muhammad khan abru

آء ايم ايف جي مهربانين تي فخر ڪجي يا فڪر؟

ملڪ جي وزيراعظم پاران ايندڙ مهيني حڪومت ختم ڪرڻ جو باظابطه اعلان ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ مون لکيو هيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به نه چاهيندي ته چونڊون وقت سر نه ٿين ڇاڪاڻ ته هن وقت پيپلز پارٽيء لاء ماحول انتهائي سازگار آهي، اهو سڀ ڪجھ پارٽي قيادت جي پاليسين ۽ دورانديشي سبب ٿيو آهي، جنهن وقت عمران خان کي لاٿو پئي ويو ان وقت پيپلز پارٽي وقت کان اڳتي ڏسڻ واري اک سان صورتحال جو جائزو وٺي وقتائتا ۽ ڏور رس نتيجن وارا فيصلا ڪري ڏيکاريا جن جا هاڻ نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. ظاهري طرح اهو سمجهيو پئي ويو ته هن حڪومت کي اڃان سال ڏيڍ ڌڪيو ويندو پر آصف علي زرداري جي پاليسين سبب مقرر وقت تي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو نظر اچي رهيو آهي. ملڪ جي وزيراعظم ان حوالي سان باظابطه طور اعلان ڪيو آهي ته هيء حڪومت تحليل ٿيڻ بعد آگسٽ ۾ نگران حڪومت به ٺهي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف موجوده حڪومت جو آئيني وقت ختم ٿيڻ تي انتظام نگران حڪومت حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. خميس واري ڏينهن قوم کي ڪيل خطاب ۾ شهباز شريف اهڙو اعلان ڪري گهڻيون مبهم ڳالهيون چٽيون ڪري ڇڏيون. عمران خان کي ڪرسيء تان لاهڻ کان پوء اپريل 2022ع تي شهباز شريف کي وزيراعظم جي زميواري سونپي وئي هئي پر بعد ۾ ظاهري طرح عوام جا مسئلا حل ٿيندي نظر نه آيا ۽ مهانگائيء مسڪين ماڻهن جي چيلھ ئي چٻي ڪري ڇڏي پر اهو به سچ آهي ته 15 مهينن ۾ اتحادي حڪومت کي عمران خان جي 4 سالن جي بربادين جو ملبو صاف ڪرڻو پيو،

بقول شهباز شريف جي ته هن حڪومت پاڪستان جي مفادن جي راهه ۾ عمران خان حڪومت پاران وڇايل بارودي سرنگهون صاف ڪيون آهن. ۽ ان ۾ ڪو شڪ به ڪونهي ته ملڪ ۾ معيشت، پرڏيهي لاڳاپن، توانائي، امن امان سميت ٻين شعبن ۾ بدترين بدانتظامي، ڪرپشن، نااهلي ۽ سازشن جي باھ ٻريل هئي جيڪا ظاهر آهي ته ڏيڍ سال اندر وسامڻ ايڏي سولي به ڪانه هئي. پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ هي پنهنجي نوعيت جي واحد چونڊيل گڏيل حڪومت هئي جيڪا مختصر ترين مدي جي لاءِ قائم ٿي پر کيس تاريخ جي وڏن چئلينجن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن حڪومت پاران ٻيو ڪجھ ڪيو ويو هجي يا نه پر معاشي بحالي جي رستي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آءِ ايم ايف جو اهو پروگرام جنهن کي اڳوڻي حڪومت سخت شرطن تي ڪيو هو پوءِ پاڻ ئي ان کي ٽوڙي پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو، هن حڪومت ان جي بحالي جي ڪوششن ۾ رهي ڪجھ نتيجا ضرور حاصل ڪيا آهن ۽ ملڪ ڏيوالپڻي کان بچي ويو آهي. توڙي جو ڏيوالپڻي ڏانهن هلندڙ سفر اڃان رڪيو ناهي ان ڪري اهي سمورا چئلينجز اڃان سوڌو برقرار آهن پر پوءڀبه مختصر عرصي ۾ هن حڪومت جي ڪيل ڪوششن کي وڃائڻ به ناانصافي جي زمري ۾ اچي ويندو. اهو بلڪل سچ آهي ته دانسته يا نادانسته طور تي پر عمران خان ملڪ کي تباهي جي اهڙي ڪناري تي اچي پهچايو هيو جتان نڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن پئي لڳو. حڪمران ان کي ناڪام بڻائڻ جي سازشن ۾ ڏينهن رات مصروف هئا، اهڙين صورتحالن باوجود هن مختصر عرصي واري حڪومت همت نه هاري ۽ آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ڪيو جنهن کانپوءِ هاڻي پاڪستان جو ڏيوالپڻي ٿيڻ جو خطرو ۽ ملڪ دشمنن جي ناپاڪ خواهش ٻئي مٽيءَ ۾ ملي چڪا آهن. ان موقعي تي ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاء سفارتي سطح تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن کي پڻ وساري نٿو سگهجي جنهن پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ توڙي سياسي ناماچاري لاء پنهنجي خانداني ڪردار وايو تسلسل برقرار رکي ايندڙ وزيراعظم طور وڻ ممڪنه اميدواين جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿاهون پنهنجو نالو لکرائي ورتو آهي. ڊگهي ساهيء کان پوء گذريل ڪجھ هفتن ۾ ڪي چڱيون ڳالهيون به سامهون آيون آهن مثال طور انهن ڏينهن ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي، سون به ڪجھ سستو ٿيو آهي ان ڪري هاڻ هڪبدفعو وري ادان وٽ اهو موقعو آهي ته اسين هاڻي پنڻ وارو ڪِستو ٽوڙي ڇڏيون ۽ قرض لاهڻ لاء پنهنجي پيرن تي بيهي رهون ۽ مخلصيء سان مسلسل محنت جي راهه اختيار ڪريون. هن وقت مگانگائي سان گڏ لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي جا وڏا مسئلا سامهون آهن. سنڌ ۾ بدامني عروج تي آهي خاص طور تي اتر سنڌ جي ڪجھ ضلعن ۾ ته ڄڻ ڌاڙيل اسٽيٽ بڻيل آهنم هر روز مسجين ماڻهو ڌاڙيلن هٿان اغوا ۽ قتل ٿي رهيا آهن. قبائلي جهيڙن سبب پڻ ماڻهن جو معاشي قتلام ٿي رهيو آهي. لکين نوجوان بيروزگار آهن. حڪومت ڀلي آءِ ايم ايف پروگرام تي خوشي ۾ دهل وڄائي پر حقيقت ۾ اڃان منزل ته تمام پري آهي. هن منزل تي پهچائڻ ۾ بهڀاسان جي حڪمرانن جڳن مهرڀانيون رهيون آهن جو ماضيء ۾ من پسند ۽ وڏن وڏن صنعتڪارن کي 3 ارب ڊالر قرض طور ڏئي پري پئسا معاف ٿيندا رگيا آهن جڏهن ته عام ماڻهوءڀکي مانيء لاء اٽو به ميسر ناهي. آء ايم ايف جي شرطن کي پاڙيندي اسان پنهنجي نسلن کي گروي رکي ڇڏيو پر هاڻي ساڳي آء ايم ايف وري ڪجھ مهربان ٿي آهي ته ان تي تحريڪ انصاف جيڪا حڪومت کان ٻاهر ويٺي آهي تنهن دعوي’ ڪئي آهي ته آء ايم ايف اسان جي پاڪستان لاء قرض منظور ڪيو آهي،پي ٽي آء جي دعوي’ موجب پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان ڊيل تحريڪ انصاف جي تائيد ۽ حمايت بعد ئي ميسر ٿي سگهي آهي. بحرحال اهي دعوائون پنهنجي جاء تي پر حڪومت جو مدو 14 آگسٽ تي مڪمل ٿي رهيو آهي جنهن بعد چٽا امڪان آهن ته آڪٽوبر يا نومبر ۾ چونڊون به ٿينديون،ان حواکي سان اليڪشن ڪميشن امڪاني طور تي ان جو اعلان ڪندي جنهن کان پوء صورتحال اڃان به چٽي ٿي ويندي. اليڪشن اچي سر تي چڙهي آهي جڏهن ته پي ٽي آء جي ناڪام پالياين ۽ هٺ ڌرمي ابب سندس انجام به ڏاڍو عبرتناڪ ٿيو آهي تنهن هوندي به هو جيتوڻيڪ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن پر پوء به دٿوي’ ڪن ٿا ته آء ايم ايف قرض به سندن ڪري ڏنو آهي وڏي ڳالھ اها آهي ته آء ايم ايف وٽان مليل قرض جي ڳالھ حڪومت ۽ پي ٽي آء طرفان وڏي ڌام ڌوم ۽ فخريا انداز ۾ ڪئي پئي وڃي ۽ هرڪوئي ڪتيڊٽ پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوششن ۾ مهو آه يور سوال اهو آهي ته آء ايم ايف جو قرض ملڻ اسان لاء فخر جي ڳالھ آهي يا فڪر جي!
اهو فڪر جو لمحو آهي يا فخر جو؟ اسان کي ان بابت سوچڻ گهرجي تت وياج تي ورتل قرض ملڪ کي پيرن تي بيهاريندا يا اڃان به هيٺ ڪيرائيندا؟ اسان لي ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن آء ايم ايف جو هي ملڪ قرضي نه هيو تڏهن ڪيتري خوشحالي هئي، جيتوڻيڪ هن وقت پاڙيسري ملڪ اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن ۽ اسان انهن کان پٺتي رهجي ويا آهيون پر ڄ کان ڪجھ ڏهاڪا سال پٺتي وڃبو ته صورتحال ڪجھ ٻي هئي. رعو صنعتي فيلڊ ۾ 90ع جي ڏهاڪي تائين پاڪستان انڊيا، نيپال، بنگلاسيش توڙي ٻين ڪافي ملڪن کان اڳتي هيو. ٽيڪسٽائل جي صنعت ۾ ته اسان کي ڪير به ماري نه سگهندو هيو، اسان جو رپيو به انهن کان مضبوط هو پر پوء آهستي آهستي صورتحال تبديل ٿيندي وئي، هب وقت اسين پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ هر جڳهه تي اوڌر وٺي رهيا آهيون ۽ آءِ ايم ايف کي منٿون ڪري رهيا آهيون، يعني هڪڙو وياج لاهڻ لاء ان کان به ٻيڻو وياج ڀري رهيا آهيون. ڪيترا ڀيرا اها ڳالھ دهرائي چڪا آهيون ته سوين قسم جي آمدن کام علاوه رڳو اربين ڊالر جي معدنيات هتي موجود آهي جنهن کي برآمد ڪري اسان ملڪ ۾ وڏي خوشحالي آڻي سگهون ٿا پر ايئن عملي طور ٿئي نٿو. هن وقت شهباز شريف ۽ عمران خان جنهن خبر تي هنبوشيون هڻي رهيو آهي سا اها آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالر قرض پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن لاء هن پاڪستاني سرڪار کي شرطن تي عمل ڪرڻ لاءِ پابند بڻائي ڇڏيو آهي. معاهدي موجب هڪ ارب ڊالر جي قسط فوري طور جاري ڪئي ويندي جڏهن ته 1.8 ارب ڊالر نومبر ۽ فيبروري ۾ ٻيهر جائزي بعد شيڊيول ڪيا ويندا، آءِ ايم ايف جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته پاڪستان کي طئي ٿيل پاليسين تي سختي سان پابند رهڻو پوندو، 9مهينن تي ٻڌل هي قرض پروگرام پاڪستان جي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ آهي، آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان لاءِ هي معاهدو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن مشڪل ٻاهريون ماحول، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ پاليسين ۾ نقصن جي ڪري پاڪستان جو مالياتي ۽ پرڏيهي خسارو ۽ مهانگائي وڌي وئي آهي ۽ مالي سال 2022-23ع ۾ مالياتي ذخيره پڻ گهٽ ٿيا آهن. هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 3 ارب ڊالر قرض پروگرام تحت پاڪستان کي طئي ٿيل هدفن تي عمل ڪرڻو پوندو، پاڪستان کي بجيٽ ۾ مقرر ڪيل هدفن تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي، پڌرائي ۾ اهوبه چيو ويو آهي ته پاڪستان کي ايڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ بيسڊ ڪرڻو پوندو، پاڪستان کي سخت مانيٽري پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، ادارن ۾ سڌارن ۽ توانائي شعبي لاءِ سڌارا ضروري ڪرڻا پوندا، پهرين قسط 1.2 ارب ڊالر ۽ باقي رقم ٻن قسطن ۾ جاري ڪئي ويندي، 1.8 ارب ڊالر ٻن ٽه ماهي جائزن سان مشروط هوندي. اهڙي ريت آء ايم ايف جي ملندڙ رام جي ڳالھ ٻڌي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ انويسٽ ڪندڙن ۾ پڻ هڪبدفعو ٻيهر ساھ پئجي ويو آهي ۽ ڊالر سان گڏ سون جي اگھ کي پڻ ڌڪ لڳو آهي پر وري وري ساڳيو سوال ذهن تي هٿوڙي وانگر ڌڪ هڻي رهيو آهي ته آء ايم ايف کان پني ورتل قرض اسان لاء خمفخر جي ڳالھ آهي يا فڪر جي؟

اپنا تبصرہ بھیجیں