Muhammad Khan Abro

آدم شماري ۽ سنڌين سان تعصباڻو رويو.

ڪراچيء ۾ ايم ڪيو جو اثر ضرور گهٽجي ويو آهي پر الطاف حسين پاران سندن ماڻهن جي دلين ۾ پوکيل نفرت جو ٻوٽو پنهنجي جاء تي وڌي ۽ ويجهي رهيو آهي. يعني ته ايم ڪيو ايم ڀلي هجي يا نه هجي پر ڪراچيء ۾ رهندڙ سمورا غير سنڌي خاص طور تي پناھگير نسل سنڌين سان ساڳي نفرت اڄ به ڪري ٿو.
هونئن ته دنيا ۾ پناهگير هڪ اهڙي خلق هوندي آهي جيڪا عارضي طور ڪٿي وسندي آهي پوء اها يا ته پنهنجي ملڪ موٽي ويندي آهي يا وري کين جتي پناھ ملندي آهي اتي ئي انهن ماڻهن ۾ ضم ٿي ويندي آهي پر سنڌ ۾ آباد پناهگير خلق واحد خلق آهي جيڪا نه ته واپس پنهنجي ملڪ وڃي سگهي آهي نه ئي انهن هتان جي ماڻهن ۾ ڪڏهن ضم ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سنڌ ۾ آباد پناهگير هڪ قوم نه پر هڪ سوچ جو نالو آهي. اهي پناهگير ڀلي ايم ڪيو ايم ۾ هجن يا جماعت اسلامي ۾ هجن پر اهي هوندا ساڳي سوچ وارا يعني سنڌ دشمن.
اهڙن ئي سنڌ دشمن پناهگيرن جي نسل جي هڪ مولوي حافظ نعيم الرمان پڻ ساڳي سوچ جو مظاهرو ڪندي سنڌ ۽ سنڌين خلاف زهر اوڳاڇيو آهي، امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان جو خيال آهي ته ڪراچي جي آبادي ۾ واڌ سبب وڏيرن جي اسيمبلي مان موڪل ٿي ويندي، ان ڪري ڪنهن به ريت ڪراچيء جي آباديء ۾ اضافو ڏيکارڻ ضروري آهي. حافظ نعيم الرحمان موجب ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهو سنڌ جي سرڪاري ادارن تي قابض آهن ۽ پئسا وٺي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون ته جيئن ڪرپشن جو بنياد وجهي سگهجي. حافظ نعيم ٻيون به ڪجھ اهڙيون ڳالهيون چيون آهن جن مان ظاهر ايئن ٿئي ٿو ڄڻ ته هوئي سنڌ جا وارث هجن ۽ جيڪي سنڌي اصل ڌرتي ڌڻي آهن سي ڄڻ ته ٻاهران آيل ڪي پناهگير هجن. حافظ نعيم جي تعصباڻي بيانن کان پوء سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي پر ان حوالي سان خوشي جي خبر اها آهي ته کيس سڀ کان پهرين سندس ئي ٻولي ڳالهائيندڙ پ پ اڳواڻ مرتضي’ وهاب جواب ڏنو ۽ چيو ته اها ڪهڙي ڳالهه ٿي ته دادو، لاڙڪاڻي ۾ مردم شماري روڪي ڇڏيو پر ڪراچي ۾ جاري رکو، هن چيو ته اهو ڪهڙو راڳ الاپيو ويو آهي ته ”اندروني سنڌ بيروني سنڌ“ ڇا آهي، سنڌ هڪ آهي، هر هڪ شهري کي ڳڻيو وڃي. جيئن ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون پ پ کٽي آئي آهي ان ڪري ڪراچي جي حوالي سان ڪراچي سان ئي تعلق رکندڙ پ پ اڳواڻ جو اهڙو بيان اهميت وارو هيو جو ان ۾ هن حافظ نعيم جي تعصباڻي رويي جي سخت مذمت ڪندي سنڌ جو پٽ هجڻ جو ثبوت ڏنو.
آئون پنهجن ڪيترن ئي ڪالمن ۾ پناهگيرن جي سنڌ سان نفرت وارين روايتن تي ثبوتن سان لکي چڪو آهيان ته هو ڪيئن هر دور ۾ هر موقعي ۽ مهل تي سنڌ سان دشمني پاڙيندا اچن. هن وقت به جڏهن تڪراري آدم شماري هلندڙ آهي تڏهن هڪ دفعو ٻيهر ساڳي پناهگير سوچ جي ترجمان حافظ نعيم الرحمان جو بيان سنڌين خلاف نفرت جو مظهر آهي، در اصل ڪراچي لاء جماعت اسلامي پاران حافظ نعيم کي ميئر جو اميدوار به نامزد ڪيو ويو آهي، ٿورو سوچيو ته جيڪڏهن ڪراچيء جو ميئر هن جهڙو تنگ نظر ۽ نفرت جي باهه ۾ سڙندڙ ٿيو ته پوء ڪراچيء ۾ رهندڙ اصل ڌرتي ڌڻين بابت ڪهڙا فيصلا ٿيندا. ايم ڪيو جو تسلط ٽٽڻ کان پوء پ پ ڪراچي جي ماڻهن جي خدمت ڪري اهو ثابت ڪيو ته اها عوامي جماعت آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيء جي ماڻهن به پ پ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ کٽرايو آهي پر ايم ڪيو جي پاسيري ٿيڻ کان پوء ساڳي سوچ رکندڙ مذهبي لباس ۾ آيل پناهگير هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سان دشمني جي هام هڻي ميدان تي نڪري آيا آهن. اوهان کي ياد هوندو ته ايم ڪيو جا اڳواڻ به سنڌين خلاف اهڙي نفرت آميز ٻولي ڳالهائي عام مهاجرن ۾ پاڻ کي هيرو ڪندا هيا ساڳي ٻولي حافظ نعيم ڳالهائي آهي. حافظ نعيم جي هسٽري جانچجي ته هو دهشتگرد الطاف حسين جي مهربانيءَ سان حيدرآباد جي لطيف آباد نمبر 10 ۾ پڙهيو ۽ انٽرميڊيئٽ ڪري جعلي ڊوميسائل ٺهرائي هن NED ۾ داخلا ورتي ۽ اتان کان هن مذهبي جماعت جي سرگرم سياست شروع ڪئي. هن وقت جڏهن ملڪ ۾ ڊجيٽل آدمشماري هلي رهي آهي تڏهن ڪراچي جي آبادي کي هٿرادو وڌائڻ لاء هو ميدان تي لٿل آهي. هن آدم شماري بابت اڳ ۾ ئي ڪيترا خدشا موجود هئا ڇاڪاڻ ته 2017ع وارين خامين کي به اڃان ختم نه ڪيو ويو هيو ته مٿان وري وقت کان اڳ هيء ٿيندڙ آدم شماري ڪرائي وئي، آدم شماري جيئن ته ڊجيٽل هئي ان ڪري ان جا نتيجا به سامهون ايندا رهيا جن موجب سنڌ جي آبادي وڌيل ته هئي پر ان ۾ ڪراچي شهر جي آبادي وڌيل نه هئي جنهن تي پناهگير سوچ وارا سڀ ايم ڪيومي توڙي مذهبي پارٽين جا اڳواڻ ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ اليڪشن ڪميشن به سنڌين توڙي سنڌ حڪومت جي اعتراضن کي نظر انداز ڪندي ڪراچيء ۾ آدمشماري ڪرڻ واري ختم ٿيل تاريخن ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو جنهن بعد ڪجھ ڏينهن اندر ئي ڪراچي جي آبادي ۾ لکن جو اضافو ٿي ويو.
هاڻي هڪ طرف ڪراچيء جي آباديء ۾ اضافو ڪرائي ٻهراڙيء جي آباديء کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف وري جماعت اسلامي ڪراچي ۾ لسانيت کي هوا ڏئي سنڌين سان نفرت جو اظهار به ڪري رهي آهي. ٻين لفظن ۾ ته پناهگير اڄ به ڪنهن نه ڪنهن ريت سنڌ کي ورهائڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن ۽ سنڌ کي زبان جي بنياد تي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ نفرت پکيڙي رهيا آهن، ياد رهي ته ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏيندڙن پاڙيسري ملڪ ۾ پاڻ کي ته ڪڏهن مهاجر ناهي سڏايو، پنجاب ۾ ترسيل مهاجر به پنجابين ۾ ضم ٿي ويا پر سنڌ ۾ رهندڙ لکين پناهگيرن جي اڄ تائين سوچ تبديل ٿي نه سگهي آهي جن کن شايد اها خبر ئي ناهي ته سنڌ اسان جي ماء آهي ڪراچي ان جي دل آهي ان ڪري جيسين تائين هڪ به سنڌي جيئرو آهي تيسين ڀلا اهو پنهنجي ماء جو ورهاڱو ڪيئن ٿيڻ ڏيندو. سنڌ جا ماڻهو پناهگيرن کي هميشه ٻانهون کولي چوندا رهيا آهن ته سنڌ ۾ ضم ٿيو، زبان کي جواز بڻائي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندئو ته پوءِ رتو ڇاڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه بچندو ان ڪري رتوڇاڻ واري آپشن بجاء ٻڌيء سان گڏجي رهڻ واري آپشن تي سوچڻ لاء اڃان به وقت ويو ڪونهي.
باقي رهي ڳالھ آدم شماري جي ته سنڌ ڊجيٽل آدمشماري جي اهڙن نتيجن کي ڪنهن به ريت تسليم نه ڪندي جن ۾ هٿرادو طور غير سنڌين جي آبادي وڌيڪ ڏيکاري وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں