آدمشماري جي نالي تي سنڌ کي لڳندڙ ڪاپاري ڌڪ.

ملڪ ۾ هلندڙ ڊجيٽل آدم شماريء بابت جيڪي خدشا مان گذريل ڪالمن ۾ ظاهر ڪري چڪو آهيان سي سڀ سچ ثابت ٿيڻ کان پوء سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ به سخت موقف کڻي سامهون آيو آهي. سندس موقف اچڻ کان پوء سنڌ جي 2017ع کانپوءِ 23ع واري آدمشماري سرڪاري سطح تي به تڪراري بڻجي وئي آهي. خميس واري ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سنڌ حڪومت پاران موقف ڏيندي چيو ته 68 لک سنڌ واسين کي ڳڻپ ۾ شامل ئي نه ڪيو ويو آهي، اهڙو الزام هڻندي هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سنڌ جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته آدمشماري جي نتيجن کي قبول نه ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو اهو به چوڻ هيو ته سنڌ جي اصل آبادي 6 ڪروڙ 44 لک کان وڌيڪ آهي، پر وفاقي حڪومت 5 ڪروڙ 76 ڳڻپ ۾ آندي آهي باقي ماڻهن جي ڳڻپ ئي ناهي ڪئي وئي. پر منهنجو ذاتي طور موقف اهو آهي ته سنڌ جي آباد ي جيڪا به هجي پر ڪراچيء جي آبادي هٿ سان وڌائي سنڌين ۽ پناهگيرن وچ ۾ توازن بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ٻين لفظن ۾ ته هن وقت اسان لاء اهو مسئلو ايڏو اهم ناهي ته سنڌ جي آبادي پوڻا ڇھ ڪروڙ آهي يا ست ڪروڙ آهي پر اسان جو اصل مسئلو اهو آهي ته ڪراچي جي آبادي ۽ باقي سنڌ جي آبادي ڪيتري آهي؟.
حڪومت پاران 2017 کانپوءِ وري 23ع ۾ پنجن سالن جي عرصي ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو مطلب ئي سائنٽيفڪ ڳڻپ ڪرائڻ هو، پر وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماء واتي روايت برقرار رکندي فيصلو ڪيو ته پنجاب کانسواءِ باقي پوري ملڪ ۾ 15 مئي کانپوءِ آدمشماري بند ڪئي ويندي. يعني سنڌ جي آبادي ان کان اڳتي قبول ناهي جڏهن ته پنجاب جي آبادي ۾ واڌ لاء ڳڻپ جاري رهندي. دراصل 9 مئي تي ٿيل وڳوڙن واري عمل کان پوء ملڪ جي سياسي ڊيموگرافي مڪمل طور تبديل ٿيڻ ڏانهن وڃي رهي آهي ۽ اسين اهڙي غير يقيني واري صورتحال ۾ سنڌ جي جياپي جهڙي اهڙي مسئلي يعني آدم شماري بابت غافل ٿي ويا آهيون.
ڪجھ ماڻهو سنڌ حڪومت تي بيجا تنقيد ڪتي رهيا آهن ته اها آدم شماري معاملي تي دير سان سجاڳ ٿي آهي پر حقيقت ۾ اها وقتائتي سجاڳ ٿي آهي ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت پاران جيئن ئي سنڌ ۾ ڳڻپ وارو عمل روڪي پنجاب ۾ جاري رکڻ جو فيصلو سامهون آيو آهي ته سنڌ حڪومت دانهون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن جيڪو سنڌ سان سڄڻپائي ظاهر ڪري ٿو.
آدم شماري جي انهيء ڳڻپ دوران ملڪ هن وقت انتهائي نازڪ دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. احتجاجن جي آڙ ۾ قومي اثاثن جي اهم ترين يادگارن کي ساڙيو ويو آهي، شهيد ڀٽو جي تعمير ڪيل چاغي جي يادگار، هڪ جنگي جهاز جنهن پنج ڀارتي جهازن کي ڪيرائڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو ۽ باباءِ قوم جي رهائشگاهه جيڪا هاڻي ڪور ڪمانڊر جي رهائشگاهه آهي، انهي کي ساڙيو ويو آهي، يقينن هي معمولي تشدد جس واقعا ناهن. حڪومت به اهٽن وڳوڙين سان حساب ڪتاب ڪرڻ لاء ميدان تي نڪتل آهي جنهن کان پوء پي ٽي آء ۾ ڀڃ ڊاھ شروع ٿي وئي آهي، ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته پي ٽي آء جو حشر ايم ڪيو ايم جهڙو ٿيڻ وڃي رهيو آهي پر منهنجي خيال ۾ ته اهو سڀ ڪجھ ايترو آسان به ڪونهي البته جن ڌرين پي ٽي آء جي گهوڙي کي پالي وڏو ڪيو انهن لاء اهو ضروري ٿي پيو آهي ته هاڻ ان گهوڙي کي لغام به وڌو وڃي. ان ڪري پاڻ ملڪي سياست تي ڳالهائڻ سان گڏ سنڌ جي سڀ کان اهم اشو آدمشماري تي ڳالهائينداسين ڇاڪاڻ ته آدمشماري ايندڙ دور ۾ سنڌ جي مالي حصي پتيء جو وسيلو هوندي. صوبن کي آباديء جي آڌار تي ئي اين ايف سي ايوارڊ ڏنو ويندو آهي، آخري اين ايف سي ايوارڊ پ پ حڪومت 2010ع ۾ سنڌ کي ڏنو، جيئن ته آدمشماري جو اثر اين ايف سي ايوارڊ تي پوندو آهي ان ڪري سنڌ حڪومت جو اهو موقف به آهي ته صوبي جي شهرين کانپوءِ هتي غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن کي به ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن قومي ۽ غير قانوني طور رهندڙن جي مجموعي آبادي جو پتو پئجي سگهي. سنڌ جي عوام وانگر سنڌ حڪومت به ساڳئي خيال جي آهي ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي هر ضلعي کي گهٽ ڳڻي ايندڙ نسل جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. سنڌ سان نا انصافين جو داستان پراڻو آهي، نه رڳو ناڻي جي معاملي ۾ سنڌ کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي پر نوڪرين جي ڪوٽا کان وٺي
سنڌو درياھ جو پاڻي چورائڻ تائين هر معاملي ۾ سنڌ جو استحصال ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ استحصال جي اها روايت جاري رکڻ توڙي ظلم جو ريشو وڌائڻ لاء هاڻ وري ڊجيٽل آدمشماري جي نالي تي نئين تياري ٿي رهي آهي. ملڪ اندر 16 مئي 2023 تائين ٿيل ڊجيٽل آدمشماري جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري طور تي انگ اکر سامهون اچي ويا آهن، جيڪي انتهائي ڇرڪائيندڙ آهن. 2017ع جي آدمشماري جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ 6 سالن بعد 2023ع ۾ ٿيل ڊجيٽل آدمشماري دوران سنڌ صوبي ۾ مجموعي طور تي آبادي ۾ 97 لک 25 هزار 204 ڄڻن جو اضافو ٿيو آهي، 2017ع جي آدمشماري ۾ ظاهر ڪيل آبادي جي مقابلي ۾ 2023ع دوران ڪراچي ڊويزن ۾ شامل ضلعن جي آبادي ۾ 29 لک 96 هزار، حيدرآباد ڊويزن ۾ شامل ضلعن جي آبادي 17 لک 15 هزار، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ شامل ضلعن جي آبادي ۾ 19 لک 53 هزار، ميرپور خاص ڊويزن جي آبادي ۾ 9 لک 10 هزار، شهيد بينظير آباد ڊويزن جي آبادي ۾ 10 لک هڪ هزار، سکر ڊويزن جي آبادي ۾ 11 لک 59 هزار جو اضافو ڏيکاريو ويو آهي جيڪو آباسي جي وڌندڙ رفتار جي حساب سان بنھ گهٽ آهي. شماريات کاتي جي ويب سائيٽ تي موجود انگن اکرن موجب 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جي مقابلي ۾ 2023ع ۾ ٿيل آدمشماري دوران سنڌ جي مجموعي آبادي ۾ ڪل 87 لک 25 هزار 204 جو اضافو ٿيو آهي، انگن اکرن مطابق 2023ع ۾ سنڌ صوبي جي ڪل آبادي 5 ڪروڙ 75 لک 79 هزار 714 ٿي وئي آهي، جڏهن ته 2017ع جي آدمشماري تحت سنڌ جي ڪل آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 ظاهر ٿي هئي. وري جيڪڏهن سنڌ جي باقي علائقن جو تفصيل سان جائزو وٺجي ته حيدرآباد ڊويزن جي 2017ع جي آدمشماري جي مقابلي ۾ مجموعي طور تي اضافو 17 لک 15 هزار 790 ٿيو آهي، جنهن بعد حيدرآباد ڊويزن جي ڪل آبادي هڪ ڪروڙ 23 لک 11 هزار 839 ٿي وئي آهي، وري حيدرآباد ڊويزن ۾ شامل ضلعن بدين جي آبادي 2017ع ۾ 18 لک 4 هزار 958 هئي، جيڪا 2023ع ۾ وڌي 20 لک 47 هزار 918 ٿي وئي آهي، دادو ضلعي جي 2017ع ۾ ڪل آبادي 15 لک 50 هزار 390 هئي، جيڪا وڌي 17 لک 64 هزار 704 ٿي وئي آهي، حيدرآباد ضلعي جي 2017 ۾ آبادي 21 لک 99 هزار 928 هئي، وڌي 26 لک 3 هزار 436 ٿي وئي آهي، ڄامشوري ضلعي جي آبادي 9 لک 93 هزار 908 مان وڌي 11 لک 72 هزار 589 ٿي وئي آهي، مٽياري ضلعي جي آبادي 7 لک 70 هزار 40 مان وڌي 8 لک 94 هزار 864 ٿي وئي آهي، سجاول ضلعي جي آبادي 7 لک 79 هزار 62 مان وڌي 9 لک 34 هزار 289 ٿي وئي آهي، ٽنڊو الهيار ضلعي جي آبادي 8 لک 38 هزار 527 مان وڌي 9 لک 83 هزار 193 تي پهتي آهي، ٽنڊو محمد خان ضلعي جي آبادي 6 لک 77 هزار 98 مان وڌي 7 لک 97 هزار 574 ٿي وئي آهي، ٺٽي ضلعي جي آبادي 9 لک 82 هزار 138 مان وڌي 11 لک 53 هزار 272 تي پهتي آهي. هوڏانهن 2017ع جي آدمشماري جي مقابلي ۾ 2023ع دوران ڪراچي ڊويزن جي آبادي ۾ رڳو 29 لک 86 هزار 195 جو اضافو ٿيو آهي. ڪراچي ڊويزن جي 2017ع ۾ آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک 24 هزار 894 هئي جيڪا 2023ع جي آدمشماري دوران وڌي هڪ ڪروڙ 90 لک 11 هزار 89 ٿي وئي آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي ڊويزن جي آبادي ۾ 19 لک 53 هزار 913 ڄڻن جو اضافو ٿيو آهي. اهڙي ريت ميرپورخاص ڊويزن جي آبادي ۾ 2017ع ۾ مقابلي 2023ع دوران رڳو 9 لک 10 هزار 516 ڄڻن جو اضافو ٿيو آهي، 2017ع جي آدمشماري تحت ميرپور خاص ڊويزن جي ڪل آبادي 42 لک 24 هزار 945 هئي، 2023ع دوران اها وڌي 51 لک 35 هزار 461 ٿي وئي آهي، جڏهن ته شهيد بينظير آباد ڊويزن جي آبادي ۾ 2017ع جي مقابلي ۾ 2023ع دوران رڳو 10 لک هڪ هزار 285 ڄڻن جو اضافو ٿيو آهي، 2017ع دوران شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ڪل آبادي 52 لک 75 هزار 426 هئي، جيڪا 2023ع دوران وڌي 62 لک 76 هزار 711 ٿي وئي آهي، اهڙي ريت سکر ڊويزن جي آبادي ۾ 2017ع جي مقابلي ۾ 2023ع دوران آبادي ۾ مجموعي طور تي 11 لک 59 هزار 103 جو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ 2017ع ۾ سکر ڊويزن جي آبادي 55 لک 42 هزار 270 مان وڌي 2023ع ۾ 67 لک هڪ هزار 373 ٿي وئي آهي. ان حساب سان سنڌ جي آبادي جيڪا مجموعي آبادي جي رفتار سان وڌي رهي آهي سان گهٽ ۾ گهٽ ست کان اٺ ڪروڙن وچ ۾ هجڻ کپي ها سا پوڻا ڇھ ڪروڙ ڏيکاري ان کي اتي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته پنجاب جي آبادي اڃان به وڌائڻ لاء اتي آدمشماري وارو عمل جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن مان وفاق جي نيت ۽ ارادن جو آساني سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. وفاقي دارلحڪومت ۾ ڀڃ ڊاھ واري سياست به عروج تي آهي، ان جهيڙي ۾ نه رڳو آدمشماري واري حوالي سان پر هر حوالي سان نقصان وري به سنڌ کي ڀوڳڻو پوندو. پي ٽي آءِ فوجي ٺڪاڻن تي حملن کانپوءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وئي آهي، ڪراچي مان ايم اين ايز سميت پنجاب مان استعيفائن جو سلسلو هلندڙ آهي. وفاقي وزير خواجه آصف دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جي 22 ايم اين ايز جو گروپ اچي رهيو آهي. چون ٿا ته پي ٽي آءِ جي 33 ايم اين ايز ۽ 43 ايم پي ايز پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنجاب مان پي ٽي آءِ ميمبر عامر ڪياني پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، عامر ڪياني اين اي 61 تان چونڊيل ايم اين اي ۽ پي ٽي آءِ جو ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل هو. ٻئي طرف پ پ اڳواڻ علي موسيٰ گيلاني دعويٰ ڪئي ته بلوچستان مسن به ڪيترائي پي ٽي آء اڳواڻ پارٽي ڇڏڻ لاء رابطي ۾ آهن. پي ٽي آء تي آيل ڏکيي وقت کان پوء ئي خبر پومدي ته هاڻي عمتان خان سان ڪير ڪير گڏ بيهن ٿا پر اها سموري ماجرا تڏهن برپا ٿي آهي جڏهن ملڪ جي اعلي’ عدالتن متضاد ۽ تڪراري فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا. ملڪ جي عدالتي ۽ سياسي ادارن جي جهيڙي ۾ سنڌ جي آدمشماري وارو ڪيس اٿارڻ تي يقينن سنڌ حڪومت جس لهڻي، ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سنڌ جون سموريون قوم پرست ۽ عوامي جهموري ڌريون آدمشماري واري اهم اشو تي پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪن.

اپنا تبصرہ بھیجیں