽپي ويو آهي، چوندا آهن نه ته “سب ڪچھ لٽاڪي هوش ۾ آئي تو ڪيا هوا….”
عمران خان موجب اليڪشن کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، اليڪشن نه ٿي ته ملڪ ۾ وڌيڪ تباهي ايندي، عمران خان هاڻي قسم کڻي ميڊيا کي ٻڌائي پيو ته اسان ته جنرل باجوا سان به ڳالهيون ڪيون هيون، اسان جي حڪومت هلي وئي تڏهن به ڳالهيون ڪيون، چيف جسٽس جي چوڻ تي به ڳالهيون ٿيون، ان ڪري هاڻي مون سان ڳالهين کان انڪار ڇو ٿا ڪريو؟
پر فيصلو ڪرڻ وارن فيصلو ڪري ورتو آهي ته هاڻي عمران خان کي ڪيئن هلائڻو آهي ۽ پي ٽي آء سان ڪهڙو حشر ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن عمران خان جو وارو هيو ته هن ڪنهن جي به ڪونه ٻڌي ۽ عوامي ميڙاڪا ڏسي ايترو ته اڳتي وڌي ويو جو هو ملڪي ادارن کي ڪنهن فاتح ملڪ جيان تباھ ڪرڻ تي به تيار ٿي ويو، تيار ڇا ٿيو ملڪي ادارن تي دنيا آڏو حملا ڪرائڻ لڳو پر هاڻي جڏهن وارو ٻين جو آهي ته هو کيس ٻڌائڻ چاهين ٿا ته ملڪ ۾ اصل طاقت ڪنهن جي آهي ۽ ملڪ ۾ اصل مرضي ڪنهن جي هلندي.
اڃان به کڻي ايئن چئون ته جڏهن منٿن ۽ ايلازن سان ڪم نه ٿيو ته “اصل وڏن ڀائرن” کي ڏنڊو هٿ ۾ کڻڻو پئجي ويو جيڪو هاڻي هر هنڌ ڦرندي اوهان سڀني کي نظر اچي پيو جنهن جي ڊپ کان پي ٽيء جي اڳواڻن جي هڪ ڊگهي قطار آهي جيڪا پنهنجا ڪيل گناھ بخشرائڻ لاء پنهنجي پارثي کان لاتعلقي جو اعلان ڪندا نظر اچن ٿا. “وڏن ڀائرن” جي هٿ ۾ کنيل ڏنڊي جو اثر سڀ کان گهڻو ان وقت نظر آيو جڏهن تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي به نيٺ گرفتار ڪيو ويو. چوڌري پرويز الاهي کي لاهور ۾ سندس گهر ڀرسان گرفتار ڪيو ويو، کيس اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪرايو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته چوڌري پرويز الاهي پنهنجي گاڏي ۾ وڃي رهيو هو ته پوليس گاڏي روڪي کيس گرفتار ڪيو، اينٽي ڪرپشن عملدار پرويز الاهي کي ٻي گاڏي ۾ ويهاري گڏ وٺي ويا، پوليس جڏهن سندس گاڏي جو گهيرو ڪيو ته جهوني سياستدان پهرين ته گاڏي کي لاڪ ڪري ڇڏيو ۽ در دريون کولڻ کان ٺپ نابري واري ويٺو پر پوء جڏهن پوليس ڊرل مشين ۽ ٻي مشينري آڻي گاڏي جا در کولڻ لاء سوراخ ڪرڻ شروع ڪيا ته همراھ هيٺ لهي آيو. خبر ناهي ته اهو ڪهڙي مها مستري جو دماغ هيو جنهن گاڏيء جا در کولڻ لاء چاٻي ميڪر بدرن مهانگي گاڏيء جي ٻيڙي ٻوڙڻ لاء ڊرل مشينون ۽ ٻيا اوزار گهرايا پر ان مستريء جي سوچ کي سلام آهي جنهن جا گهرايل اوزار ڏسي همراھ گاڏي مان هيٺ لهي آيو. پنجاب جي اطلاعات واري نگران وزير عامر مير موجب پرويز الاهي پوليس کي گهربل هو ۽ کيس فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ گرفتار ڪيو ويو. هن تصديق ڪئي ته چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري دوران مزاحمت به ڪئي وئي ۽ جنهن گاڏي ۾ هو موجود هو، اها بلٽ پروف هئي، در کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته در نه کليو، جنهن کانپوءِ گاڏي جا شيشا ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پوءِ جڏهن گاڏي جو در کليو ته چوڌري پرويز الاهي هٿ آيو. واضح رهي ته پرويز الاهي ڪرپشن جي ڪيس ۾ عدالت ۾ عبوري ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي پر گوجرانوالا جي اينٽي ڪرپشن عدالت چوڌري پرويز الاهي جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.
سچ اهو آهي ته پرويز الاهيء جهڙي پيرسن سياستدان جي زوري زبردستي گرفتاري کان پوء پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پارٽي ڇڏڻ ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي آهي، اهڙي منظر ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان پوء ٻين پوڙهن اڳواڻن پڻ پي ٽي آء کان منهن موڙڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، هونئن به 75 سالن جو عمران خان دعوي’ ڪندو رهيو آهي ته پي ٽي آء نوجوانن جي پارٽي آهي ان ڪري اڳوڻي بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ به پي ٽي آءِ ڪي پي ڪي جي صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پوڙهن اڳواڻن لاء وري شايد خاص رعايتي پئڪيج جو اعلان ٿيل آهي ته اهي فوري طور ٻي پارٽي جوائڻ ڪرڻ يا ماڳهين سياست تان ئي رٽائر ٿيڻ بدران پهرئين مرحلي ۾ فقط پارٽي جو عهدو ڇڏين ۽ پوء آهستي آهستي پارٽيء مان گم ٿي وڃن. خبرون آهن ته پي ٽي آءِ جي پنجن ٻين سينيئر اڳواڻن کي به اسلام آباد ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي پر انهن کي ظاهر ناهي ڪيو ويو، انهن ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، اڳوڻي بچاءَ جي وزير پرويز خٽڪ ۽ ڪي پي ڪي جي اڳوڻي گورنر شاهه فرمان کان علاوه ڪجھ ٻيا به آهن جيڪي وقت اچڻ تي نون اعلانن سان سامهون ايندا، کين اسلام آباد ۾ نامعلوم جڳهه تي ڳالهين جي لاءِ گهرايو ويو هو، پر آخري اطلاعن تائين انهن اڳواڻن جي واپسي نه ٿي هئي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته مون جيڪا مذاڪراتي ڪاميٽي جوڙي هئي ان جي ٻن سينيئر ميمبرن پرويز خٽڪ ۽ اسد قيصر کي ڳجهين ايجنسين ملاقات جي لاءِ گهرايو هو، انهن کي هاڻي غيرقانوني طور تي محفوظ گهر ۾ نظربند ڪيو ويوآهي ۽ انهن جي آزادي جي لاءِ انهن کي پي ٽي آءِ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، عمران خان داهيندي چوي ٿو ته جهنگ جي قانون ۾ طاقت حق آهي ۽ ڪمزور کي ڪو تحفظ نه آهي.
پي ٽي آء مان اڳواڻن جي ڀاڄ واري ماحول ۾ سندن پارٽي جي ئي سينئر سياستدان جهانگير ترين طرفان پنهنجي نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جون ڳالهيون به عملي جامو پائي چڪيون آهن، ان لاء لاءِ مشاورتي عمل کان پوء عملي ڪم به شروع ٿي چڪو آهي، معلوم ٿيو آهي ته جهانگير ترين ان حوالي سان پنهنجي ليگل ٽيم جوڙي ڇڏي آهي جنهن اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي جي رجسٽريشن بابت ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
مٿي ڃاڻايل سياسي صورتحال ڪنهن به مهذب ملڪ ۽ سڌريل سماج لاء ڪا عام رواجي ڳالھ ناهي ان ڪري هن ملڪ جا ادار به سمجهن ٿا ته هي صورتحال ڪا سولي ڳالھ به ناهي. ان حوالي سان ڇنڇر جي ڏينهن قومي سلامتي ڪاميٽي جو اهم اجلاس به ٿيو آهي جنهن ۾ آرمي چيف به شرڪت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران اهو قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيوبويو هيو جنهن ۾ سويلين ۽ عسڪري قيادت شريڪ ٿي، اجلاس بابت ٻظاهر ته اها ڳالھ ڪئي وئي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويو پر حقيقت ۾ ان اجلاس ۾ 9 مئي جي واقعن کاننپوء جڙيل صورتحال ئي اهم ايجنڊا هئي. يقينن هن اهم اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو هوندو ته پاڪستان کي درپيش چيلينجز ڪهڙا آهن ۽ انهن کي آخر ڪهڙي نموني منهن ڏجي.
هوڏانهن آءِ ايم ايف به قرضن پٺيان ڊوڙندڙ پاڪستاني حڪومتي کي ڊوڙائي ڊواڙائي ٿڪائي وڌو آهي، جنهن کان پوء حڪومت نيٺ ٿڪجي اهو فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي نگران حڪومت جي ذريعي ئي آءِ ايم ايف کان نئون قرض وٺڻ جي ڪوشش ڪبي. معلوم ٿيو آهي ته موجوده قرض پروگرام 30 جون تي ختم ٿي ويندو پر حڪومت پروگرام ۾ توسيع نه ڪرائيندي بلڪه آگسٽ جي مهيني کان پوء نگران حڪومت ئي نئين سر ڪشڪول کڻي ميدان تي لهندي. ناڻي واري وزارت موجب نئين قرض جو معاهدو موجوده پروگرام کان وڌيڪ سخت هوندو، آءِ ايم ايف جو نئون بيل آئوٽ پروگرام 3 سالن کان وڌيڪ جو هوندو، هن سال ڊسمبر تائين پاڪستان کي وڌيڪ 9 کان 11 ارب ڊالر جون ادائگيون ڪرڻيون آهن، ايندڙ بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 22 کان 24 ارب ڊالر جون ادائگيون ڪرڻيون پونديون، ناڻي وزارت موجب موجوده پروگرام مڪمل ڪرڻ کانسواءِ ئي 30 جون تي ختم ٿي ويندو. ان حوالي سان ناڻي جي مملڪتي وزير عائيشه غوث پاشا جو به ساڳيو چوڻ آھي ته آء ايم ايف کانسواء ڪنهن ٻئي پلان تي نه سوچي رهيا آھيون پر هاڻي اهو ڪم ايندڙ نگران حڪومت ئي ڪندي. ٻڌايو ويو آهي ته موجوده پروگرام جيڪو 30 جون تي ختم ٿي رهيو آهي ان جو 2 رب ڊالر کان وڌيڪ قرض ملڻو آهي، هڪ ارب ڊالر قرض لاءِ ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون آهن پر اسٽاف ليول معاهدو نه پيو ٿئي، اسٽاف ليول معاهدو ٿي به ويو ته به ڏهين ۽ يارهين جائزي لاءِ ڳالهيون اڃا ٿيڻيون آهن. يعني 30 جون کان پهرين ٻه جائزا ڳالهيون مڪمل ٿيڻ ناممڪن آهي، بجيٽ کان فوري پوءِ ايندڙ پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون وينديون. حڪومت ڳالهيون مڪمل نه ڪري سگھي ته نگران حڪومت نئون قرض مڪمل ڪندي. هڪ طرف آء ايم جي قرض ملڻ جون اميدو گهٽبيون وڃن ته ٻئي طرف وري بجيٽ کان اڳ پيٽرول وڌيڪ سستو ٿيڻ جي اميد به ظاهر ڪئي وئي آهي.
هن سموري تڪليف ڏيندڙ صورتحال ۾ چڱي خبر اها آهي ته ڊالر کي اوچتو ئي اوچتو معجزاتي طور تي وڏو جهٽڪو لڳو آهي ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڊالر ۾ 15 رپين جي رڪارڊ لاٿ سامهون آئي آهي جڏهن ته سون جو تولو پڻ 6000 رپيا سستو ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ وفاقي سرڪار پاران آءِ ايم ايف سان ڊيل ختم ڪرڻ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊن لاءِ ڊالرن جي خريداري ايڪسچينج ڪمپنين بجاءِ انٽر بينڪ مان خريد ڪرڻ واري فيصلي بعد ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ ڪري پيو آهي، ساڳئي ريت پائونڊ ۾ پڻ ساڍا 14 رپين جي لاٿ آهي، تازي فيصلي بعد بينڪن جي حساب سان ڊالر 27 رپيا سستو ٿيو آهي، جنهن ۾ اڃا لاٿ جا امڪان آهي، سڪار جي فيصلي سان اوپن مارڪيٽ ۽ انٽر بينڪ جو 26 رپين جو فرق گهٽجي 15 رپين تي پهتو آهي، هوڏانهن صرافه بازارن ۾ سون 6000 رپين جي لاٿ سان 2 لک 35 هزارن مان گهٽجي2 لک 29 هزار في تولو ٿي ويو آهي. جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ وري سون ۾ 7 ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي. مٿين سموري صورتحال جو مختصر جائزو وٺبو ته ملڪ جي سياسي صورتحال يقينن ڪا چڱي ڪانهي پر پنهنجي هٺ ۽ هوڏ تي قائم رهندڙ هڪ مغرور ماڻهوء عمران خان جي نڪ ۾ ناڪيلي پوڻ ۽ ڊالر، سون ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ جي شروعات ٿيڻ سان نيون اميدون ۽ آسرا به پيدا ٿي پيا آهن. ڏسڻو اهو آهي ته اميدن ۽ آسرن تي هلندڙ هن قوم جي نصيبن ۾ اڳتي ڇا لکيل آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں